Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آيَلِ سامُونڊِيَنِ جي، آئُون سُورَنِ…
- (بيت) اَڃا اَسارِي، مَٿي تَڙَ گُذارِيين،…
- (بيت) جَنِ لاءِ جِهڄَنِ نيڻَ، تَنِ…
- (بيت) جَنِ لاءِ نيڻَ جِهڄَنِ، تَنِ…
- (بيت) جٖي پھرِين پُورِ، آھِيان گهورِي…
- (بيت) سامُونڊِيءَ جي سُورَ، ڪِيمِ جِيءُ…
- (بيت) سامُونڊِيَنِ سَعيو، سَدائِين سَفَرَ جو،…
- (بيت) سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا، اُتَرَ واءُ…
- (بيت) سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا، اُتَرَ وَرِيُنِ…
- (بيت) سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا، وَرِيُنِ واءُ…
- (بيت) سَفَرُ سُکيرونِ، ھُونِ سَلامَتَ سُپِرِين،…
- (بيت) ماءَ وِلائِتي آيا، تَڙبن تَنوارِينِ،…
- (بيت) وَڻِجاري وائِي، سَدا آھي سَفَرَ…
- (بيت) وِئو ڪانگُ ڪَھِي واڌايُون وِصالَ…
- (بيت) پرَڏيھِ پُورِيائُون، سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِيا،…
- (بيت) ٿِئا ڏِيارِيءَ ڏيِنھَن، سامُونڊِيَنِ سَنبَتِ…
- (بيت) ٿِي ڏِيارِيءَ ڏيٺِ، ڍولو ھَلَڻَ…
- (بيت) ڀورِيءَ جا ڀِري، سيڻَ سَلامَتَ…
- (بيت) ڏِٺِي ڏِياري، سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا،…
- (بيت) ڏِٺِي ڏِيارِي، سَڄَڻَ سَفَرِ ھَلِئا،…
سُر جا ٻيا داستان
- سُر سامونڊي جَي آيا وڻجارا جو بيت
ڏِٺِي ڏِياري، سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا،
وِجِهيو وَرُ وَنجَهہ کي، رَوئَي وَڻِجارِي،
مارِيندَءِ مارِيۡ، پِرھَ سُورَ پِرِيَنِ جا.
رسالن ۾ موجودگي: 93 سيڪڙو
سمجهاڻي
ڏياريءَ جي آمد آهي (سامونڊي سفر جي مند شروع ٿيڻ واري آهي ڇو تہ سمنڊ ماٺو ٿيڻ وارو آهي). سامونڊين ٻيڙين جا سڙه نئين سِر تيار ڪرڻ شروع ڪيا آهن. وڻجاري (اهو خيال ايندي) ئي وڃي ٻيڙيءَ جي ونجهہ کي ڀاڪر پائي ويٺي روئي ۽ چوي، مون مُٺيءَ کي پرين جا اهي (وڍ) وڏي ويل وارا سور مون کي ماري رکندا (جيئڻ ڪونہ ڏيندا).
گنج ۾، سرود سامونڊي، بيت نمبر : 1492
ڎِٽِيْ ڎِيَارِيْ سَامُوْڊِيَنِ سِرَ سَڀَائِيَا﮶
وِجِئُوْ وَرُ وَنجَّکٖيْ رُوْئِيْ وَنِجَارٖيْ﮶
مَارِيْدَءِ مَارِيْ پِرْہَ سُوْرَ پِرْيَنِجَا﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
ॾिठी ॾीअरी। सामूंडीनि सिड़ह सनबाहिअआ।
विजिहयो वरु वंजहा खे। रौअई वणिजारी।
मारींदइ मारे। पिरिह सूर पिरीं जा॥
ROMAN SINDHI
Dithi Diyari, samoonDriyun siRah’a sanbahiya,
Wijhiyo war’u wanjh’a khy, roye warNajari,
Mareenda’ee maree, pireh’a soor’a piriyan’e ja.
TRANSLATIONS
With the advent of the Diwali (Hindu Holiday) the sea-farers hoisted sails. With tears in her eyes the wife of the trader clung to the mast vainly hoping thereby to move him to suspend his departure. O poor forlorn woman! The terrible anguish of separation from the loved one at dawn would kill you.
At Diwali's advent mariners prepare to leave,
Holding her husband in tight embrace she weeps,
The Pangs of separation at dawn, woman! will be your bane.
As the Deyari sets in, the sea traders set sail,
The wretched wife of the sea trader clings to the oar, weeps,
The pain of separation would kill her at dawn.
دخلت أيام العيد والفرح والبحارون جهزوا غواربهم وفأهبوا وتهياؤ وللسفر البحارة
أمسكت الصاري وعانقت وتصب الدموع.
يا ويل! يا قتيلة الحب! تقتلك وتهلكك هموم وكروب الحبيب فى وقت السحر.
دیکھ دیوالی سبھ ونجارے کردے پئے تیاری
ونجھ ونجارن جاکے پھڑیا روندی کوکاں ماری
مار جُدائی سنگ اونھاں نے لوء لگدی چھڈ جانا
دیوالی آئی اور بیوپاریوں نے ، سکھی پھر گھاٹ سے لنگر اٹھائے
پکڑ کر ان کے چپو پیاریوں نے، نہ جانے کس قدر آنسو بہائے
اٹھائے ہیں وہ دکھ دکھیاریوں نے، جنہیں سن کر زمانہ کانپ جائے
دیوالی آئی بنجاروں نے پھر سے
لیا بادِ شمالی کا سہارا
بلاتا ہے پھر ان کی کشتیوں کو
کوئی بھولا ہوا شاید کنارا
دیپ جلے دیوالی کے، سفر کی ہے تیاری،
تھام کے چپو نیا کے وہ، کرے ہے آہ و زاری،
مرے گی یہ بے چاری، صبح کو دردِ ہجرے۔
ھِن سُر جي راڳ بابت
سر سامونڊي جو تعلق سنڌي پرڪاش راڳ آھي ۽ ھن جي شڪل پوربي ٺاٺ سان ملي ٿي. آروھي ۽ آمروھي اوڏو سمپورڻ آھي يعني آروھيءَ ۾ پنج سر ۽ آمروھيءَ ۾ ست سر آھن. ڀٽائي جن جي راڳ کي راڳ وديا ۾ اھڙو تہ چالو ڏنو آھي جيڪو ھند جي ڏنل سنگيت سان ڪونہ ٿو ملي. انهيءَ ڪري شاھ جي سنگيت ۾ ان جو نالو ئي لطيفي چالو رکيو ويو آھي. وادي سر ”گنڌار“ ۽ سموادي سر ڌيوت راڳ جي آلاپن جو پھر شام کان رات تائين جو آھي.
ٺاٺ: پوربي
آروھي: سا گي مي پا ني سا
آمروھي: سا ني ڌا پا مني گي را سا
وقت (سمو) شام
(ذريعو: شاھ جو راڳ، سرگم وسيلي نئي تحقيق. تحقيق: استاد امير علي خان. ڇپائيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي)