Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) جيڪي ميڙِ مُٺِيءَ کي، نَہ…
- (بيت) جَهلي تان نَہ رَھان، پَسَڻَ…
- (بيت) فردا مُنڌَ ڦِٽِي ڪِي، نَقدُ…
- (بيت) مُٺِي ٿِي مُدَعا گهُري، مَوتُ…
- (بيت) وَڍِيءَ سي واڍوڙِئا رَتُ نَہ…
- (بيت) ڏُکِي ٿِي ڏَڌورَ، لھسِي لَنئُن…
- (بيت) ڏُکِي ڏُکُ مَٿي ڪَري، وانءُ…
- (بيت) ڏُکِي ڏِکَ وِسارِ، سيڄَ ڦِٽِي…
- (بيت) ڏُکِيءَ توءِ ڏُڪارُ، توڙي وَسَنِ…
- (بيت) ڏُکِيءَ توءِ ڏُڪارُ، سيڻَنِ ڏيھُ…
- (بيت) ڏُکِيءَ سَندِيُون ڌُونگَرِين، پَسو پِٽُون…
- (بيت) ڏُکِيءَ سَندِيُون ڏُونگَرين، آڌِي آھُون…
- (بيت) ڏُکِيءَ سَندِيُون ڏُونگَرين، اوڇِنگارُون اَچَنِ،…
- (بيت) ڏُکِيءَ سَندِيُون ڏُونگَرين، وَڻَ ٽِڻَ…
- (بيت) ڏُکِيءَ ڏِھاڻِيءَ، مَٿي مُٺِيءَ ھَٿَڙا،…
- (بيت) ڏِسَڻُ ڏِکان اَڳِرو، سَسُئِي آڻ…
- (بيت) ڪو جَو وَڍِيءَ وَڍُ، جِيئَن…
- (بيت) ڪَنھِن جَنھِن ڏُکان ڏي، پارانڀا…
- (بيت) ھَر دَمُ ھوتَ پُنهونءَ جو،…
- سُر معذوري جَي ڏُکِيءَ ڏک جو بيت
وَڍِي ٿِي وايُون ڪَري، ڪُٺَلِ ڪُوڪاري،
ھُنَ پَنَ پانھِنجا سارِئا، ھُوءَ ھَنجُهون ھَڏَنِ لَئي ھاري.
رسالن ۾ موجودگي: 93 سيڪڙو
سمجهاڻي
(نڙ يا بانسري) ڪپيل ٽاري لاتيون پيئي ڪري ۽ هيءَ (سسئي قرب ۽ فراق ۾) ڪٺل دانھن مٿان دانھون پيئي ڪري. (درحقيقت) هن نڙ واري ٽاريءَ پنھنجا (اصلي) پن ياد ڪيا آهن ۽ هيءَ (سسئي) وري هوتن (محبوبن) کي ياد ڪري ڳوڙها پيئي ڳاڙي (لڙڪ پيئي لاڙي).
[هن بيت جي خاص اهميت اها آهي جو شاھ جي رسالي جو پھريون مڪمل نسخو جنھن کي ’گنج‘ چيو ويو ۽ جيڪو 1207 هجريءَ ۾ يعني شاھ لطيف جي وفات کان 45 سال پوءِ لکيو ويو ۽ جيڪو سر سسئيءَ سان شروع ٿئي ٿو، هيءُ ان جو پھريون بيت آهي، يعني شاھ جي ڪلام جي ابتدا هن بيت سان ڪئي ويئي آهي.
هيءُ بيت دراصل مولانا روميءَ جي جڳ مشھور ’مثنوي معنوي‘ جي شروعات واري پھرئين بيت سان تمام گهڻي مناسب رکي ٿو، جيڪو هن ريت آهي:
بشنو از ني چون حکايت مي کند،
از جدائيها شکايت مي کند.
معنيٰ: نڙ يعني بانسريءَ کي ٻڌ جو پنھنجو قصو ٿي بيان ڪري، هوءَ پنھنجي جدائي يا فراق جي دانھن ٿي ٻڌائي.
هتي هيءَ ڳالهہ قابل توجھ آهي تہ شاھ جي هن ٻن سٽن واري بيت ۾ هڪ جي بجاءِ ٻہ استعارا (Double Allegory) آهن. هو هڪ طرف نڙ کي پنھنجي اصل کان ڪپجي جدا ٿيڻ جي حالت ۾ سوز واري آواز ڪڍڻ جو سبب ڄاڻائي ٿو، تہ وري ٻئي طرف سسئيءَ کي پنھنجي محبوب جي فراق ۾ دانھون ڪندي ۽ هنجهون هاريندي ڏيکاري ٿو.
سڀ وڏا شارح ان تي متفق آهن، تہ نڙ مان مراد انساني روح آهي ۽ ان جو فراق ميثاق کان شمار ڪن ٿا ۽ هن ڌرتيءَ تي روح جي اچڻ جو مقصد پنھنجي اصل ڏانھن موٽڻ جي ڪوشش ۽ جستجو آهي.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سسئي، بيت نمبر : 1
وَڊِيْ ٿِيْ وَايٌ ڪَرٖيْ ڪُٽَلِ ڪُوْڪَارٖيْ﮶
ھُنَ پَنَّ پَاھِجَا سَارِئَا ھُوْءَ ھَنجٌ ھَڎَنِ لَىءِ ھَارٖيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
वढी थी वायूं करे। कुठलि कूकारे।
हुन पन पांहिंजा सारिआ। हूअ हन्झूं हड॒नि लए हारे।
ROMAN SINDHI
WaD'ey theiy wa'ayon ka'rey, kuthal'l kooka'arey,
Hun'a pa'nn peh'nJa saari'aa, hoo'a hanjhoo'n hadan'ay la'ay haaray.
TRANSLATIONS
What has been dismembered from a tree, wails for reunion with it; and what has been afflicted (or separated from the Beloved) cries for reunion with the latter. The former sorrowfully recollects its disconnected foliage, and the latter mourns his separation from the dear one.
بشنو از نی چوں حکایت می کند
وز جدائیہا شکایت می کند
(Roomi)
Hear (sympathically) the story that the reedy windpipe narrates to you; and it complains of separation from its original reed-bush.
The flute cut from trees, wails, the wounded one cries,
This one recollects its green shades, that one's tears for her love rise.
The cutup plays plaintive notes, the chopped cries,
One remembers its foliage, the other sheds tears for the beloved.
قصب مقطوع من شجرة (النأي) يغني ويشدوا ويحنوا وسسئي مقتولة آلام الحب تنوح وتصرخ والمزمار يذكر أماكنها الخصبة والنضرة وعيون سسئي تدمع دموعا حارة لحبيبها.
كما قال فيه: فتزحزحت أجفانها، عن دمعة القلق السكيبة.
ونجھلی سسی دونویں رل کے رون دین دُہائی
اِک رکُھوں وڈھی تے دوجی بیٹھی ہوت گوائی
نالہء نے کی مانند وہ بھی، کرتی تھی فریاد،
نے کی صورت اپنے شجر کو، کرتی تھی وہ یاد۔