Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اُٿِي سورِ ٻُھارِ، لِيلان لُڇُ…
- (بيت) لِيلان جِمَ لَکائِيين، سُوڀِي ساڻُ…
- (بيت) لِيلان جِمَ لَکائِيين، چَئِي چَنيسَرَ…
- (بيت) لِيلان جِمَ لَکائِيين، چَئِي چَنيسَرَ…
- (بيت) لِيلان لَکَڻَ پانھِنجا، سارِجِ سَڀَيئِي،…
- (بيت) لِيلان لُڇُ مَ ايتِرو، اُٿِي…
- (بيت) لِيلان لُڇُ مَ اِيتِرو، ويئِي…
- (بيت) وَڏيرِي ھُياسِ، ميڙو مُون گهَرِ…
- (بيت) وَڏيرِي ھُياسِ، چَنيسَرَ جي راڄَ…
- (بيت) وَڏيرِي ھُياسِ، چَنيسَرَ جي راڄَ…
- (بيت) ڀينَرُ ڀِنِيءَ راتِ، مُون چَنيسَرُ…
- (بيت) چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، لِيلان…
- (بيت) چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، لِيلان…
- (بيت) چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، لِيلان…
- (بيت) چَنيسَرُ چَورَنگُ، ٻِہ رَنگُ لوڪُ…
- (بيت) کَٿورِي چَئِين پَلَئين، توءِ ڏُھاڳِڻِ…
- (بيت) ھُئا لِيلان جا اَڳهيِن، مَٿي…
سُر جا ٻيا داستان
- سُر ليلا جَي ھاڻي ويٺي رو جو بيت
ڪانڌَ ڪَمِيڻِي آھِيان، ھَلايان نَہ حُجَتَ،
چَنيسَرَ جي چِتَ، ڪَٽُ نَہ لايان ڪَڏِھِين.
رسالن ۾ موجودگي: 26 سيڪڙو
سمجهاڻي
اي منھنجا ور، آءٌ بيشڪ ڪميڻي ۽ نيچ آهيان، پر آءٌ تو سان ڪڏهن بہ حجت نٿي هلائي سگهان (تنھنجي پرواھ نہ ڪري، پنھنجي مرضي هلايان). (مان پنھنجي وس هجان تہ) جيڪر آءٌ ڪڏهن بہ تو چنيسر جي دل من کي ميراڻ يا ٽڪو هرگز نہ لايان ها! (آءٌ تنھنجي مرضيءَ جي خلاف ڪوبہ قدم ڪيئن ٿي کڻي سگهان).
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
कांध कमीणी आहियां। हलायां न हुजत।
चनेसर जे चित। कटु न लायां कडि॒हीं॥
ROMAN SINDHI
KaanD kame'ni aahyan, hala'yan na huJat't,
Chanesar jay chit't, kat't na'a laa'yan kaDhen.