ڏِيان بابت
معنيٰ
حوالي ڪيان، پاڻ کان ٻئي کي آڇيان
Giving, hand over
بيتن ۽ وائين ۾
- تُون چَنڊُ اُھوئِي، جَو ھُتي پَسِين پِرِينءَ کي، آڏِتَ چَئِجِ عَجِيبَ کي، ڏِيان جَي روئِي، ھيڪانديءَ ھوئِي، سانگُ نَہ پوئي…[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- توڙي تَڙِيين تُون، تو دَرُ توءِ نَہ ڇَڏِيان، مُون کي سو مُشاھِدو، جي مُنھُن نَہ ڏِيِين مُون، مُون ٻِئا دَرَ…[ سُر کنڀات - وايون ]
- ڪِئان لَھَندِي سي، يا اَلا ڪِئان، وَحدَہٗ جٖي وَڍِيا، جِتي وَحدَہٗ وَڍَ ٿِئي، جيڪو مُون کي ني، سِسي ڏِيان ساھَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- اَڱَڻِ آيا جانۡ، تَہ سَرَتِيُون مُون سُکَ ٿِئا، اَمُلَ پِرِينءَ مَٿان، ٻَڙِڪِئو ٻِيَنِ ڏِيان.[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- تَڙَ نِھارِئان تي مُنھِنجا بَندَرِ وِئَڙا جٖي، مانَ سِڙَه سُڃاڻان سَڄَڻين، گهَڻو اُڪَنڊِي آھِيان، پِرِينءَ پَنھِنجي کي، کَٿُورِي سَمُنڊَ کي،…[ سُر سامونڊي - وايون ]
- گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، تان ڪِي تَرُ ھِنيان، اَدَبُ اَکَڙِيُنِ کي، ڏِھاڙِي ڏِيان، مُون کي ميھارَ مِيان، سَنئُون سُونھايو پيچِرو.[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- نَہ ڪانِيءَ نَہ ڪانھَنۡ، نَڪو ڏوھُ قَلَمَ جو، اَنگُ اُتي ئِي لِکِئو، جِتِ نَہ رَسي ٻانھَن، ڪَنھِن کي ڏِيان دانھَن،…[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- آيَلِ اَمَڙِ توءِ جِيئان، جَي مُون سارِينِ سُپِرِين، سَنئُون سُونھائِيين پيچِرو، ميھارَنِ مِيان، گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِيو، تان ڪِي تَرُ…[ سُر سھڻي - وايون ]
- حُرُ ھَلِي آيو ھُنِ پاران، مانجِهي مَردانو، اَڳِيان اَچِي اِمامَ جي، زور ڀَريائِين جانو، آھي عاشِقُ آڳِ جو، پَتَنگُ پَروانو،…[ سُر ڪيڏارو - ڪامل ڪربلا ۾ ]
- ڄاتُمِ نَہ ڄاڻِي، تَہ ڪِ سانگِ ھَلَندا سُپِرِين، آئُون ڪِيئَن ڇَڏِيان پانھِنجو اَدِيُون آرِياڻِي، پاھَڻَ ۾ پاڻِي، ھاريُون ھارَڻُ آيو.[ سُر آبڙي - سڀ ڪجهہ سندي اندر ]
- ھَٿان ھَڏِ نَہ ڇَڏِيان، صَبُرُ شُڪرانو، ذَوقَ زَمانو، مُون وَرَ وِئَڙو وِسَرِي.[ سُر آبڙي - آءُ اوراھون، ناھ جميعت ]
- ھوتَ ٻاروچي ساڻُ، جيڏِيُون جيڏِيُون مُنھِنجي جِيءَ جُون ڳالِهيُون، چَڙِهي ڏُونگَرَ چوٽِيين، پُرزا ڪِندِيَسِ پاڻُ، ڇُلِي پيٺِيَسِ ڇَپَرين، يارَ سَڱَ…[ سُر آبڙي - وايون ]
- آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، سَھِسين سِجَ وِئا، ھَلَڻَ ويرَ ھِئان، ديکي شالَ دَمُ ڏِيان.[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- تَنَ مَنَ مَنجِهہ تَنوارَ، ھو يارَ، سَدا آھي سِڪَ جِي وو، تِيئَن چُڻِڪَن چِتَ ۾، جِيئَن سا گَهنڊِيءَ لارَ، لَڳِي…[ سُر معذوري - وايون ]
- وِندُرَ جَنِ وَڻَنِ سين، ڪِيَمِ سَھِسين سُکائُون، پُنهون وَٺِي پاڻَ سين، اَچان جَي آئُون، وَرَندي وَچائُون، ڏِيان شاخ سَڀَ ڪَنھِن.[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- جَتَنِ جا جيڏِيُون، ھُئَڙَمِ سُکَ سَرَتِيُون، پيرُ نَہ ڇَڏِيان پِرينءَ جو، جي ھوتُ ڪَري ھيڏِيُون، مُون ڪَمِيڻِيءَ ڪيڏِيُون، آھِينِ اُمِيدُون…[ سُر ديسي - جَت نہ مِٽَ ]
- آئُون تي ڇُلان مَٿي ڇَپَرين، جي ٻاروچي ٻاجَهہ گهَڻِي، آئُون پَنھِنجي پِرِينءَ سين، ويندِيَسِ واڳَ وَڻِي، مَرُجان پوئِيمِ مُنھَن ۾،…[ سُر ديسي - وايون ]
- گِلا ڪا مَ ڪَري، مُنھِنجِي شَھَرَ ڀَنڀورَ ۾، جَنھِن وَڻَ ھيٺان ھَلِئا، سَڄَڻَ سانگُ ڪَري، لامُون تَنھِين وَڻَ سَندِيُون، لوڏِيان…[ سُر ڪوھياري - وايون ]
- سُورَنِ لَڌو سَنجُهہ، پاڻِهين پيھِي آيا، ڪَنھِن کي ڏِيان مَنجُهہ، مَرُ ٿا چِڻِڪَنِ چِتَ ۾.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- نَڪِي ٿِي جِيئان، نَڪِي مُئِي آھِيان، ساڄَنَ ساھُ ڏِيان، توکي سارِئو سُپِرِين.[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- سَؤُ سُکَنِ ساٽي ڏِيان، سِرُ پُڻ ڏِيان سَٽِ، جَي مانۡ مِڙي مَٽِ، تَہ وِرھُ وِھايان وِتَرو.[ سُر حسيني - سؤُ سُک ۽ طالب، تات ]
- ڪا مَٽُ مَٽائي، سُورَ مان سا سَرَتِيُون، ڏيڍا ڏِيان نَہ ڏِينِ، ڏوڻا ڏِيان پائي، لالَڻَ تو لائي، ڀُڻِي ڏُونگَرَ ڏورِيان.[ سُر حسيني - سؤُ سُک ۽ طالب، تات ]
- ڪِي جو ٻِيجَلَ ٻولِئو، ڀِنِيءَ ويھِي ڀانَ، راجا رَتولَنِ ۾، سِيباڻو سُلطانَ، آءُ مَٿاھُون مَڱڻا، مُقابِل مَيدانَ، گهورِيا لَکَ لَطِيفُ…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- ٻِيجَلَ کي ٻِيءَ راتِ ۾، سَڏايو سُلطانَ، تَہ اَڳي ڪو نَہ آيو، ڪو ڀيرِ تُنھِنجي ڀانَ، جانِئان جِيءُ جُدا ڪِئو،…[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- چارَڻَ چوٿِينءَ راتِ ۾، آءُ نِچُ آھِين جِيءُ، تُنھِنجو قَدَمُ پَدَمَ نَہ پاڙِيان، اَچِي ٿِيءُ جَمِيعُ، دانَ دَلُوچا دِلِ وَڻِيا،…[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- چارَڻَ ٻولِجِ ڪِي ٻِئو، گهُرِيُئِي سو گهورِيان، گهَرُ سورَٺِ نَہ پَڙي، جان تَندُ بَرابَرِ تورِيان، ڳُجِهي آھِمِ ڳالِهڙِي، آءُ اوري…[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- جاجِڪَ تو جُھارُ، ڏَھَ ڀيرا ڏِياچُ ڏي، جَنھِن ۾ مالُ نَہ مِرِيءَ جيتَرو، تَنھِن تُون طَمَعدارُ، جَي اَچي ڪَمِ ڪَپارُ،…[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]
- ماڙِيءَ ھيٺان مَلُوڪَ جي، ڪِي جَنگيلِيءَ چِيھَ، اونائِي عَلِيلَ جِي، مَٿي راجا رِيھَ، جي سِرَ ھُونِمِ وِيھَ، تَہ تَندُ مُقابِل…[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]
- آيا پِرِين گُهرَنِ، اوتارا اَکِيُنِ ۾، ويڙھو ڏِيانِ ويڪِرو، وَنِيُنِ مَنجِهہ وِھَنِ، آئُون ڏِيندِي کي تَنِ، مَٿي تارَنِ تَڪِئا،[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- تَنِ اَکَڙِيُنِ آئُون اَڙائِي، ٻَڙِي جيڏِيُون، ڪَنھِن دَرِ ڏِيان دانھَڙِي، ڦِڪِيُون ڏيئِي ڦَڪِيُون، ويڄَنِ آئُون وِرچائِي، حُسُنَ ھوتَ حَبِيبَ جي،…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- ڪَڍِي ڪانگا تو ڏِيان، ھِنيُون ساڻُ ھَٿَنِ، وَڃِي کاءُ وِلاتَ ۾، اَڳِيان عَجِيبَنِ، پِرِين مانَ چَوَنِ، تَہ ھِيئَن قُربانِي ڪيرَ…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- آءُ ڪانگا تو ڏِيان، چِٺِي چورائي، سا وَڃِي ڏي مَحبُوبَ کي، لوڪان لِڪائَي، پِرِين پَڙَهائي، مانَ سُڌِ لَھَنِ سُورَ جِي.[ سُر پورب - ڪانگ ]
- پُورَڀَ مارِياسِ، ڪَنھِن دَرِ ڏِيان دانهَڙِي، مَتِيَون ڏِيندي لوڪَ کي، چَرِي پاڻَ ٿِياسِ، جَنِي نَہ جيھِياس، مان لَنئُن لَڳِي تَنِ…[ سُر پورب - جوڳي ]
- اُکولِيندي اُٿِئا، ويٺي وَٽِيائُون، اُنِهين جيءَ آئُون، ڪِھَڙِيءَ ڳالِهہ ڳَنڍِ ڏِيان.[ سُر پورب - سامي سنياسي ]
- سِرُ تانسِيئنءَ نَہ ڏِيان، حَمِيراڻا ٻارَ، مُون وَٽِ مَھائِي گَهڻا، تُون ڪَرِ مِيرَ ٿَھارَ، اُڇَلي عِراقِيَنِ سين، ڌَڙُ ڪَندوسين ڌارَ،…[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]
- توھان ٽُٽي ڌارَ، ڪَنھِن ھَزارين ھارَ ڏِنا، توءِ تُنھِنجو نَہ ڏِيان، وِيھُون واٽُو وارَ، ھارِي مَٿي ھارَ، دوسُ مَٽايُئِي داسَڙو.[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- ڳوڙَھَنِ ڳاٽُ ڀَري، جان آيَسِ اَڳُوڻِيءَ ھيرَ، تان نَہ آتَڻُ نَہ جيڏِيُون، پَلَنگِ ڏِيان ڪيئن پيرَ، ھاڻ گهيڙ گهُمَندِي ڪيرَ،…[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- اُڀِرَندي سِجَ سان، پِرِين جَي نَہ پَسَندِيُون، ڪَڍِي کي ڪانگان، نيوالا نيڻَ ڏِيان.