Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر ڏھر جَي ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ جو بيت
پَٽِيھَلَ تو ۾ پُورُ، اَڳِيُون نَہ آھي آبَ جو،
سُڪِين ڪِھَڙي سُورِ، وارِي پييَئِي وِچَ ۾.
رسالن ۾ موجودگي: 35 سيڪڙو
سمجهاڻي
اي پٽيھل (درياءَ جو وڏو وهڪرو جيڪو بدين طرف وهندو هو) تو ۾ پاڻيءَ جو اڳيون زور شور نہ رهيو آهي. توکي ڪھڙو سور يا تڪليف پھتي آهي جو تون سُڪي خشڪ ٿي ويو آهين ۽ تنھنجي وچ ۾ واري پيئي ڏسجي (تنھنجو پيٽ واريءَ سان ڀرجي ويو آهي)
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود ڏھر، بيت نمبر : 2967
پَـٽِيْهَلَ تُوْ م﮼ پُوْرُ اَکِيٌ نَآَهٖيْ آَبَجُوْ﮶
سُڪِهْ ڪِهَرٖيْ سُوْرَ وَارِيْ پٖيْـيَـئِىْ وِچَم﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
पटीहल तो में पूरु। अगि॒यूं न आहे आब जो।
सुकें किहड़े सूरि। वारी पेयई विच में॥
ROMAN SINDHI
Pateehal'a to me poor'u, aggyoon na Aahe Aab'a jo,
Sukeen kehrre soor, waree peyee wich'a me.
TRANSLATIONS
A. (new) O Patihal! You do not carry the same discharge of water as before! What particular worry could have dried you to such an extent that the sand deposited on your bed?
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) تو جَي ھُئَڙو سُورُ، ڪَنڊا…
- (بيت) تو جَي ھُئَڙو وَڍُ، ڪَنڊا…
- (بيت) جَڏھِن ڍاڳِي ڍورُ، ٻَئِي وَھَنِ…
- (بيت) سَچُ ڪِ سُڪو ڍورُ، ڪَنڌِيءَ…
- (بيت) سُڪو ڍورُ ڊَھِيُون ٿِئو، ڪَنڌِيءَ…
- (بيت) سُڪِي ڍورُ ڊَھِيُون ٿِئو، ڪَنڌِيءَ…
- (بيت) پَٽِيھَلُ چئَي پِرِينءَ کي، ساري…
- (بيت) ڀَرِئو ڍورَ تَراءُ، پيٺِيُون ڪوٽَ…
- (بيت) ڍورُ نَہ اڳِيئَن ڍارَ، مَھِندِ…
- (بيت) ڪَرِ ڪا ويھِي ڳالِهہ، ڪَنڊا…
- (بيت) ڪَرِ ڪي ڳالِهڙِيُون، ڪَنڊا ڍورَ…
- (بيت) ڪَنڊا تو وَٽان، سَچُ ڪِ…
- (بيت) ڪَنڊا تُون ڪيڏو، جَڏھِن ڀَرِيوئِي…
- (بيت) ڪَنڌِيين اڪَ ڦُلارِئا، سانگِ سُڪو…
