Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) تو جَي ھُئَڙو سُورُ، ڪَنڊا…
- (بيت) تو جَي ھُئَڙو وَڍُ، ڪَنڊا…
- (بيت) جَڏھِن ڍاڳِي ڍورُ، ٻَئِي وَھَنِ…
- (بيت) سَچُ ڪِ سُڪو ڍورُ، ڪَنڌِيءَ…
- (بيت) سُڪِي ڍورُ ڊَھِيُون ٿِئو، ڪَنڌِيءَ…
- (بيت) پَٽِيھَلَ تو ۾ پُورُ، اَڳِيُون…
- (بيت) پَٽِيھَلُ چئَي پِرِينءَ کي، ساري…
- (بيت) ڀَرِئو ڍورَ تَراءُ، پيٺِيُون ڪوٽَ…
- (بيت) ڍورُ نَہ اڳِيئَن ڍارَ، مَھِندِ…
- (بيت) ڪَرِ ڪا ويھِي ڳالِهہ، ڪَنڊا…
- (بيت) ڪَرِ ڪي ڳالِهڙِيُون، ڪَنڊا ڍورَ…
- (بيت) ڪَنڊا تو وَٽان، سَچُ ڪِ…
- (بيت) ڪَنڊا تُون ڪيڏو، جَڏھِن ڀَرِيوئِي…
- (بيت) ڪَنڌِيين اڪَ ڦُلارِئا، سانگِ سُڪو…
- سُر ڏھر جَي ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ جو بيت
سُڪو ڍورُ ڊَھِيُون ٿِئو، ڪَنڌِيءَ ڏِنِي ڪَرَ،
جَنِ جي پاڳُنِ ۾ پَرَ، سي پِئا وِيرَ وِماسَ ۾.
رسالن ۾ موجودگي: 24 سيڪڙو
سمجهاڻي
پاڻيءَ جو اهو وهندڙ ڍورو سُڪي دُٻا دُٻا ٿي ويو. ڪناري لڳ پاڻي لھي هيٺ تري ۾ وڃي بيٺو. اُهي مانجهي مرد يا چڱا مڙس، جيڪي پَٽڪن کي وڏا ور ڏيئي طُرا ڪڍي ٻَڌندا هئا، سي (انهيءَ تباهي ۽ برباديءَ سبب) ڳڻتيءَ ۽ پريشانيءَ ۾ پئجي ويا.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود ڏھر، بيت نمبر : 2965
سُڪُوْ ڊُوْرُ ڊَهِيٌ ٿِئُوْ ڪَڌِيَ ڎِنِيْ ڪَرَ﮶
جَنِجٖيْ پَاکُنِم﮼ پَرَ سٖيْ پِئَا وِيْرَ وِمَاسَم﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
सुको ढोरु डहियूं थिओ। कंधीअ डि॒नी कर।
जनि जे पागु॒नि में पर। से पिआ वीर विमास में॥
ROMAN SINDHI
Suko Dhhor'u DHahiyoon thiyo, kandhee'a Dinee kar'a,
Jan je paaggun me par'a, se piya weer'a wimaas'a me.