[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- اَکڙِيُون پِرِيَنِ ري، جٖي ڪِي ٻِئو پَسَنِ، ڪَڍِي کي ڪانگَنِ، نيوالا نيڻَ ڏِيان.[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- جيڪَرَ ڪِينَ جِيئان، اِنَ جاڙَ مُقابِل جيڏِيُون، ڪِھَڙو مُنھُن مَلِيرَ ڏي، کَڻِي نَڪُ نِيان، ڪَنھِن کي ڏوھُ ڏِيان، جُھ اَصلِ…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- واجهائي وَطَنَ کي، ساري ڏِيان ساھُ، بُتُ مُنھِنجو بَندَ ۾، قَيدِ مَ ڪَريجاھُ، پَرَڏيھِياڻِيءَ کي پِرِينءَ ري، ڌارَ مَ ڌَريجاھُ،…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- واجهائي وَطَنَ کي، ساري ساھُ ڏِيان، سِڙي ساڻيھَ سامُهين، مُنھِنجِي نيجِ مِيان، مُقامِياڻِي مارُوئين، وَڃِي ٿَرِ ٿِيان، مُيائِي جِيئان، جَي…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- آئُون ڪِيئَن ڇَڏِيان سُومَرا، تَنِ پَنوَھارَنِ پَچارَ، جَڙَ جَنِي جِي جانِ ۾، لَڳِي ريءَ لُھارَ، ميخُون مَحَبتَ سَندِيُون، ھِينئَڙي مَنجِهہ…[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- اَرَمَ ھَڏِ نَہ اوڍِيان، پَٽولا پَٽَ چِيرَ، ٻانڌُڻائِي ٻَنِ ڏِيان، اَرغَچَ ۽ عَبِيرَ، مارُوءَ سين ماڻِيان، کَٿِي جِھَڙِي کِيرَ، اَندَرِ…[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]
- لوھَ جا لَھِي وِئا، نِيَرُ نَہ لَھِي نِينھَن جو، مارُوئَڙَنِ ڌاران ماڙِيين، ڏُھلا ڏِينھَن ٿِئا، ڏيھِي ڏُورِ وِئا، ڏِيان ڏوراپو…[ سُر مارئي - لوھ نير، مند مارُو ]
- چُرَنِ چُڻڪَنِ چِتَ ۾، هُرَنِ مَنجِهہ هِنيان، ڪَڍُ بَندِياڻِي بَندَ مان، موڪَلَ ڏي مِيان، وَڃِي ڏيھِہ ڏِيان، کِيرُون کَٿيرِنِ کي.[ سُر مارئي - چرن چڻڪن چت ۾ ]
- هِڪَ سِرِي هِڪُ ساھُ، ٻِئو ناھِ جو ٻِئَنِ ڏِيان، ڄاڻي هيڪُ اللهُ، سو تان کيتَ خَرِيدَ ڪِئو.[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]
- کاروڙِئا کَڻِي، ويڙِهِي جَهپَ وِئا، سيڻَ مُنھِنجا سَيِّدُ چئَي، هاڻي هِتِ هُئا، پَسِي پَڊَ اُنِ جا، لَڙِي لُڙِڪَ پِئا، ڏيھِي…[ سُر مارئي - کائر ڏانھن کڻي وئا ]
- اُنَ نَہ مَٽيان پَٽِ، آئُون جَا ڪِرِڙَ ڪَپُورِ نَہ مَٽِيان، ويٺِي شالَ وِلوڙِيان، ڍولي پاسي ڍَٽِ پَکا پَکَنِ سامُھان، پيھِيُون…[ سُر مارئي - وايون ]
- مُنھِنجو مَنُ مِيان، واڳِئو ويڙِهيچَنِ سين، پَھِي پاکِي پَٽِڙِي، پِرِيَنِ ساڻُ پِيان، حَرَفَ لَٿي ھيڪَڙي، ھِتي تان نَہ ھُئان، پيرُ…[ سُر مارئي - وايون ]