ھِن بيت جا مُکيہ اِسم
Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَڃا اَسارِي، مَٿي تَڙَ گُذارِيين،…
- (بيت) جَنِ لاءِ جِهڄَنِ نيڻَ، تَنِ…
- (بيت) جَنِ لاءِ نيڻَ جِهڄَنِ، تَنِ…
- (بيت) جٖي پھرِين پُورِ، آھِيان گهورِي…
- (بيت) سامُونڊِيءَ جي سُورَ، ڪِيَمِ جِيءُ…
- (بيت) سامُونڊِيَنِ سَعيو، سَدائِين سَفَرَ جو،…
- (بيت) سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا، اُتَرَ واءُ…
- (بيت) سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا، اُتَرَ وَرِيُنِ…
- (بيت) سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا، وَرِيُنِ واءُ…
- (بيت) سَفَرُ سُکيرونِ، ھُونِ سَلامَتَ سُپِرِين،…
- (بيت) ماءَ وِلائِتي آيا، تَڙَ ٿا…
- (بيت) وَڻِجاري وائِي، سَدا آھي سَفَرَ…
- (بيت) وِئو ڪانگُ ڪَھِي واڌايُون وِصالَ…
- (بيت) پرَڏيھِ پُورِيائُون، سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِيا،…
- (بيت) ٿِئا ڏِيارِيءَ ڏِينھَن، سامُونڊِيَنِ سَنبَتِ…
- (بيت) ٿِي ڏِيارِيءَ ڏيٺِ، ڍولو ھَلَڻَ…
- (بيت) ڀورِيءَ جا ڀِري، سيڻَ سَلامَتَ…
- (بيت) ڏِٺِي ڏِياري، سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا،…
- (بيت) ڏِٺِي ڏِياري، سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا،…
- (بيت) ڏِٺِي ڏِيارِي، سَڄَڻَ سَفَرِ ھَلِئا،…
سُر جا ٻيا داستان
- سُر سامونڊي جَي آيا وڻجارا جو بيت
آيَلِ سامُونڊِيَنِ جي، آئُون سُورَنِ سِجهائِي،
جيڏِيُون جُدائِي، سَھان نَہ سُپَيرِيَن جي.
رسالن ۾ موجودگي: 14 سيڪڙو
سمجهاڻي
مون کي سامونڊين جي جدائيءَ جي سور فراق هڻي پورو ڪري ڇڏيو آهي، جيئري ماري وڌو آهي. اي سرتيون، مون کان سپرين جي جدائي سَٺي ڪانہ ٿي ٿئي. مون ۾ سپرين جي جدائي سهڻ جي طاقت ڪانهي (آءٌ ڏاڍي بيوس ٿي پيئي آهيان).
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
आयलि सामूंडियनि जे। आऊं सूरनि सिझाई।
जेडि॒यूं जुदाई। सहां न सुपेरयनि जे।
ROMAN SINDHI
Aayel samundhi jey, aawoon soorann siJhaaey,
Jedhyoon judaey, sahaan na supreen jey.
TRANSLATIONS
ھِن سُر جي راڳ بابت
سر سامونڊي جو تعلق سنڌي پرڪاش راڳ آھي ۽ ھن جي شڪل پوربي ٺاٺ سان ملي ٿي. آروھي ۽ آمروھي اوڏو سمپورڻ آھي يعني آروھيءَ ۾ پنج سر ۽ آمروھيءَ ۾ ست سر آھن. ڀٽائي جن جي راڳ کي راڳ وديا ۾ اھڙو تہ چالو ڏنو آھي جيڪو ھند جي ڏنل سنگيت سان ڪونہ ٿو ملي. انهيءَ ڪري شاھ جي سنگيت ۾ ان جو نالو ئي لطيفي چالو رکيو ويو آھي. وادي سر ”گنڌار“ ۽ سموادي سر ڌيوت راڳ جي آلاپن جو پھر شام کان رات تائين جو آھي.
ٺاٺ: پوربي
آروھي: سا گي مي پا ني سا
آمروھي: سا ني ڌا پا مني گي را سا
وقت (سمو) شام
(ذريعو: شاھ جو راڳ، سرگم وسيلي نئي تحقيق. تحقيق: استاد امير علي خان. ڇپائيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي)