سُورَنِ بابت
معنيٰ
تڪليفن، دردن، ايزائن، ڏُکن، پيڙائن، رنجن. جاکوڙن، ڪشالن، ڪشتن. افسوسن، ارمانن، غمن، المن.
Pains, aches, gaony, hurting.
بيتن ۽ وائين ۾
- آيَلِ سامُونڊِيَنِ جي، آئُون سُورَنِ سِجهائِي، جيڏِيُون جُدائِي، سَهان نَہ سُپيريَنِ جي.[ سُر سامونڊي - آيا وڻجارا ]
- اَئِين اَچِي پَسو جيڏِيُون، ھِي جو حالُ مُنھِنجي جِندَڙي، پائي وِئَڙا پيرَ ۾، مَنجهان کَرَسَ کَسو، آئُون ڏورِيندِي اُنِ کي،…[ سُر سامونڊي - وايون ]
- ڪَربَلا جو قَضِيو جَڏھِن پَوي مَنجِهہ جِيءَ، وَسَنِ ٿا وُجُودَ تي، سَندا سُورَنِ سِيءَ، ڏُھٽَنِ ڏِٺا ڏُکَڙا، ناني ري نَبِيءَ،…[ سُر ڪيڏارو - ڏٺو محرم ماھ ]
- سَتِ سُورَنِ جي سَسُئِي، ڏري ۽ ڏاري، پييائِي پُنُوھَ ڏي، نِرمَلَ نِھاري، لالَڻَ جِي لَطِيفُ چئَي، سُونھَنِ سُتِيائي ساري، پِريتَڻو…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- ويچارِيءَ وَڻِڪارُ، اَڳُ نَہ ڏِٺو ڪَڏِھِين، مِھرَ نَہ ھُئِي ماڻُهين، ھو سَڀُ ھِندُوڪارُ، جَتُ ڪِيائين يارُ، سُورَنِ ڪارَڻِ سَرَتِيُون.[ سُر آبڙي - واقف وڻڪار، وڏا وڻ ]
- ٻَلَرِ لَڳو ٻاڻُ، پَسو جوءِ ذَرا ٿِي، سا مُنڌَ مَري نَہ جِيئي، پيئِي پَڇاڙي پاڻُ، سَسُئِي سُورَنِ ساڻُ، سَنڀُوڙِي سَيِّدُ…[ سُر آبڙي - ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ ]
- پَسو پَراوَنِ، سُورَنِ آڏِي سَسُئِي، پُراڀا پَنھِنجَنِ، وِجَهنِ ويچارِيءَ تي.[ سُر آبڙي - ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ ]
- دَردَ مُنھِنجي جا دارُون، يارَ موٽُ سَٻاجها سُپِرِين، مُون لَڳِيُون مُون وِسَهو، مَحَبتَ جِيُون مارُون، سُکَنِ مُون سين ڪِينَ ڪِئو،…[ سُر آبڙي - وايون ]
- اولاڪَنِ اَچي، مَعذُورِ کي مارو ڪِئو، وِساريج مَ وَرَ کي، مَنجهان ڪُڙِه ڪَچِي، لاھي لاڳاپا لَنگِهہ تُون، سيڻَنِ ڏُونھِن سَچِي،…[ سُر معذوري - اڌر نڌر ۽ ھيڪلي ]
- جَي سُورَنِ سِجهائِي، توءِ چيلِهہ ٻَڌئِو چوٽِيين چَڙھي، لَڌائِين لَطِيفُ چئَي، لالَڻُ لِيلائي، سَڱُ پُنُوھَ جي سَسُئِي، ميڙي مِلائِي، ٻانڀَڻِ…[ سُر معذوري - اڌر نڌر ۽ ھيڪلي ]
- مُون ڀانيو مَھمانَ، ھَميشه ھُوندا پِرِين، ڪُھِي ڪَمِيڻِي ھَلِئا، ڪَھَلَ ڪِيائُون ڪانَ، ڏيئِي وِئَڙا ڏاھِ کي، سُورَنِ جا سامانَ، جورو…[ سُر ديسي - ڏيرن جو ڏمر ]
- ٻَڌِي سُورَنِ سَندِرو، صُبُوحِ ڏُونگَرِ ڏورِئامِ، ڪَندي ڪَشالا ڪيچَ ڏي، ويلا وِچِ پِئامِ، سَوين ساٿَ گَڏِئامِ، پُنهونءَ پارُ نَہ ھِڪِڙو.[ سُر ديسي - جت، اُٺ ۽ ڌاريا ]
- پَرٽَنِ جي پاڙي، جاڙَ گُذارِيُمِ جيڏِيُون، جَنِي مُون کي مارِئو، سُورَنِ سين ساڙي، ايرادي آڻي، سانگِيَنِ سين سَڱُ ڪِئو.[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- راتِ ڏِٺائِين روجَهہ، ڀانءِ ڪِ اوٺِي آيا، پِريَتَڻي پِرِيَنِ جي، سِڪَڻَ ڪِي سَٻوجَهہ، ھُئِي گهَڻو اَٻوجَهہ، سُورَنِ سُونھائِي سَسُئِي.[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- پَسِي اُڃَ اُساٽَ، ڏُونگَرَ کي ڏارُ پِئو، سَسُئِيءَ جي سُورَنِ جِي، لَڪَ مَٿي لاٽَ، ڇَپَرُ مِڙيوئِي ڇاٽَ، مُنڌَ پارَ ڪَڍي…[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- ڏُونگَرَ تو تي ڏُکُ، اَڃا آھيمِ ھِڪِڙو، سُورَنِ ڀَڳُمِ سُکُ، وِئا تي ٿِي ووڙِيان.[ سُر ڪوھياري - ڪوھ سان ڪچھري ]
- ريءَ قَرِيبَنِ قُوتُ ڪِئو، وِرِھَ چَران ويٺِي، ٻانڀَڻِ کي ٻَروچَ ري، ٿِي ڏُکَنِ سين ڏيٺِي، تو پُڄاڻا سُپِرِين آئُون سُورَنِ…[ سُر ڪوھياري - خودڪلامي ]
- جَڏائيءَ جا جَلِيلَ، ٻَڌا موڙَ ھَٿَنِ سين، مادَرِ مُون کي مارِئو دَردَ جي دَلِيلَ، وَرِجِ وِيرَ وَسِيلَ، سُورَنِ ساڙِي آھِيان.[ سُر ڪوھياري - خودڪلامي ]
- ڪَنھِن پَرِ رُئان پِرِينءَ پارَ نَہ ڄاڻان پيرُ، ڀَنَڻُ مُون ڀيڙو ٿِئو، سُورَنِ لايو سيرُ، آرِيءَ لَيءِ اُليرُ، رَقصُ ڀاڱي…[ سُر ڪوھياري - پڇتاءَ ۽ انومان ]
- آڻي لِکِئي لَنئُن لائِي، آئُون ڪا جوڙَ جَتَنِ جو، ٻَڙِي جيڏِيُون، آئُون ڪا ڪُڙُمُ ڪيچِيَنِ جو، ڪُھِي ڪَمِيڻِي ھَلِئا، ڪَھَلَ…[ سُر ڪوھياري - وايون ]
- اُلَھِي سِڄَ اَويرَ ڪِي، ڏِٺائِين ڏُونگَرُ، سَسُئِيءَ کي سَيِّدُ چئَي، سُورَنِ جو سَمَرُ، ڪُٺَلِ رَکِئو ڪَرُ، ويچارِيءَ وَڻِڪارَ تي.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- ويٺي مُون وِئو، لَڙِي سِڄُ لَڪَنِ تان، آئُون ڏورِيندِي ڪيتِرو، پَھَڻَنِ پيرُ پِئو، سُورَنِ ساڻُ سِھو، اَچِي ٿِيُمِ جيڏِيُون.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- وِئو جاڳائِي جَتُ، ويرِي ڪَنھِن وِلاتَ جو، سَندو سُورَنِ خَطُ، ڏِنُمِ ھوتَ ھَٿَنِ سين.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- ھُو جٖي سُورَ سُڄَنِ، مُون پِينگهي ۾ پِرايا، سانڍِياسِ سُکَنِ، سُورَنِ ڪارَڻِ سَرَتِيُون.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- سُورَنِ سانڍِيياسِ، ڏُکَنِ نِپاياسِ، سُکَنِ جي سَيِّدُ چئَي، پُکي نَہ پيياسِ، جيڪُسِ آئُون ھُياسِ، گُرِي گُوندَرَ وَلِ جِي.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- سُورائِتِي سَڏَ، ڪَري سَڏَ سُورَنِ کي، سُورَنِ ڀَڳَسِ ھَڏَ، سي پُڻ سيڪي سُورَ سين.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- تَنِ سُورَنِ کي شاباسِ، جَنِي مُونسين گهارِئو، ھُئا ھَماري پاسِ، ٻيلِي ٿِئَڙَمِ ڇَپَرين.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- سُورَنِ لَڌو سَنجُهہ، پاڻِهين پيھِي آيا، ڪَنھِن کي ڏِيان مَنجُهہ، مَرُ ٿا چِڻِڪَنِ چِتَ ۾.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- سُورَنِ سانگهارو، ڏُکِيءَ ڏِنو ڪونَہ ڪو، آيَلِ اوڀارو، ٻاڙوڌو ٻوڙَ وَھي.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- سانگهارو سُورَنِ، ڪَڏِھِين تان ڪو نَہ ڏِنو، ٻائِڙَ ٻوڙَ وَھَنِ، ڪالُهُوڻِئا اَڄُ گهَڻو.