Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر سريراڳ جَي وايون جي وائِي
پُڇان ٿِي توکي پانڌِي، ڪِٿي پِريان جا پَکَڙا،
جِتان جَتَنِ لَڏِئو، پَکَي ڇَڻِئا پَنَ،
جَرُ موتِيءَ جِيئَن ھارِئو، مُنھِنجي ھِينئَڙي ڀَڳا ڀَنَ.
رسالن ۾ موجودگي: 42 سيڪڙو
سمجهاڻي
آءٌ توکان پڇان ٿي، واٽ ويندڙن کان پڇان ٿي، او منھنجا هادي ۽ رهبر! آءٌ توکان پنھنجي پرينءَ جي ماڳ ۽ هنڌ بابت پڇان پيئي تہ اهو ڪٿي آهي؟ اهو ماڳ جيڪو هو مٽي ويا آهن، اتي پکن جا پن، ذرا ذرا ٿي ڇڻي ڪريل آهن. اهو نظارو ڏسي منھنجي اکين مان موتين مثل لڙڪ جاري آهن ۽ منھنجي دل جون سموريون خوشيون موڪلائي ويون آهن.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود راڳ، بيت نمبر : 1441
پُڇَان ٿِيْ تُوْکٖين پَانڌِيْ ڪٖيْٿٖيْ پِرْيَانجَا پَکَرَا﮶
جِتَا جَتَنِ لَڎِئُوْ پَکٖيْ ڇَنِئَا پَنَ﮶
جَرُ مُوْتِيْ جِنْ هَارِئُوْ مُھْجٖيْ هِيَرٖيْ ڀَکَا ڀَنَ﮶
ھِي وائي ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
पुछां थी तोखे पांधी। किथे प्रियां जा पखड़ा।
जितां जतनि लडि॒ओ। पखी छणिआ पन।
जरु मोतिन जीअं हारिओ। मुंहिंजे हींअड़े भगा॒ भन।
ROMAN SINDHI
puchhaa'n thi tokhhay paandhi, kithay piryaa'n jaa pakhharraa,
jitaa'n jatan'ay laddi'o, pakhhay chhanni'aa pan'a,
jar'u moti'a jee'en haari'o, munhinjay heen'array bhaggaa bhan'a.
TRANSLATIONS
داستان اندر ٻيو اندراج
- (وائِي) جاڳِي يارا جيڏِيُون پاڻُ پَرَنِجي،…
- (وائِي) ساٿِيَنِ نَنڌا بارَ، تَنِ پانڌِيَنِ…
- (وائِي) عُمِرِ سَڀَ عَبَثُ، وَقتَ وِڃايَمِ…
- (وائِي) مُون مَريِندا لَڪَ يا والِي…
- (وائِي) مُون ۾ تُون مَوجُودُ، آئُون…
- (وائِي) ڪوڙيِين ڀالَ ڪَرِيمَ، ڪَرِ سَھِسين…
- (وائِي) ڪيرُ چُوندو ڪو نَہ چُوندو،…
- (وائِي) ڪَنڌِي سارِيان ڪانَہ، يا اَمُنَ…
- (وائِي) ڪِئان لَھَندِي سي، يا اَلا…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت

سريراڳ: شاستري سنگيت جو ھڪ مکيہ راڳ
ٺاٺ: پوربي (پوروا)
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: سا ري ما پا ني سا
آوروھا: سا ري ني ڌا پا ما پا ڌا ما گا ري سا
ھن راڳ جو وادي سر ”رکب“ ۽ سموادي سر ”پنڇم“ ٿئي ٿو.
ھن راڳ جو وادي سر ”گا“ ۽ سموادي سر ”ني“ آھي.
