ڌارَ بابت
معنيٰ
پري، پرانھون، علحدہ، الڳ، جُدا، خلاصو. ٻئي نموني، وِٿيرڪو، نيارو، اَراڌو، نِجو.
Apart, separated, distinct, different. s. f. A stream, flow of water.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪوڙِين ڪايائُون، تُنھِنجِيُون لِکَنِ لَکَ ھَزارَ، جِيءُ سَڀَ ڪَنھِن جِيءَ سين، دَرسَنُ ڌارَوڌارَ، پِريَمِ تُنھِنجا پارَ، ڪِھَڙا چَئِي ڪِيئَن چُئان.[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- سُورِي سَڏُ ڪَري، اُڀِي عاشِقَنِ کي، اَٿيئِي سَڌَ سِڪَڻَ ۾، تَہ ڪَھُ مَ پيرُ پَري، سِسِي ڌارَ ڌَري، پُڇِجِ پوءِ…[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- سِرَ جُدا ڌَڙَ ڌارَ، دوڳَ جَنِي جا ديڳِ ۾، سي مَرُ ڪَنِ پَچارَ، حاضُرُ جَنِي ھَٿَ ۾.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- ڌَنءُ ڌَنءُ ڌَمَڻِوارَ، اَڄُ پُڻ آڳَڙِيَنِ جِي، ٻاري مَچُ مَجازَ جو، اوتِيائُون اَڱارَ، ڌُوڌا ٿِيءُ مَ ڌارَ، جِمَ ڪَچو رُڪُ…[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- ايڪُ پِيالو ٻَہ ڄَڻا، عِشقُ نَہ اَڌَ ڪَري، آٽِي سي ايڪُ ٿِئا، کَتا نِينھَن کَري، دُوئِي ڌارَ ڌَري، جُھ خُلَتَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، اَچي پيرَ پئانِ، سِرَ وَڍَڻُ ڌَڙَ ڌارَ ڌَرَڻُ، اِي سِينگارَ سَندانِ، ڏِيندا مُون ڏِٺانِ، مَٿا، مَحبُوبَنِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - محبت جو ميدان ۽ ڪانُ ]
- وَڃَنِ مَ وِينجهارَ، پاڻِيَٺُ جٖي پَرِکِڻا، ايھَرُ پائي اَکِيين، لَھَنِ سَڀَ ڪَنھِن سارَ، موتِيءَ جي مِزاجَ جو، قَدُرُ مَنجِهہ ڪِنار،…[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- چَمَڪِيُون چوڌارَ، ڌَڄِيُون ڌاڙيچَنِ جُون، ماءُ سامُونڊِي آيا، سَھِسين ڪَري سِينگارَ، تَنِي جي تَنوارَ، ڪالَهُون پوءِ ڪانگُ ڪَري.[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- وَڻَجاري جِي ويرَ، سَؤُ سين گهوري گهورِيان، وَکَرُ وِلائِتُنِ مان، آڻي ڪَندو ڍيرَ، تو جَھِڙِيُون تَنھِن ويرَ، اُتِ اُڌارَڻَ اِيندِيُون.[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- صُورَتَ ساھَڙَ ڄامَ جِي، ڏِٺِي جَنِ ھيڪارَ، سُتِيُون ڪِينَ سُکِ ٿِي، ڀِرِي ساڻُ ڀَتارَ، گِهڙِيُون گهَڙَنِئان ڌارَ، ڪاھي پييُون ڪُنَ…[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري اِلاھِي تُھارَ، ڄَنگهَہ ڄَرڪي واتَ ۾، سِسِي کي سيسارَ، چُوڙا ٻِيڙا چِڪَ ۾، لُڙَ ۾ لُڙِھِيَسِ…[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ سَٽاڻا سيسارَ، بيحَد واڳُو بَحرَ ۾، ھيبَتَ نانگَ ھَزارَ، سارِيان ڪانَہ سَرِيرَ ۾، طاقَتَ توھِيان…[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]