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- مِڙِي سُورَنِ وارِيُون، ڪَرِئو سُورَ پَچارَ، مُٺِ مُٺِ سُورَنِ سَڀَ ڪَنھِن، ڪانِهي سُوران ڌارَ، ڪَرَمِ لِکِئا ڪاپارِ، سي مُوران موٽَنِ…[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- مُٺِ مُٺِ سُورَنِ سَڀَ ڪَنھِن، مُون وَٽِ وَٿاڻانِ، ڀَرِيُون ڪِئو ڀُڻانِ، وِئا وِھائُو نِڪِري.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- ڏُکويُنِ اُھڃاڻُ، ڪُلِهين ڦاٽو ڪَنجِرو، وَڃَنِ گُوندَرَ گَڏِيُون، لوڪَ نَہ آڇينِ پاڻُ، سُورَنِ تَنِي ساڻُ، نَنڍاڪُون نِينھُن ڪِئو.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- مُنھان مَھِندِ ٿِئا، سُورَنِ ٻَڌو سَندِرو، ڏورِ تَہ ڏورِيُون اُنِ کي، وِندُرِ جٖي وِئا، سيڻَ مُنھِنجا سَرَتِيُون، قَضا ھي ڪِئا،…[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- مُيَسِ مَرُ مَران، سُيَسِ وِچِ سَرَتِيين، اَدِيُون آرِيچَنِ جي، سُورَنِ مَنجِهہ سَڙان، پورِھِيَتِ ٿِي پَران پاسي پُنهونءَ ڄامَ جي.[ سُر حسيني - ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ]
- اَڃا راتِ رَتومِ، ڪوڏِ ڪوھِيارِي ڪَنجِرو، ڀينَرُ ڀِڄايومِ، سُڀاڻي سُورَنِ سين.[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- ڏُونگَرَ تان ٻيِلي، ڏِجي ٻَنِ ٻيلِيَنِ ري، سا ڪِيئَن وِھي ويسَرِي، سُورَنِ سَھيلِي، چوٽِي چَنبيلِي، جِيئَن تِيئَن جهاڳي اُکَتِي.[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- سَنڌِيُون سُورَ ڪَرِينِ، ھَڏُ پُڻ ڏُکي ھوتَ کي، پِرِيَنِ جِي پاڻَ ڏِنا، سي سُتي سُکُ نَہ ڏِينِ، جٖي ماڻُهنِ کي…[ سُر حسيني - سؤُ سُک ۽ طالب، تات ]
- نِينھَن مَ نالو ڳِنُ، پِريَتَڻي پيرَ ٻِئا، سُورَنِ سان مَ ڇِنُ، وِرھُ وِھائِجِ وِتَرو.[ سُر حسيني - سؤُ سُک ۽ طالب، تات ]
- ڏيکارِيُسِ ڏُکَنِ، گُوندَرَ گَسُ پِرِيَنِ جو، سُونھائي سُورَنِ ڪِي ھيڪاندِي ھوتَ سين.[ سُر حسيني - سؤُ سُک ۽ طالب، تات ]
- وَڏِيءَ سَٽِ سُورَنِ جي، ڏاڍو ڏورِيائِين، تَتِيءَ تايائِين، جهولو مُنڌَ جُهڙُ ٿِئو.[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- کُھِي نَہ کوڙي، پاسو پَٻَ وَرَنِ ۾، ڇورِي نَہ ڇوڙي، سَندو سُورَنِ سَندِرو،[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- پُنهون پِريشانُ، ھئَي ھئَي حالُ مُنھِنجو، مُون کي بُکَ بوتَنِ جِي، نَڪِي ڀايان نانُ، شَھَرُ صَحرا ڀانيان، مُون ليکي مَيدانُ،…[ سُر حسيني - وايون ]
- ڪِئان سِکِيين سُپِرِين، ڪاسائِيءَ ڪِي ڪارِ، تِکِي ڪاتِي ھَٿِ ڪَرِ، مُنِيءَ سين مَ مارِ، چوري چاڪَ نِھارِ، سُورَنِ سانگهيڙا ڪِئا.[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- سُورَنِ سانگهيڙا ڪِئا، مَٿي مُون مَعذُورِ، آئُون ھِتِ ويٺِي وِنجُهلان، مَران نِتُ مَهجُورِ، جٖي دوسِتَ مُنھِنجا دُورِ، سي والِي وَھِلا…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- اُٿِي وَڃُ اَندوھَ، دوسِتَنِ دِلِاسو ڪِئو، مَولا سَڀَ مَعافُ ڪِئا، ڏُکَ، ڏَمَرَ ۽ ڏوھَ، جَا پَرِ لُھارِئين لوھَ، سا پَرِ…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- اَڄُ پُڻ اَنگِئَمِ اَنگَ، ھَٿان حَبِيبَنِ جي، ساجَنَ ريءَ سَرَتِيُون، رُوحَ نَہ رَچَنِ رَنگَ، جانِي آيو جُوءِ ۾، مَنجهان نِينھَن…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- اَڄُ پُڻ جُڙِئَمِ جوڙَ، جِيئَن دوسِتُ پيھِي دَرِ آيو، سُکَنِ وَٺِي ڏُکَنِ کي، مَحڪُمُ ڏِنِي موڙَ، جا پَرِ کوٽَنَ کوڙَ،…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- ڪاڪِ ڪَڙِھي وَڻَ وِئا، ٻَرِئا مَحَلَ ماڳَ، سوڍي جي سَرَتِيُون، وِڌِيَسِ وَھَ ويراڳَ، سُورَنِ لايا ساڳَ سِگهو موٽِجِ سُپِرِين.[ سُر راڻو - ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ ]
- ڪَنھِن جَنھِن پُورَ پَچايا، پَنجين ڏِينھِن پَئِي، اَندَرِ آديسيَنِ کي، سُورَنِ شاخَ ڪَئِي، مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، لاشَڪُ ٿِئا لَھِي،…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- لانگوٽِي لاھي، وانءُ ويراڳِيَنِ سامُهُون، ٻَڌُ سُورَنِ جو سَندِرو، مَنجهان سِڪَ ساھي، اُنِهين وَٽِ آھي، اوڇَڻُ ڳالِهہ اُگهاڙَ جِي.[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- اُڀِي اَڱَڻَ جَهلَ، ڪانگَ اُڏائي ڪامِڻِي، آيُسِ جَا اوچتو، اُنِهين ماڳِ مَھَلَ، سُورَنِ وِڌسِ سَلَ، ڪانگين ڪُٺِي ڪامِڻِي.[ سُر پورب - ڪانگ ]
- سُورَنِئُون صافُ ٿِئو، تَنُ پَسِي تو کي، وَتِين تُون ويرِکِڙا، ڇانڀُنِ ڀَرِ ڇوکي، ڏِيلَُ ڇڏِئو تو ڏوکي، سَنِيھو سُڻائي سَڄَڻين.[ سُر پورب - ڪانگ ]
- جَو تو ڀانيو ھارُ، سو سُورَنِ سَندو سَنگهِرو، چَنيسَرُ چِتُ کَڻِي، ٿِئو پورِھِيَتِ جو پارُ، اَڻَ وَڻَتِ جو آچارُ، شَلَ…[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- ھَئِي ڦِٽو ڪَرِ ھارُ، سونَ ڦُلَنِ سين ڪَنجِرو، کوءِ اُھَندَڙُ پَٽَ جو، جَنھِن مان وِڏُوڻُو واپارُ، ڪِيَڙُئِي جو ڪارُون ڪَري،…[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- گُوندَرَ ھَٿَ نَہ پيرَ، وِرھُ مَنجِهين وِھَڻو، ڪُڙِه ۾ قَطارُون ڪَري، سُورَنِ لايا سيرَ، مُون جِيئَن گهاري ڪيرَ، ھيڪَلِي ريءَ…[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- ڳَرَھِ مَ ڳُجهو رو، پَڌَرِ وِجُهہ مَ پِريَڙِي، سُورَنِ سُڀَرُ ھو، ھِينئَڙا ڪُمَ ڪَڻَنِ جِيئَن.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- اَڄُ پُڻ چِڪِئَمِ چاڪَ، وَنھِيَنِ ويڙِهيچَنِ جا، سُورَنِ اَچِي سُومَرا، اَندَرِ ڪِي اوطاقَ، مارُوءَ جي فِراقَ، هَڏَ مُنھِنجا ڪَپِيا.[ سُر مارئي - سارئان ۽ چڪن چاڪ ]
- پانڌِي پِرِينءَ پَنوهارَ سين، روئِي ڪِجِ رِهاڻِ، جِيئَن ٿَرِ وِڄُون اُٺِيُون، آئُون تِيئَن سُورَنِ ساڻِ، ڪِجاھُ ڪا وَراڻِ، ڏُکَنِ ڏِيلُ…[ سُر مارئي - مَ رو، پانڌي پرين پنھوار ]
- زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، هَلَنِ ۾ حُجراتِ، هَميشه حِجرَ ۾، لَحنُ لَطِيفي لاتِ، سُورَنِ جا سَرَتِيُون، رَعدَ مُڪائُمِ راتِ، مُون تَنَ…[ سُر مارئي - زمر زخرف سومرا ]