Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر سريراڳ جَي وايون جي وائِي
مُون ۾ تُون مَوجُودُ، آئُون اَسُونھِين آھِيان.
ماڻُهنِ جي موٽَڻَ جو، سائِينءَ ھَٿِ سُجُودُ،
جيلاھَ رَسِئا بُودَ کي، تيلاھَ ٿِئا نابُودُ،
اَکڙِيُون اَکَڙِيُنِ کي، سِڪِئو ڪَنِ سُجُودُ،
اِنَ دَرِ سيئِي اَگهِئا، جَنِ وِڃايو وُجُودُ.
رسالن ۾ موجودگي: 73 سيڪڙو
سمجهاڻي
(اي محبوب) مون ۾ (منھنجي اندر ۾) تون موجود آهين (سدائين وسين ٿو)، پر آءٌ (پاڻپڻي) جي ڪري توکان پري آهيان (توکان جدا آهيان). ٻي معنيٰ: آءٌ همت ۽ حوصلي سان اڳتي آهيان. (ن. ب)
جيتوڻيڪ اهو (اصلي) قرب اهڙو آهي جو اکيون اکين سان ملي نوڙي سلام پيون ڪن. حقيقت اها آهي تہ جيڪي پاڻ کي نابود (فنا) ڪن ٿا، اهي ئي بود (بقا) حاصل ڪن ٿا. انهيءَ در تي (الله جي حضور ۾) اهي ئي قبول پون ٿا، جيڪي پنھنجي وجود ۽ هئڻ تان هٿ کڻن ٿا.
[هن وائيءَ ۾ مثنوي روميءَ جي ان ننڍي آکاڻي وارو فڪر شامل آهي جنھن مطابق جڏهن هڪ عاشق پنھنجي محبوب جو دروازو کڙڪايو تہ هن اندران پڇيو ”ڪير آهي“؟ عاشق جواب ڏنو ”آءٌ‘(فلاڻو). محبوب جواب ڏنو پوءِ تون موٽي وڃ ڇو تہ هتي ٻن مان (آءٌ) جي جاءِ ناهي. ڪجهہ عرصي کان پوءِ عاشق کي اها ڳالهہ سمجهہ ۾ آئي ۽ هن واپس اچي در کڙڪايو، محبوب پڇيو ’ڪير؟‘ عاشق چيو، ’تون‘(مان نہ)، محبوب چيو تہ هاڻي ڀلي هليو اچ، رومي چوي ٿو:
گفت اکنون، چون مني اي من در آ،
نيست گنجاي دو من در يک سرا.
(دفتر اول، بيت- 3063)
معنيٰ: تڏهن محبوب چيو هاڻي ’تون‘ مان آهين تہ ’مان‘ وٽ هليو اچ. ڇو تہ هڪ جاءِ ۾ ٻہ ’مان‘ نٿا ماپي سگهن.
هن وائيءَ جي ٻئي بيت لاءِ روميءَ جو هيءُ شعر ڏسو:
ديدن ديده فزايد عشق را،
عشق در ديده فزايد صدق را.
(دفتر دوم، ب-3231)
معنيٰ: اکين جو نظارو عشق کي وڌائي ٿو. عشق ئي دل ۾ ان نظاري کي سچو ڪري ڏيکاري ٿو.
هن مطلب وارو ٻيو شعر هن ريت آهي:
ديده تو چون دلم را ديده شد،
شد دل ناديده غرق ديده شد.
(دفتر دوم، ب- 99)
معنيٰ: جڏهن تنھنجون اکيون منھنجي دل جون اکيون بڻيون تڏهن منھنجي بي نور دل کي اکين جو نور ملي ويو.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود راڳ، بيت نمبر : 1364
مُنْم﮼ تُنْ مَوْجُوْدُ آَءٌ اَسُنْهٍ آھِيَان﮶
مَارُنِ جٖيْ مُوٽَنَ جُوْ سَائِيَ ھَٿِ سُجُوْدَ﮶
سٖيْئِيْ رَسِئَا بُوْدَ کٖيْ جٖيْلَا ٿِئَا نَابُوْدُ﮶
اَکَرِيٌ اَکَرِيُنْکٖيْ سِڪِئُوْ ڪَنِ سُجُوْدُ﮶
اِنَ دَرِ سٖيْئِيْ اَکِئَا جَنِ وِڃَايُوْ وُجُودُ﮶
ھِي وائي ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
मूं में तूं मौजूदु। आउऊं असूंहीं आहीअन।
माणुहनि जी मोटण जो। साइईंअ हथ सुजूदु।
जयलाह रसिआ बोदि खे। तयलाह थिआ नाबूदु।
अखड़ीऊं अखड़ीउनि खे। सिकिओ कनि सुजूदु।
इन दर सीइई अगहिआ। जिनि विञायो वुजूदु॥
ROMAN SINDHI
Moon men toon moujood, aaoon asoonheen aahiyan,
ManRhun jy motanR’a jo, Saeen hath’e sajood,
AkhRiyoon akhRiyun khe, sikyo kann sujood,
Jelah’a rasiyaa bood’s khe, telaah’a thiya nabood
Enhan dar’e sy’ee aghya, jan’e winJayo wajood.
TRANSLATIONS
O Allah! You are ever present in my mind, but (due to ego) I have drifted away from you. (I have hardly realized it due to worldly preoccupations, Besides) I have no guide to lead me correctly.
My eyes longingly look in the direction of those of the Beloved and they prostrate before them.
Since they annihilated themselves they became immortal. It entirely rests with Allah to create in human beings, the tendency to offer prostration and repentance.
Note: Tobah is an Arabic word. It means ‘to return from the distant, to the near - to the dictates of the conscience. It is an effort of the conscience to rehabilitate itself.
Only those persons would be approved by Allah who have neutralized themselves.
سعدیا دوست نہ بینی و بوصلش نہ رسی
مگر آنکہ تو خود را مقداری نہ نہی
(Saadi)
O Saadi! You shall not behold the friend, nor attain to union with Him unless you consider yourself absolutely worthless.
You are in me, I am a naïve, Man's return to God and prostration before Him is in Lord's hands,
They reached existence who became nonexistent,
The eyes with deep love prostrate before the eyes,
They all were approved at this door who lost their existence.
تُوئی موجود لاشک در وجُودِ مَن
منم نا آشنائیِ محض ای جانَم
مُحبّت چُون صدا دادہ بیکدیگر
نگاہ ما بہ سجدہ مَحوہ شد باہم
بہ نیکا رحمتِ او رہنما باشد
بہ راہ راست آرد گُمرہان را ہم
رسد آن بی سر و پا بود را آخر
سراپا چون شود نابود از سالم
ازین درگاہ عالی داددہ دائم
میرے اندر وسدا پریتم مینوں خبر نہ کائی
مینوں خبر نہ کائی مول نا سوجھی آئی
سجدے کراں اوس دے اگے، نین نین وچ پائی
مینوں خبر نہ کائی مول نا سوجھی آئی
جے نا ہستی میٹی جاوے نا مت ملیا جائی
مینوں خبر نہ کائی مول نا سوجھی آئی
ساڈی توبا بخشش اوس دی دیوے حکم رضائی
مینوں خبر نہ کائی مول نا سوجھی آئی
جو "میں" مارے ہُندے اوسدی اوہدے گھریں رسائی
مینوں خبر نہ کائی مول نا سوجھی آئی
مجھ میں تو موجود، میں تو ہوں نادان
مہر ہو جب جب گمراہوں پہ، آن کریں وہ سجود،
بھید بقا کا پا گے، ہوگئے جو نابود،
پریت کے مارے اِن نینن کے، نین تیرے مسجود،
وہ ہی تیرے دوار پہ پہنچے، بھول گئے جو وجود۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (وائِي) جاڳِي يارا جيڏِيُون پاڻُ پَرَنِجي،…
- (وائِي) ساٿِيَنِ نَنڌا بارَ، تَنِ پانڌِيَنِ…
- (وائِي) عُمِرِ سَڀَ عَبَثُ، وَقتَ وِڃايَمِ…
- (وائِي) مُون مَريِندا لَڪَ يا والِي…
- (وائِي) پُڇان ٿِي توکي پانڌِي، ڪِٿي…
- (وائِي) ڪوڙيِين ڀالَ ڪَرِيمَ، ڪَرِ سَھِسين…
- (وائِي) ڪيرُ چُوندو ڪو نَہ چُوندو،…
- (وائِي) ڪَنڌِي سارِيان ڪانَہ، يا اَمُنَ…
- (وائِي) ڪِئان لَھَندِي سي، يا اَلا…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت

سريراڳ: شاستري سنگيت جو ھڪ مکيہ راڳ
ٺاٺ: پوربي (پوروا)
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: سا ري ما پا ني سا
آوروھا: سا ري ني ڌا پا ما پا ڌا ما گا ري سا
ھن راڳ جو وادي سر ”رکب“ ۽ سموادي سر ”پنڇم“ ٿئي ٿو.
ھن راڳ جو وادي سر ”گا“ ۽ سموادي سر ”ني“ آھي.
وڊيو سيڪشن
Allan Fakir
Source: Culture Department - Youtube
Sufi Qalandar Buksh Fakir
Source: AA Production
The Sketches Maujood
Source: The Sketches - Youtube
