ھِن بيت جا مُکيہ اِسم
Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آيَلِ سامُونڊِيَنِ جي، آئُون سُورَنِ…
- (بيت) اَڃا اَسارِي، مَٿي تَڙَ گُذارِيين،…
- (بيت) جَنِ لاءِ جِهڄَنِ نيڻَ، تَنِ…
- (بيت) جٖي پھرِين پُورِ، آھِيان گهورِي…
- (بيت) سامُونڊِيءَ جي سُورَ، ڪِيَمِ جِيءُ…
- (بيت) سامُونڊِيَنِ سَعيو، سَدائِين سَفَرَ جو،…
- (بيت) سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا، اُتَرَ واءُ…
- (بيت) سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا، اُتَرَ وَرِيُنِ…
- (بيت) سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا، وَرِيُنِ واءُ…
- (بيت) سَفَرُ سُکيرونِ، ھُونِ سَلامَتَ سُپِرِين،…
- (بيت) ماءَ وِلائِتي آيا، تَڙَ ٿا…
- (بيت) وَڻِجاري وائِي، سَدا آھي سَفَرَ…
- (بيت) وِئو ڪانگُ ڪَھِي واڌايُون وِصالَ…
- (بيت) پرَڏيھِ پُورِيائُون، سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِيا،…
- (بيت) ٿِئا ڏِيارِيءَ ڏِينھَن، سامُونڊِيَنِ سَنبَتِ…
- (بيت) ٿِي ڏِيارِيءَ ڏيٺِ، ڍولو ھَلَڻَ…
- (بيت) ڀورِيءَ جا ڀِري، سيڻَ سَلامَتَ…
- (بيت) ڏِٺِي ڏِياري، سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا،…
- (بيت) ڏِٺِي ڏِياري، سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا،…
- (بيت) ڏِٺِي ڏِيارِي، سَڄَڻَ سَفَرِ ھَلِئا،…
سُر جا ٻيا داستان
- سُر سامونڊي جَي آيا وڻجارا جو بيت
جَنِ لاءِ نيڻَ جِهڄَنِ، تَنِ پَرَڏيھِ پُورِيُون،
آيَلِ سارِئو اُنِ کي اوڇِنگارُون اَچَنِ،
کاري کيڙائُنِ، واحِدَ واري آڻِيين.
رسالن ۾ موجودگي: 14 سيڪڙو
سمجهاڻي
اهي سامونڊي جن لاءِ منھنجا نيڻ هر وقت پيا ٿا روئن ۽ ڳوڙها ڳاڙين، تن کي آءٌ ڪٿي ڳوليان. اي امڙ، هنن کي ياد ڪري مون کي هر هر اوڇنگارون پيون اچن. او مالڪ سائين، جيڪي کاري کي کيڙن ٿا يعني سمنڊ ۾ گهڻو وقت گذر سفر ڪن ٿا، انهن کي تون وري موٽائي ماڳن تي آڻ.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
जनि लाइ नेण झिज॒नि। तनि परडे॒हि पूरियो।
आयलि सारिओ उनि खे। ओछंगारूं अचनि।
खारे खेड़ाउनि। वाहिद वारे आणियें।
ROMAN SINDHI
Jinn laaey nenn Jhajan, tinn pardeh porywon,
Aayel saaraow unn khey ocjgaaron achan,
Kharey kherhaen, waahid waarey aanein.
TRANSLATIONS
ھِن سُر جي راڳ بابت
سر سامونڊي جو تعلق سنڌي پرڪاش راڳ آھي ۽ ھن جي شڪل پوربي ٺاٺ سان ملي ٿي. آروھي ۽ آمروھي اوڏو سمپورڻ آھي يعني آروھيءَ ۾ پنج سر ۽ آمروھيءَ ۾ ست سر آھن. ڀٽائي جن جي راڳ کي راڳ وديا ۾ اھڙو تہ چالو ڏنو آھي جيڪو ھند جي ڏنل سنگيت سان ڪونہ ٿو ملي. انهيءَ ڪري شاھ جي سنگيت ۾ ان جو نالو ئي لطيفي چالو رکيو ويو آھي. وادي سر ”گنڌار“ ۽ سموادي سر ڌيوت راڳ جي آلاپن جو پھر شام کان رات تائين جو آھي.
ٺاٺ: پوربي
آروھي: سا گي مي پا ني سا
آمروھي: سا ني ڌا پا مني گي را سا
وقت (سمو) شام
(ذريعو: شاھ جو راڳ، سرگم وسيلي نئي تحقيق. تحقيق: استاد امير علي خان. ڇپائيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي)