اوڇِنگارُون بابت
معنيٰ
زور سان روئڻ جون حالتون، آڇو آڇ ڪري روئڻ، پار ڪڍي روئڻ جون حالتون، اڇنگار.
Weepings, cryings.
بيتن ۽ وائين ۾
- جَنِ لاءِ نيڻَ جِهڄَنِ، تَنِ پَرَڏيھِ پُورِيُون، آيَلِ سارِئو اُنِ کي اوڇِنگارُون اَچَنِ، کاري کيڙائُنِ، واحِدَ واري آڻِيين.[ سُر سامونڊي - آيا وڻجارا ]
- ڏُکِيءَ سَندِيُون ڏُونگَرين، اوڇِنگارُون اَچَنِ، ھَڻِي سانگِ سَسُئِيءَ کي، ڪِلو ڪِئو ڪيچِنِ، جٖي ھَٿان ھوتَ مَرَنِ، ھوتُ تَنِي جِي ھَنجَ…[ سُر معذوري - ڏُکِيءَ ڏک ]
- آسَڻَ پَسِئو اُنِ جا، اوڇِنگارُون اَچَنِ، آيَلِ آديسِيَنِ جا، مُون کي ماڳَ مُھَنِ، پاڻان وِڌِيَسِ پَٽَ تي، لاھي لاھُوتِيَنِ، راڙي…[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]