- وِيندي مُنڌَ ميھارَ ڏي، ڪَري ڪانَہ نِھارَ، ھِنَ کي چُڻِڪَن ٿا چِتَ ۾، ساھَڙَ جا سِينگارَ، سا ڪِيئَن ھُنَئان ڌارَ،…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- جِيارِيَسِ سَنڀارَ، ڪوھُ ڪَرِيندَمِ گَڏِجِي، ويروتارِ وُجُودَ ۾، پِرِيَنِ جِي پَچارَ، سَڄَڻَ ھُونِ نَہ ڌارَ، ھِيئَڙي ۾ حَلُ ٿِئا.[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- لَيا ڏِٺَمِ لارَ، سانڀارا ساھَڙَ جا، ھِنيُون ھِتِ نَہ وِندُري، ڌَراڙَنِئون ڌارَ، مُنھِنجو مَنُ ميھارَ، پَڳَهِيو پاڻَ ڳَري.[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- ڪَچو کان ڪُنڀارَ، اوڳِي کَڻِيئو اُٿِيين، ڪِ تو ڪَنين نَہ سُئِي، ڀيلي تي ڀُلِڪارَ، لوڙِھِئا لَکَ لَطِيفُ چئَي، ڪوڙيِين ڪارُونڀارَ،…[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- سَڀَيئِي سِينگارَ، مُنڌَ مَرَندي ڇَڏِئا، ڳَچِيءَ وارِئو ٻانھَڙي، وَھي ساڻُ وَڇارَ، لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي، سِگهو رَسُ سَھاڙَ، عِشقَ جي…[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- مَدَتَ ٿِيءُ ميھارَ يارَ، ساھَڙَ سائِرَ سِيرَ ۾، اُونها ڪُنَ اَتانگهَہ تَڙَ، اولِي ھَڻُ آڌارَ، ڏِينھَن ڏُھلا ڏَمَ سين، آئُون…[ سُر سھڻي - وايون ]
- موٽِي مانڊاڻَنِ جِي، وَرِي ڪِئائِين وارَ، وِڄُون وَسَڻَ آيُون، چوڏِسِ ۽ چوڌارَ، ڪي اُٺِيُون وَڃِي اِستَنبولَ ۾، ڪَن مَڻِئو مَغرَبَ…[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- ڪونِهي اُتِ ڪوھِيار، جِتِ تو ڀورِي ڀانيو، پَنڌُ مَ ڪَرِ پاھَڙَ ڏي، وُجُودُ ئِي وَڻِڪارَ، ڌارِئان ڀانِئجِ ڌارَ، پُڇُ پِريان…[ سُر آبڙي - ڳول سندو پاڻ ]
- موٽِي ٻَڌُ ٻِھارَ، سُورائِتِي سَندِرو، ڇَپَرُ تُھان ڌارَ، ڪانَہ ڏورِيندِي ڏُکَ سين.[ سُر آبڙي - جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي ]
- تَنَ مَنَ مَنجِهہ تَنوارَ، ھو يارَ، سَدا آھي سِڪَ جِي وو، تِيئَن چُڻِڪَن چِتَ ۾، جِيئَن سا گَهنڊِيءَ لارَ، لَڳِي…[ سُر معذوري - وايون ]
- مُٺِيَسِ جَهلِ مَھارَ، ڪُٺِيَسِ ڪاھِ مَ ڪَرَھو، مُون نِماڻِيءَ جي نِجُهري، ڀيرو ڪَرِ ڀَتارَ، ساجَنَ تُھان ڌارَ، ڏِٺُمِ ڏِينھُن قِيامَ…[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- مُون کي لَڳَڙِي آھِ لَغارَ، وو يارَ لُنءَ لُنءَ ۾ لالَڻَ جِي، ميخُون مَحَبتَ سَندِيُون، ھِينئَڙي مَنجِهہ ھَزارَ، جَڙَ جَنِي…[ سُر ديسي - وايون ]
- مِڙِي سُورَنِ وارِيُون، ڪَرِئو سُورَ پَچارَ، مُٺِ مُٺِ سُورَنِ سَڀَ ڪَنھِن، ڪانِهي سُوران ڌارَ، ڪَرَمِ لِکِئا ڪاپارِ، سي مُوران موٽَنِ…[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- ڇَپَرَ جا سِينگارَ، وارِجِ واڳَ فَقِيرِ تي، ڏُونگَرَ تُھان ڌارَ، مُون سين جَبَلُ ٿو جاڙُون ڪَري.[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- ڏِيندِيَسِ ماھُ مِرُنِ کي، آئُون ذَرا جِيءُ ڪَري، اي ھوتا، ڏيئِي باھِ ڀَنڀورَ کي، آئُون آيسِ تو ڳَري، آرِياڻِيءَ پُنهونءَ…[ سُر حسيني - وايون ]
