Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر راڻو جَي راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ جو بيت
ھُئِي جي نَہ ھُئِي، تَہ راڻو رَنجُ رَکِي وِئو،
مارِيَس اِنَهِيءَ مامِري، جِيئَن سَڀَ ڪَنھِن ڳالِهہ سُئي،
ڪُرَڻِ ساڻُ ڪُھِي، وِئو نِھوڙي نِنڊَ ۾.
رسالن ۾ موجودگي: 24 سيڪڙو
سمجهاڻي
ڳالهہ ائين هئي يا نہ هئي (مومل مياردار هئي يا نہ هئي)، پر راڻو مومل تي پنھنجو غصو ظاهر ڪري هليو ويو. هن کي وڌيڪ انهيءَ معاملي ماري وڌو جو ان ڳالهہ جي سڀني کي خبر پئجي ويئي. (درحقيقت) هوءَ ننڊ (غفلت) جي ڪري برباد ٿي ويئي، جنھنڪري راڻو مٿس ميار جو حرف رکي کيس ڪُھي هليو ويو (مومل ڏوهاري ڪانہ هئي، پر ميار وارو ڪُڻو مٿس پيو جنھن کيس ڪُھي ڇڏيو).
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود مومل راڻو، بيت نمبر : 3843
هُئِيْ جٖيْ نَھُئِيْ تَرَانُوْ رَنجُّہ رَکِيْ وِئُوْ﮶
مَارِيَسِ اِنَهٍ مَامِرٖيْ جِنْ سَڀَڪَهِ کَالِ سُئِيْ﮶
ڪُرَنِ سَانُ ڪُھِيْ وِئُوْ نِھُوْرٖيْ نِنڊَّ م﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
हुई जे न हुई। त राणू रंजु रखी विओ।
मारियसि इनहीअ मामिरे। जीअं सभकंहिं गा॒ल्हि सुई।
कुरणि साणु कुही। विओ निहोड़े निन्ड में।
ROMAN SINDHI
Huee je na Huee, ta raanno ranj'u rakhee wiyo,
Maariyas inhee'a maamre, jeean sabh'a kahen ggallh suee,
Kurann sann'u kuhee, wiyo nihorre ninDH'a me.
TRANSLATIONS
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آءُ راڻا راحَتَ، ڌُوڻَ ڌَرَتيءَ…
- (بيت) تُون ڍاٽِي ڍَٽَ ڌَڻِي، ڍولا…
- (بيت) جيڏِيُون جِيئَن ڪِئو، سوڍي مُنھِنجي…
- (بيت) جيڏِيُون مُنھِنجي جِيءَ سين، راڻي…
- (بيت) راڻا تُنھِنجِي ريھَ، مُون کي…
- (بيت) راڻا نَہ ڄاڻان، تَہ ڪِيئَن…
- (بيت) راڻا نَہ ڄاڻان، ڪِيئَن وِڏُوھِيين…
- (بيت) راڻا پَسان نَہ راڄَ ۾،…
- (بيت) راڻا پَسان نَہ راڄَ ۾،…
- (بيت) راڻو رَبُ راضِي ڪَري، مانَ…
- (بيت) راڻو رُٺو ڪاڪِ سين، وِجُهلَندو…
- (بيت) راڻو رُٺو ڪاڪِ سين، ٿِي…
- (بيت) راڻو رُٺو ڪاڪِ سين، ٿِي…
- (بيت) راڻو رُٺو ڪاڪِ سين، ڪارِي…
- (بيت) راڻي جي رُسَڻَ جو، دِلِ…
- (بيت) راڻي جي رُسَڻُ جو، دِلِ…
- (بيت) راڻي جِيءَ رِھاڻِ کي، رُوحُ…
- (بيت) راڻي رَنجُ لَکايو، ھِتان وَڃِي…
- (بيت) راڻي رِڻُ ڪِئو، جيڏِيُون مُنھِنجي…
- (بيت) سوڍي سِرُ نِيو، ھِتِ ڪَرنگهَرُ…
- (بيت) سوڍي مُنھِنجي ساھَ سين، جيڏِيُون…
- (بيت) لَکين لوڊِي لَٽِئا، ڪَنڌِيءَ ڪاڪِ…
- (بيت) نَئُون نِياپو آيو، راڻي وَٽان…
- (بيت) ڍَٽِ مَ وَڃِجِ ڍولَ، ڪاڻِيارِي…
- (بيت) کوڙِ قَناتُون ڪاڪِ ۾، راڻا…
- (بيت) ڪا جَا راڻِي مَنَ ۾،…
- (بيت) ڪوجو ڪَٽَرُ ڪاڪِ مان، راڻي…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت

سر راڻو ديسي راڳ آھي. ھن راڳ جي باري ۾ اھو چيو پيو وڃي تہ ھي کماچ، آساوري ۽ ڪافيءَ جي سُرن تي بيٺل آھي. ھن راڳ جي جاتي آڏو سمپورڻ ٿيندي آھي. رات جي پوئين پھر ۾ ھي راڳ ڳايو ويندو آھي.
راڻي راڳ جا سُر ھيٺينءَ ريت آھن.
آوروھ: سا، ري، ما، پا، ڌا، سا (صرف مڌم سر ”ما“ ڪومل ٿيندس)
آومروھ: سا، ني، ڌا، پا، ڌا، پا، ما، ري گا، ري، سا. (واپسيءَ ۾ نکاد ”ني“، مڌم ”ما“ ۽ گنڌار ”گا“ ڪومل سر لڳندس.)
وادي سُر: سا (کرج)
سموادي سر: ما (مڌم)
