Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَڃا ڪي آھِينِ، جيسَرَمِيرِياڻِيُون جَڳَ…
- (بيت) تَنِ جيسَرَمِيرِياڻِنِ جَسُ، جٖي لِلهِ…
- (بيت) تَنِ جيسَرَمِيرِياڻِنِ جَسُ، جٖي لِلهِ…
- (بيت) جيسَرَمِيرِياڻِيُون جَڳَ مان، لَڏي وَيُون…
- (بيت) جيڪي لَنڊِي ٿِيءُ، نَہ تَہ…
- (بيت) جَڏائِيءَ جو جامُ، ڏِنائُون ڏُکِيءَ…
- (بيت) دَردُ نَہ لَھي دارُوئين، زُلفَ…
- (بيت) راتِيين روءِ رَتَ ڦُڙا، مُنڌَ…
- (بيت) سَتِي سِيڏائي، لَنڊِي ٿِي لاڏَ…
- (بيت) لَنڊِيُون لَکَ جِيَنِ، جٖي ڏِينِ…
- (بيت) لَنڊِيُون لَکَ جِيَنِ، جٖي ڏِينِ…
- (بيت) لَنڊِيُون ھِنَ لوڪَ ۾، مَرُ…
- (بيت) لَکَڻَ جٖي لَنڊنِ جا، لوڪُ…
- (بيت) ٻَھران ٻِي ٻِيَن سين، مَنجِهہ…
- (بيت) پَرِيندي پاڻُ وِئو، زُلفَ زورُ…
- (بيت) ڀَنڀو جو ڀَنڀورُ ۾، ڪاڪُل…
- (بيت) ڏِسَڻَ ڪَرَ ڏارِي، اَندَرِ سَتِي…
- (بيت) ڏِينھان ڏارِيءَ روءِ، راتِيان روءِ…
- (بيت) ڏِيھان ڏارِيءَ ويسِ، راتِيين روءِ…
- (بيت) ڪاڪُلَ ڪُٺِي جَا، ڪَفَنُ تَنھِن…
- (بيت) ھاڻِ جِيئان جيڏِيُون، زُلفَ زافُ…
- سُر معذوري جَي ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون جو بيت
ٻَھران واھَ وِڙَنِ سين، اَندَرِ مُنڌَ ماتامُ،
سَسُئِيءَ سُوٽي ڪَڍِئا، تَعَلُقَ سَڀَ تَمامُ،
نِئُسِ نِينھَن نِيامُ، ڏِسَنِ ڏارِيءَ ويسَ ۾.
رسالن ۾ موجودگي: 45 سيڪڙو
سمجهاڻي
سسئيءَ جي ظاهري روش ڏاڍي اڍنگي ۽ عجيب هئي، پر سندس اندر ۾ هر وقت محبت جو ماتم پئي هليو. آخر هن سوچي سمجهي ٻيا سڀ تعلق ۽ واسطا ختم ڪيا. محبت جي شدت سندس سڀ ڍڪ ۽ پردا پاسي ڪري ڇڏيا (کيس بي ادب بڻائي ڇڏيو) ۽ هوءَ حياء، شرم کان عاري عورت ڏسڻ ۾ پئي آئي (هر ڪنھن کيس آواره ۽ اوباش عورت ٿي سمجهيو).
[روميءَ ان ڪيفيت جي ترجماني هن ريت ڪئي آهي:
لنگ لوک و خفت شکل و بي ادب،
سوي اومي غز و اورا مي طلب.
گه بگفت و گه بخاموش و گه،
بوئي کردن گير هر سو بوئي شه.
(دفتر سوم، ب- 988 ۽ 81)
معنيٰ: منڊڪائيندو ڌڪا کائيندو، اوجاڳا ڪندو، زماني جو خيال نہ ڪندي بہ سڄڻ ڏانھن هلندو رھ ۽ هن جي طلب تان هٿ نہ کڻ. ڪڏهن دانھون ڪندي، ڪڏهن خاموش رهندي ۽ ڪڏهن صرف نڪ سان سنگهندي هن محبوب ڏانھن وک وڌاءِ!]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سسئي، بيت نمبر : 199
ٻَهْرَا وَاہَ وِرَنِس﮼ اَندَرِ مُنڌَ مَاتَامُ﮶
سَسُئِيَ سُوْٽِيْ ڪَڊِئَا تَعَلُقَ سَڀِ تَمَامُ﮶
نِئُسِ نِيْهَ نِيَامُ ڎِسَنِ ڎَارِيَ وٖيْسَم﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
ब॒हरां वाह वड़नि सें। अन्दरि मुन्ध मातामु।
ससुईअ सूटे कढिआ। तअलुक़ सभि तमामु।
निउसि नींहं नियामु। डि॒सनि डा॒रीअ वैस में।
ROMAN SINDHI
Bahraa'n waah'a wirran'ay see'n, andar'ay mundh'a maataam'u,
Sassui'a sootti kadhhi'aa, ta'luq'a sabh'a tamaam'u,
Ni'us'ay neenh'a niyaam'u, ddisan'ay ddaari'a wes'a mayn.
TRANSLATIONS
In the eyes of the world, she presents herself as ordinary, yet within, she mourns profoundly. "Sassui", having assessed all her relations, nurtured them with love. She cast aside her own veil and emerged adorned in the attire of a concubine, all for the sake of her love.