وَنجَهہ بابت
معنيٰ
ٻيڙيءَ جي ھلائڻ جو ھڪ ھٿڻ، بانس جي ڇڙهہ، بانس جي لٺ، لڙهو، چپو، ونش،
A pole for working a boat with. Propeller
بيتن ۽ وائين ۾
- جِتي وَنجَهہ نَہ واھَ، چُپا چُرَنِ ڪِينَ ڪِي، ڪِشِتِي ڪاغَذَ ڪَچَ جِي، چاڙِھِيَمِ مَنجهان چاھَ، پَسِي سَختِي سَمُنڊَ جِي، ماندا…[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- اُلوڙَڻُ نَہ ڏي، وَرُ وِڌائِين وَنجَهہ کي، رَھُ اَڄوڪِي راتِڙِي، لالَڻَ مُون لَئي، وَڃُ مَ ڦوڙائي، ايڏي سَفَرِ سُپِرِين.[ سُر سامونڊي - ڳرڻ ۽ چنتا ]
- ڏِٺِي ڏِياري، سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا، وِجِهيو وَرُ وَنجَهہ کي، رَوئَي وَڻِجارِي، مارِيندَءِ مارِيۡ، پِرھَ سُورَ پِرِيَنِ جا.[ سُر سامونڊي - آيا وڻجارا ]
- ماڪَ ڀِڄايَنِ مولِهيا، مَٿان راتِ پَئِي، اُجَهڻَ لَڳِيُون اولِيُون، وِئَنِ وَنجَهہ وَھِي، ڪَلاچِيانَ ڪَھِي، ڪَڏِھِين ڪو نَہ آئِيو.[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]