Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَچي اُجهايو آڳِ کي، پَتَنگَنِ…
- (بيت) پَتَنگَ رَءِ رَچَنگَ، آڳِ پَسِي…
- (بيت) پَتَنگَنِ پَھُ ڪَري، اَچِي اُجهائِي…
- (بيت) پَتَنگُ چائِين پاڻَ کي، اَچِي…
- (بيت) پَتَنگُ چائِين پاڻَ کي، پَسي…
- (بيت) پَتَنگُ چائِين پاڻَ کي، ڄيري…
- (بيت) پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سائُو سَڀَ…
- (بيت) پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سِري سَھائيءَ…
- (بيت) پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سِري وَٽِ…
- (بيت) پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سِرِي سَھائيءَ…
- (بيت) پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سِرِي سَھائيءَ…
- (بيت) پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سِرِي سَھائيءَ…
- (بيت) پُرِي پَتَنگَ آئِيا، مَٿي مَچَ…
- (بيت) پُڇُ پَتَنگَنِ کي، سَندِيُون کامَڻَ…
- (بيت) چَڙِهئو چَڪاسِينِ چاھِ، آڳِ ٻَرَندِيءَ…
- (بيت) کاڻا کُوري وِچَ ۾، وِئا…
- سُر يمن ڪلياڻ جَي پتنگ ۽ باھ جو بيت
پَتَنگَنِ پَھُ ڪِئو، مِڙِئا مَٿي مَچَ،
پَسِي لَھَسَ نَہ لِچِئا، سَڙِئا مَٿي سَچَ،
سَندا ڳِچِنِ ڳَچَ، ويچارَنِ وِڃائِيا.
رسالن ۾ موجودگي: 105 سيڪڙو
سمجهاڻي
پروانن (سچن عاشقن محبوب مٿان قربان ٿيڻ جو) پڪو عزم ڪيو ۽ اچي مچ مٿان گڏ ٿيا. هو ٻرندڙ باھ جي تپش جي ڪري ٿورڙو بہ هيڏانھن هوڏانھن ڪونہ ٿيا، بلڪ سچي محبت جي باھ ۾ سڙي پورا (فنا) ٿي ويا. هنن اهڙيءَ طرح (محبت جي راھ ۾) پنھنجي سرن جي قرباني ڏيئي ڇڏي.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود ڪلياڻ و جمن، بيت نمبر : 1107
پَتَنکَنِ پَهُ ڪِئُوْ مِرِئَا مَٿٖيْ مَچَہ﮶
پَسِيْ لَھْسَ نَلِچِئَا سَرِئَا مَٿٖيْ سَچَہ﮶
سَندَا کِچِنِ کَچَہ وٖيْچَارَينِ وِڃَائِيَا﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
पतंगनि पहु किओ। मिड़िआ मथे मच।
पसे लहस न लिचिआ। सड़िआ मथे सच।
सांदा गि॒चिनि ग॒च। वेचारनि। विञाइया॥
ROMAN SINDHI
Patangan pah'u kiyo, mirrya mathe mach'a,
Pasee lahas'a na lichiya, sarriya mathe sach'a,
Sanda ggichin ggach'a, wecharan winjaaya.
TRANSLATIONS
The moths planned and met at the blaze. They felt its heat but they never wavered. They burnt themselves in it for the Reality. Poor moths! They lost their lives.
Moths united, gathered over the blazing fire,
Heat unnerved them not for truth's sake they scorched,
Many necks were lost, consumed in fire's wrath.
The moth determined and gathered over the blaze,
Approaching it they burnt themselves over the truth,
The unfortunate lost their necks.`
الفراش تصممت واحتشدت واجتمعف على شعلة
رأت ولعة وشدة الضوء ولم تهتزو لم تترددّ!
ولاكن حرقت وأصرمت أنفسها فى سبيل الصدق والوفاء وضيعت وأفنت رؤسها.
ھجوم انداز پروانہ، سوئی شعلہ شتابیدند
تپش اندوز گردیدند و جسم و جان فدا کردند
وفاداری بہ شرطِ استواری ھمچنین باشد
سر تسلیم خم کدہ حیات از خود فنا کردند
پتنگیاں رل متا پکایا کٹھے لاٹ تے ہوئے
لگا سیک نا پِچھے پرتے چوٹی تے سڑ موئے
لکھاں ہی سر وارے ایداں لگی توڑ نبھائی
ابھی کچھ جمع پروانے ہوئے تھے وصالِ شمع کی ٹھانے ہوئے تھے
کوئی ان سوختہ جانوں سے پوچھے رخِ تاباں پہ دیوانے ہوئے تھے
پروانوں نے موت کی ٹھانی، دیکھ کے روشن باٹی،
سانچ کی آنچ سے ذرا نہ جھجکے، جھوم کے جان جلادی،
خاک ہے اُڑتی پھرتی بیچارے پروانوں کی۔
ھِن سُر جي راڳ بابت
يمن ڪلياڻ: شاستري سنگيت جو ھڪ راڳ
ٺاٺ: ڪلياڻ
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: ني، ري، گا، ما، پا، ما، ڌا، ني، سا
آوروھا: سا، ني، ڌا، پا، ما، گا، ري، سا
ھن راڳ جو وادي سر ”گا“ ۽ سموادي سر ”ني“ آھي.
(ھن راڳ جا سڀ سر تيور ۾ آھن)