ھِن بيت جا مُکيہ اِسم
Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آيَلِ سامُونڊِيَنِ جي، آئُون سُورَنِ…
- (بيت) اَڃا اَسارِي، مَٿي تَڙَ گُذارِيين،…
- (بيت) جَنِ لاءِ جِهڄَنِ نيڻَ، تَنِ…
- (بيت) جَنِ لاءِ نيڻَ جِهڄَنِ، تَنِ…
- (بيت) جٖي پھرِين پُورِ، آھِيان گهورِي…
- (بيت) سامُونڊِيءَ جي سُورَ، ڪِيَمِ جِيءُ…
- (بيت) سامُونڊِيَنِ سَعيو، سَدائِين سَفَرَ جو،…
- (بيت) سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا، اُتَرَ واءُ…
- (بيت) سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا، اُتَرَ وَرِيُنِ…
- (بيت) سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا، وَرِيُنِ واءُ…
- (بيت) ماءَ وِلائِتي آيا، تَڙَ ٿا…
- (بيت) وَڻِجاري وائِي، سَدا آھي سَفَرَ…
- (بيت) وِئو ڪانگُ ڪَھِي واڌايُون وِصالَ…
- (بيت) پرَڏيھِ پُورِيائُون، سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِيا،…
- (بيت) ٿِئا ڏِيارِيءَ ڏِينھَن، سامُونڊِيَنِ سَنبَتِ…
- (بيت) ٿِي ڏِيارِيءَ ڏيٺِ، ڍولو ھَلَڻَ…
- (بيت) ڀورِيءَ جا ڀِري، سيڻَ سَلامَتَ…
- (بيت) ڏِٺِي ڏِياري، سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا،…
- (بيت) ڏِٺِي ڏِياري، سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا،…
- (بيت) ڏِٺِي ڏِيارِي، سَڄَڻَ سَفَرِ ھَلِئا،…
سُر جا ٻيا داستان
- سُر سامونڊي جَي آيا وڻجارا جو بيت
سَفَرُ سُکيرونِ، ھُونِ سَلامَتَ سُپِرِين،
چَڙِهئا جو چِتِ ڪَري، پُنُو سُڪا ڄونِ،
تِئان مَ ڀاڳونِ، جِئان مُون ڏيئِي ھَلِئا.
رسالن ۾ موجودگي: 28 سيڪڙو
سمجهاڻي
(وڻجاري دعائون پيئي گهري) شال هنن جو سفر سولو ۽ سکيو ٿئي ۽ منھنجا سپرين سلامت هجن. هو دل ۾ جيڪو مقصد رکي سفر تي چڙهيا آهن سو ڪاڄ سندن پورو بيھي ۽ لايو سجايو ٿئي. شل انهن جي ڀاڱي (نصيب) ۾ جدائي ۽ فراق وارو اهڙو درد نہ هجي، جيڪو هو مون کي ڏيئي هليا ويا آهن.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
सफ़रु सुखेरोनि। हूनि सलामत सुपिरीं।
चड़हिआ जो चिति करे। पुनू सुकाजो॒नि।
तिआं म भागो॒नि। जिआं मूं डे॒ई हलिआ।
ROMAN SINDHI
Safar sekhroon, hoon salaamat supreen,
Charha jo chitt karey, peow sukaa joon,
Teaan me bhaGoon, jeaan moon deiye halea.
TRANSLATIONS
ھِن سُر جي راڳ بابت
سر سامونڊي جو تعلق سنڌي پرڪاش راڳ آھي ۽ ھن جي شڪل پوربي ٺاٺ سان ملي ٿي. آروھي ۽ آمروھي اوڏو سمپورڻ آھي يعني آروھيءَ ۾ پنج سر ۽ آمروھيءَ ۾ ست سر آھن. ڀٽائي جن جي راڳ کي راڳ وديا ۾ اھڙو تہ چالو ڏنو آھي جيڪو ھند جي ڏنل سنگيت سان ڪونہ ٿو ملي. انهيءَ ڪري شاھ جي سنگيت ۾ ان جو نالو ئي لطيفي چالو رکيو ويو آھي. وادي سر ”گنڌار“ ۽ سموادي سر ڌيوت راڳ جي آلاپن جو پھر شام کان رات تائين جو آھي.
ٺاٺ: پوربي
آروھي: سا گي مي پا ني سا
آمروھي: سا ني ڌا پا مني گي را سا
وقت (سمو) شام
(ذريعو: شاھ جو راڳ، سرگم وسيلي نئي تحقيق. تحقيق: استاد امير علي خان. ڇپائيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي)