ھِن بيت جا مُکيہ اِسم
Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَڳِينءَ جان آئُون، جَرِ پَلَئُہ…
- (بيت) توڙي تَوائِي، توءِ تُنھِنجي آسِري،…
- (بيت) تَنَ ۾ طَراَزَ توھَ جِي،…
- (بيت) جوڙي جُنگَ جِھازَکي، ڀورا تُون…
- (بيت) جَنِي جي جَھازَ کي، سَڳو…
- (بيت) جُتو وانءُ جَھازَ، گَڏِئو غُرابَنِ…
- (بيت) جُهونُو ٿِئو جَھازُ، سَٽَ نَہ…
- (بيت) جِتي وَنجَهہ نَہ واھَ، چُپا…
- (بيت) دُنِيا سَڀَ دَرياھُ، ڪو ڪو…
- (بيت) سامُونڊِي ٿو سَنبَھين، ساڄو جَهلِ…
- (بيت) سوداگَرَ سَمُنڊَ جا، لاڄُو لالَ…
- (بيت) ناکُئو نِگَھِبانُ، مُعلِمَ مُجي خَبَرُون،…
- (بيت) وِساڻُو سو واءُ، جَنھِن ڀَرِ…
- (بيت) وچِينءَ جان ويھِي، جَرِ پَلَئُہ…
- (بيت) گهاتُو گهڻيئِي ھُئا، مَٿي ھِنَ…
سُر جا ٻيا داستان
- سُر سريراڳ جَي جيون ۽ جھاز جو بيت
جِتي لَهِرِنِ لَکَ، ڪَنِ ڪَرڳَلُ پاڻَ ۾،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، رَبَ تُنھِنجِي رَکَ،
ڪُڄاڙو ڪَکَ، ڀَرُ جَهلِيندا ڀيڙِ جو.
رسالن ۾ موجودگي: 14 سيڪڙو
سمجهاڻي
مھا ساگر ۾ جتي لکين لهرون پاڻ ۾ (ٽڪرائجي) وڏا خوفناڪ آواز پيون ڪن، اتي (انهيءَ ڏکيءَ مھل) عبداللطيف چوي ٿو تہ اي مالڪ، تون ئي منھنجو بچائيندڙ آهين (مان تنھنجي پناھ ۾ آهيان). باقي هي ڪک ڪانا (ڪکن مان ٺهيل هيءَ ڪمزور ٻيڙي) ڪيترو بچاءُ ڪندا يا (پاڻيءَ جو) زور برداشت ڪري سگهندا؟ (مان تنھنجي توھ ۽ آسري تي آهيان).
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
जिते लहिरिनि लख। कनि करग॒लु पाण में।
उते अब्दुल्लतीफ़ु चए। रब तुंहिंजी रख।
कुजा॒ड़ो कख। भरु झलींदा भीड़ि जो।
ROMAN SINDHI
Jite lahrin lakh'a, kan karggal'u paann'a me,
Ute Abdul Latif'u chae, Rab'a tuhinji rakh'a,
KuJhharro kakh'a, bhar'u Jhaleenda bherr jo.
TRANSLATIONS
ھِن سُر جي راڳ بابت
سريراڳ: شاستري سنگيت جو ھڪ مکيہ راڳ
ٺاٺ: پوربي (پوروا)
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: سا ري ما پا ني سا
آوروھا: سا ري ني ڌا پا ما پا ڌا ما گا ري سا
ھن راڳ جو وادي سر ”رکب“ ۽ سموادي سر ”پنڇم“ ٿئي ٿو.
ھن راڳ جو وادي سر ”گا“ ۽ سموادي سر ”ني“ آھي.