ھِن بيت جا مُکيہ اِسم
Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَدِيُون اَگِهي آھِيان، پِرِيَنِ پُڄاڻا،…
- (بيت) اِيئين رَھِيَسِ راھَ ۾، ھُونھين…
- (بيت) جَڏا ميڙِ جَلِيلَ، جٖي حَبِ…
- (بيت) جَڏائيءَ جا جَلِيلَ، ٻَڌا موڙَ…
- (بيت) حَقِيقَتَ ھِنَ حالَ جِي، جي…
- (بيت) حَقِيقَتَ ھِنَ حالَ جِي، ظاھِرُ…
- (بيت) ريءَ قَرِيبَنِ قُوتُ ڪِئو، آئُون…
- (بيت) ريءَ قَرِيبَنِ قُوتُ ڪِئو، وِرِھَ…
- (بيت) سارِيان ٿِي سَبِيلَ، پُرِ تَقصِيرُون…
- (بيت) ماءُ مُنھِنجو جِندَڙو، کَنيو خِيالَنِ،…
سُر جا ٻيا داستان
- سُر ڪوھياري جَي خودڪلامي جو بيت
سَرَتِيُون ڪِيئَن سَگهِي ٿِئي، ويڙِھِي جا وِرَھَنِ،
چَتُ جَنھِن جو چُورِ ڪِئو ڪِئو، ڏُکوئِي ڏُکَنِ،
پُڄاڻا پِرِيَنِ، اَدِيُون اَگِهي آھِيان.
رسالن ۾ موجودگي: 80 سيڪڙو
سمجهاڻي
اي جيڏيون، اها ڪيئن ٿي چڱي ڀلي ٿي سگهي جيڪا برھ جي بيماريءَ جي ور چڙهيل هجي يا جنھن جي دل کي دردن نپوڙي ڇڏيو هجي (جنھن جي دل ۾ رڳو درد ئي درد هجي). مان پنھنجي پرينءَ کان وڇڙي هردم ناچاق ۽ ناخوش آهيان (آءٌ هن کان سواءِ ڪيئن چاق ٿي سگهنديس).
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سسئي، بيت نمبر : 649
سَرَتِيٌ ڪِيَ سَکِيْ ٿِيٖ وٖيْرِيْجَا وِرْهَنِ﮶
چِتُ جَھِجُوْ چُوْرُ ڪِئُوْ ڎُکُوْئٖيْ ڎُکَنِ﮶
پُڃَانَا پِرْيَنِ اَدِيٌ اَکِيْ آَهِيَان﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
सरतियूं कीअं सघी थिए। वेड़िही जा विर्हनि।
चितु जंहिं जो चूरि किओ। डु॒खोई डु॒खनि।
पुञाणा पिर्यनि। अदियूं अघी आहियां।
ROMAN SINDHI
Sartiyoo'n kee'en saghhi thiye, werrhi jaa wirahan'ay,
chat'u janhin jo choor'ay ki'o ki'o, ddukhho'ee ddukhhan'ay,
pujjaannaa piriyan'ay, adiyoo'n aghhi aahiyaa'n.
TRANSLATIONS
"O sisters! How can she, who is entwined with sorrows, be restored to health? Her mind has actually been pulverized by them. O sisters! After the beloved has left me, I am in ill-health."
How can she be cured, o mates,
Who is enveloped by pangs of separation,
Whose mind is broken by sorrows and is distressed?
O mates, I have been unwell since the beloved left.
اڑیونی میں وچ جُدائی کردی آہ و زاری
وچوں وچوں گہلدی جاواں درد غماں دی ماری
باہجھ پیادے کیہڑا سندا میری درد کہانی
جن کو ہجر کا غم ہو کیسے، پائیگی وہ آرام،
درد سے دل دو نیم ہے سکھیو! ہجر کے ہیں آلام،
جب سے گیا ہے جام، تب سے ہوں بیمار سکھی ری۔