Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) جيڪي ميڙِ مُٺِيءَ کي، نَہ…
- (بيت) جَهلي تان نَہ رَھان، پَسَڻَ…
- (بيت) مُٺِي ٿِي مُدَعا گهُري، مَوتُ…
- (بيت) وَڍِي ٿِي وايُون ڪَري، ڪُٺَلِ…
- (بيت) وَڍِيءَ سي واڍوڙِئا رَتُ نَہ…
- (بيت) ڏُکِي ٿِي ڏَڌورَ، لھسِي لَنئُن…
- (بيت) ڏُکِي ڏُکُ مَٿي ڪَري، وانءُ…
- (بيت) ڏُکِي ڏِکَ وِسارِ، سيڄَ ڦِٽِي…
- (بيت) ڏُکِيءَ توءِ ڏُڪارُ، توڙي وَسَنِ…
- (بيت) ڏُکِيءَ توءِ ڏُڪارُ، سيڻَنِ ڏيھُ…
- (بيت) ڏُکِيءَ سَندِيُون ڌُونگَرِين، پَسو پِٽُون…
- (بيت) ڏُکِيءَ سَندِيُون ڏُونگَرين، آڌِي آھُون…
- (بيت) ڏُکِيءَ سَندِيُون ڏُونگَرين، اوڇِنگارُون اَچَنِ،…
- (بيت) ڏُکِيءَ سَندِيُون ڏُونگَرين، وَڻَ ٽِڻَ…
- (بيت) ڏُکِيءَ ڏِھاڻِيءَ، مَٿي مُٺِيءَ ھَٿَڙا،…
- (بيت) ڏِسَڻُ ڏِکان اَڳِرو، سَسُئِي آڻ…
- (بيت) ڪو جَو وَڍِيءَ وَڍُ، جِيئَن…
- (بيت) ڪَنھِن جَنھِن ڏُکان ڏي، پارانڀا…
- (بيت) ھَر دَمُ ھوتَ پُنهونءَ جو،…
- سُر معذوري جَي ڏُکِيءَ ڏک جو بيت
فردا مُنڌَ ڦِٽِي ڪِي، نَقدُ کَنيو نارِ،
ھِيءَ جا واڳَ وِلِهِيءَ جِي، ويرَ ڏي مَ وارِ،
جيڪِي مُٺِيءَ مارِ، جيڪِي ميڙِ مُٺِي کي.
رسالن ۾ موجودگي: 93 سيڪڙو
سمجهاڻي
سسئي سڀاڻي (قيامت ۾ ملڻ) وارو وعدو ڦٽو ڪري، اڄ جو اڄ، هينئر جو هينئر وارو نقد سودو قبول ڪيو. هن مسڪين عورت جي واڳ جيڪا تنھنجي هٿ ۾ آهي، تنھن کي دير سان هن طرف نہ موڙ. (منھنجو عرض آهي) يا تہ هن مئيءَ کي ماري ڇڏ يا هن مصيبت ۾ ڦاٿل کي پنھنجو وصال نصيب ڪر.
[شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ هونئن بہ روميءَ جي فڪر جو پڙاڏو آهي، پر ڪيترن بيتن ۾ مثنويءَ مان سڌا سنوان الفاظ بہ کڻي اچي ٿو.
صوفي ابن الوقت باشد اي رفيق،
نيست ’فردا‘ گفتن از شرط طريق.
(دفتر اول، ب- 133)
معنيٰ: سالڪ وقت سان گڏ هلي ٿو، اي ساٿي ’سڀاڻي‘ جي ڳالهہ ڪرڻ هن جي طريقي ۾ ڪونهي.
ٻيو بيت هن طرح آهي:
تو مگر خود مرد صوفي نيستي،
’نقد‘ را از نسيه خيز نيستي.
(دفتر اول، ب-134)
معنيٰ: پر شايد تون پاڻ صوفي سالڪ ناهين (تڏهن توکي خبر ناهي). اوڌر ڏيڻ سان نقد (روڪڙ) گم ٿي ويندي آهي.
رومي مثنويءَ ۾ ’نقد‘ جي سمجهاڻي هن طرح ڏني آهي، تہ ان کي مڇيءَ لاءِ پاڻي (سڀڪجهہ) سمجهو جيڪو هن لاءِ ماني بہ آهي تہ پاڻي بہ آهي، پوشاڪ بہ آهي تہ دوا بہ آهي. بلڪہ ننڊ ۽ آرام بہ اهو آهي.
ماهيان را ’نقد‘ شد از عين آب،
نان و آب و جامه دارو و خواب.
(دفتر ششم، ب- 4047)
معنيٰ: مڇين لاءِ پاڻي ئي نقد (سڀڪجهہ) آهي. هنن جو کاڌو پيتو، لٽو ڪپڙو، دوا درمل، سمهڻ ۽ جاڳڻ پاڻي ۾ آهي، بلڪہ خود پاڻي آهي.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سسئي، بيت نمبر : 60
فَرْدَا مُنْ ڤِٽِيْ ڪِيْ نَقْدُ کَيُوْ نَارِ﮶
هِيَ جَا وَاکَہ وِلِيَ جِيْ وٖيْرَمَ ڎٖيْ مَوَارِ﮶
جٖيْکٖيْ مُٽِيَ مَارِ جٖيْڪٖيْ مٖيْرِ مُٽِيَ کٖيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
फ़रदा मुन्ध फिटी की। नक़दु खंयो नारि।
हीअ जा वाग॒ विलिहीअ जी। वेरम डे॒ म वारि।
जेके मुठीअ मारि। जेके मेड़ि मुठीअ खे।
ROMAN SINDHI
Fardaa mundh'a phitti ki, naqad'u khhanyo naar'ay,
hee'a jaa waagg'a wilhi'a ji, wer'a dday ma waar'ay,
jeki muthhi'a maar'ay, jeki merr'ay muthhi khhay.
TRANSLATIONS
The woman has rejected the (credit for the) morrow and preferred immediate cash payment policy to meet the Beloved now. "Kindly do not detain and divert the reins of the miserable woman to cause delay (i.e. do not order delay in her case for reunion). It definitely rests with you whether to kill the wretched woman or allow her reunion."
دیگراں را وعدہ فردا بود
لیک او را نقد ہم اینجا بود
(Attar)
Others are placated with the promise (of union) on the morrow. But a true lover insists on the immediate (attainment or) payment here.
The maid has given up tomorrow for today,
In helping her, let there be no delay;
Either grant her union or give her death.
The woman discarded tomorrow, took cash with her,
Don't pull up rein of this miserable to delay her,
Either kill the wretch or let her get together with you.
سسئي تركت “غدا” وأخذت معها “الوقت الحاضر” حبل زمامها بيدك لاتتأخر فى شدها.
شدها بدون تأخير. أو أقتل هذه الكئيبة أو شرفها بلقائك وامنح عليها زيارتك.
اج تے رکھ بھروسا تیرا کل دی آس مکائی
واگ مری ہتھ تیرے پنوں تیں کیوں دیر لگائی
یاں تاں مار مُکا دے مینوں یاں گل لاویں آکے
بھول گئی میں وعدہ فراد، اب مانگو دیدار،
یوں مت ترسا برہن کو اب، درد دکھاجا یار،
یا تو جان سے مار، یا پھر وصل ہو سائیں!