- ٻيلي ٻَئِي پارَ، جان مُون نيڻين گهَڻو نِھارِئا، چوري رَکِئَمِ چِتَ ۾، ڏِسِنِ جا ڏاتارَ، تان ھِيءُ سِرُ توھان ڌارَ،…[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]
- شُڪُرُ گَڏِياسُون سُپِرِين، جانِي جِيئَري يارَ، ويٺي جَنِي وَٽِ ۾، ڪوڙيِين ٿِئا قَرارَ، ڌَڻِي ڪَرِ مَ ڌارَ، پاڙو تَنِ پِرِيَنِ…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- جَنھِن جو ڌَڻِيانَ ڌارَ، ٻيلِي ناھِ ڀَنڀورَ ۾، ڪَمِيڻِيءَ جِي ڪانَہ ڪِي، ساٿَ لَڏِيندي سارَ، عالَمَ جا سَردارَ، وارِجِ واڳَ…[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- ڌارَ نَہ يَڪدِلِ يارُ ٿِيي، مَتِ ڏِنِي مِه مَنَ، ڪِ ٿِئوءِ تَسَلو تَنَ، پَروڌوءِ پَراوَنِ مان.[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- ڪيڏانھَن ڪاھِيان ڪَرَھو، چِٽاڻو چوڌارَ، مَنجِهين ڪاڪِ ڪَڪورِي، مَنجِهين باغَ بَھارَ، ڪانِهي ٻِي تَنوارَ، ٿِئو مِڙيوئِي مَينڌَرو.[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- اَچي پِئا آٽَ ۾، واٽَ وِڃائِي جَنِ، ڪُرَندا ڪِي پَرُوڙِئو، رَندِ نَہ سي رِڙَھنِ، ٻيئِي دارَ دَيُون ڪِئو، پيرَتِ تان…[ سُر کاھوڙي - سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار ]
- ڪُتي سُئِي ڪُوڪارَ، سُتي شِڪارِيَنِ جِي، ويچارو وَسِ نَہ پانھِنجي، حِيلَنِ ڪَري ھَزارَ، ڌَڻِي ڪَرِ مَ ڌارَ، ھِنَ لاکِيڻِيءَ لوڌِ…[ سُر کاھوڙي - سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار ]
- اٺاوِيھِينءَ اُنِ کي، سَندِي پَنڌَ پَچارَ، سامِيَنِ سازَ سَنوان ڪِئا، تَندُ وَڄائِينِ تارَ، ڪَنِ مَدائِي ڪانَہ ڪا، موچارا مَڻِيارَ، پاڻُ…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- ڏورَڻُ گهَڻو ڏاکَڙو، ڏورِ مَ ڏِييان ڌارَ، ڪوڙيِين لَکَ ھَزارَ، اِنَ اُونداھِيءَ اَنڌا ڪِئا.[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]
- قُوتَ ڪَڙايا ڪاپَڙِي، طَعامَ نَہ طَمعدارَ، سَينَ ھَنيائُون سُڃَ ۾، جوڳِي ٿِينِ نَہ يارَ، اَوَسَرَ جِيءَ آڌارَ، اُٺي گُوندَرِ گَڏِئا.[ سُر رامڪلي - قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار ]
- سَرَڻِنِ جي سُکَ لاءِ، سانگِ کَنئِي سَردارَ، جي اَبِڙي آيُون آڌارَ، سي سُنگُ نَہ ڏِيندِيُون سُومَرِيُون.[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]
- سِرُ تانسِيئنءَ نَہ ڏِيان، حَمِيراڻا ٻارَ، مُون وَٽِ مَھائِي گَهڻا، تُون ڪَرِ مِيرَ ٿَھارَ، اُڇَلي عِراقِيَنِ سين، ڌَڙُ ڪَندوسين ڌارَ،…[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]
- لِيلان جِمَ لَکائِيين، چَئِي چَنيسَرَ ساڻُ، جَو تو ڀانيو پانھِنجو، سو ريساڻُو راڄاڻُ، پاڻان ڌارَ پَرياڻُ، ڪانڌَ ڪَنھِين جو نَہ…[ سُر ليلا - ھاڻي ويٺي رو ]
- توھان ٽُٽي ڌارَ، ڪَنھِن ھَزارين ھارَ ڏِنا، توءِ تُنھِنجو نَہ ڏِيان، وِيھُون واٽُو وارَ، ھارِي مَٿي ھارَ، دوسُ مَٽايُئِي داسَڙو.[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- تو ڪوٺي تو ڊوھي، تو ڌِڪي ڪِيَسِ ڌارَ، پَئِي رَھِئا پَٽَ ۾، سوڀِيءَ جا سِينگارَ، مَڻِيي مُٺِيَسِ جيڏِيُون، ھائِيءَ وِڌِيَسِ…[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- ڌَڻُ ڌارَڻُ ڌارَ رَھَڻُ، اِيءَ نَہ سَنگهارَنِ سِٽَ، ڪاھي اِيندا ڪَڏِھِين، مَٿي وانڍ وَھِٽَ، جي ھاڻُو ھُونَئِي مِٽَ، تَہ پِہ…[ سُر ڏھر - ڪاڇو ۽ سنگهار ]
- طَمَعَ جِي تَنوارَ، مَٿان ڪَرِيين مَڱڻا، ڌِڪي ڪَندَءِ ڌارَ، ماڻِڪُ ڏيئِي مُٺِ ۾.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- جِيئَن سي کُوھِيءَ نارَ، وَھَنِ وارِيءَ گاڏُئان، ھِينئَڙو پِريان ڌارَ، نِبيرِياسِ نَہ نِبِري.[ سُر رِپ - اندر، سٻر ۽ نھائين ]
- ھِيءُ نَہ آھي ھُنَ ري، ھُو نَہ ھِنِئان ڌارَ، اَلْاِنْسَانُ سِرِّی وَاَنَا سِرُّهٗ ، پَرُوڙِجِ پَچارَ، ڪَندا وِيا تَنوارَ، عالِمَ…[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- مِينڍا ڌوءِ نَہ مارُئِي، ٿِيَسِ ڳُڙلُون وارَ، سَتِيءَ سيئِي سارِئا، جٖي پائُرَ جا پَنوَھارَ، عُمَرَ اُنِهُون ڌارَ، مُورِ نَہ وِھي…[ سُر مارئي - سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ ]
- مِينڍا ڌوءِ نَہ مارُئِي، مَحَلين مارُوئان ڌارَ، پايو ميٽُ مَلِيرَ ري، مُنڌَ نَہ ويڙِھي وارَ، جَا ھُتيجَنِ ھارَ، سا ڪِينَ…[ سُر مارئي - سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ ]
- واجهائي وَطَنَ کي، ساري ڏِيان ساھُ، بُتُ مُنھِنجو بَندَ ۾، قَيدِ مَ ڪَريجاھُ، پَرَڏيھِياڻِيءَ کي پِرِينءَ ري، ڌارَ مَ ڌَريجاھُ،…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- جٖي وَڍي وَڻَ جُدا ڪِئا، ڌُرِيائِين ڌارَ، تَنِ سُڪَنِ ڪِھَڙِي سارَ، تَہ ڪي اُٺا مِينھَن مَلِيرَ تي.[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- پَرَ جَهلَ پييَمِ راتِڙِي، ٻِي ٻاٻاڻِنَؤُن ڌارَ، رُنَمِ راتِ رَتَ ڦُڙا، نائي نيڻنِ نار، ويچارا پَنوَهارَ، ڏٺِي مُون ڏِينھَن ٿِئا.[ سُر مارئي - سارئان ۽ چڪن چاڪ ]
- تَنِ رَهيَنِ وَٽان لَڏِ، جَنِ جِي ناھِ مُھاڙِ مَلِيرَ ڏي، جو ڌَڻُ ڌَراڙَنِئُون ڌارَ چَري، سا ڇانگَ ئِي ڀَڃي ڇَڏِ،…[ سُر مارئي - کائر ڏانھن کڻي وئا ]
- سَرَ ۾ سانجِهيءَ وارَ، مورَنِ مانڊاڻا ڪِئا، سَٽُون ڏِينِ سَپَنِ کي، ڪارايَلَ ڪَنڌارَ، ماري نانگَ اَپارَ، وِھُ پِيتائُون وٽِيين.[ سُر ڪارايل - سَر، اوطاقون ۽ نانگ ]