سُڃا بابت
معنيٰ
ڀينگيا، ڪنگال. مفلس، بکيا، محتاج. برباد. صفا ٻُڙِي.
Desolates, wastes, uninhabiteds, needies, pennilesses, necessitous, miserly. (zero)
بيتن ۽ وائين ۾
- مَندُ پئَندي مُون، ساڄَنُ سَھِي سُڃاتو. پِي پِيالو عِشقَ جو، سَڀُڪِي سمجِهوسُون، پِريان سَندي پارَ جِي، اَندَرِ آڳِ اَٿُون، جِيئَڻُ…[ سُر ڪلياڻ - وايون ]
- جَو مُون پَڙِهئو پَڙِهئو پاڻَ لَئي، سَبَقُ سابِقَ جو، پھرِين سُڃاتُمَ پانھِنجي، نَفسَ جو نِھو، جِتِ عِرفانُ اَصلَ ۾، ٿي…[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- اُوڄُون ڪَري عامَ کي، مُنجهايو مُلَنِ، اُوءِ پِريان ئِي پاسي ٿِئا، ٿا ڳَھَ ڳَھَ ڳالِهيُون ڪَن، ساھَئُون اوڏو سُپِرِين، لوچِئو…[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- جيڪي سِڪَڻُ سِکُ، نان تَہ پَسُ سِڪَندِيُون، پاسي تَنِ مَ لِڪُ نِينھُن نَہ سُڃاڻَنِ جي.[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- ڪَرَھا ڪُرَ سُڃاڻُ، پِيَ ڪو ۽ پانھِنجو، اَصلِ آھي آھِنجو، ناليرو نِڌاڻُ، ڪَرَھا اَسان ساڻُ، چانگا ڪِجِ چَڱايُون.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- جٖي نَہ سُڃاڻَنِ سَچَ کي، وانءُ مَ تَنِي وَٽِ، اَمُلَ کي اَڌَ ڪَري، پاڻا ھَڻَندا پَٽِ، مُھِرَ تَنِي کان مَٽِ،…[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- نَنگَرَ ۽ ناڙِيُون، پَڳَھَ کَڻِي پَنڌِ ٿِئا، بَندَرَ بازارِيُون، سُڃا سامُونڊِيَنِ ري.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- سِڙَه سُڃاڻِيو چوءِ، ماءَ سامُونڊِي آيا، مانَ مُنھِنجو ھوءِ، جانِي ھِنَ جَھازَ ۾.[ سُر سامونڊي - ڳرڻ ۽ چنتا ]
- سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا، وَرِيُنِ واءُ اُتَرَ، ٻارَھين ماھِ موٽِئا، وِئا پَروڪِيءَ پَرَ، سُڃا سامُونڊِيَنِ ري، بازارِيُون بَندَرَ، کَڻِيو سُورَ سَمَرَ،…[ سُر سامونڊي - آيا وڻجارا ]
- تَڙَ نِھارِئان تي مُنھِنجا بَندَرِ وِئَڙا جٖي، مانَ سِڙَه سُڃاڻان سَڄَڻين، گهَڻو اُڪَنڊِي آھِيان، پِرِينءَ پَنھِنجي کي، کَٿُورِي سَمُنڊَ کي،…[ سُر سامونڊي - وايون ]
- سِڙَه سُڃاڻِيو چوءِ، ماءَ سامُونڊِي آيا، بَرِڪَتَ مُحَّمَدُ مِيرَ جي، اَڱڻُ سُرَھو ٿِيو، سِڪَندي مُون سالَ ٿِئا، وَڻِجارو آيو، ماڻُهو…[ سُر سامونڊي - وايون ]
- جَو تُون آھيين توکي مَڱان، آئُون ٻِئو دَرُ ڪونَہ سُڃاڻان، اِلاھِي عِنايَتَ سين، نَوازِيين نَماڻا، اَنڌا ڪَرِيين اَڳَ ۾، ڪوٺائِيين…[ سُر سھڻي - وايون ]
- لَڙَڪي لَنئُن نَہ سُڃاتو، راندِ ڀانيائِين رازَ کي، اَنڌو اُلُوھيَتَ کان، آھي اِيءُ اُماتو، صُباحَ سو نَہ شُمارَ ۾، جَو…[ سُر سھڻي - وايون ]
- مَحَبتَ سَندو مَنَ ۾، پُرِ پِيالو جَنِ، پِيَنِ پَرَچاء ناھِ ڪو، ڪَنھِن جَنھِن ڏاھَ ڏَڀَنِ، جَنھِن نِھايَتَ ناھِ ڪا، تَنھِن…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- پاڻِيءَ مَٿي جُهوپَڙا، مُورَکَ اُڃَ مَرَنِ، ساھان اوڏو سُپِرِين، لوچِئو تان نَہ لَھَنِ، دَمُ نَہ سُڃاڻَنِ، دانھُون ڪَنِ مُٺَنِ جِيئَن.[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- ڄاڻِي سُڃاڻِي، وِھان ڪِيئَن ماٺِ ڪَري، اَندَرِ آڳِ عِشقَ جِي، اَپَرِ اُڌاڻِي، اَلْعِشْقُ نَارٌ يُحْرَقُ مَا سِوَا الْمَحْبُوْبِ ، کُوري…[ سُر آبڙي - سڀ ڪجهہ سندي اندر ]
- ڄاڻِي سُڃاڻِي، مُون کي ڇَڏي ھَلِئا، اَدِيُون آرِيچَنِ لاءِ، آئُون کُوري ۾ کاڻِي، ڀَرِيُمِ جَو پاڻِي، سو ڪيچِيَنِ ڪَمِ نَہ…[ سُر آبڙي - سڀ ڪجهہ سندي اندر ]
- جَي نَہ رَھِئا راتِ، تَہ ڪِھَڙو سُکُ سَرَتِيُون، ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ جي، مُٺِي مُلاقاتِ، مَتان مُٺِي ڇَڏِيين، طَلَبَ پِريان جِي تاتِ،…[ سُر ديسي - ڏيرن جو ڏمر ]
- ڀينَرُ آئُون ڀورِي جَنھِن مُون سَڱُ سُڃاڻِي نَہ ڪِئو، ڏِيندا مُون ڏيرَ وِئا، جِهڄَڻَ ۽ جهورِي. لَڳِي جَنِ لورِي، ڏُونگَرُ…[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- اَدِيُون آئُون اَڄاڻِ، جَنھِن سَڱُ سُڃاڻِي نَہ ڪِئو، ھُوندَ نَہ ڪَڍِيَمِ ھيتِريِ، ڪوھِيارِي جِي ڪاڻِ، رَتِيءَ جي رِھاڻِ، جِيءُ اَڙايُمِ…[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- ڀِنِيءَ ٿِئا ڀيڙا، ساٿِيَنِ سَنڊَ ھَٿَنَ ۾، آئُون سُتِي ھُو ھَلِئا، کَنيائُون کيڙاَ، لَڪَنِ تان لَطِيفُ چئَي، لَنگهي وِئا ليڙا،…[ سُر ديسي - اڱڻ مٿي اوپرا ]
- نِڪِرُ نِماڻِي، پَرَتِيئَن پُنهونءَ ڄامَ کي، سِڳَرَ ۾ سَيِّدُ چئَي، ھوتَنِ ٿِيءُ ھاڻِي، توکي سُڃاڻِي، پاڻَهِين ڪَندا پانھنجو.[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- مُون کي جَنِي مارِئو، سُڃاتَمِ سيئِي، پُنهونءَ پيڪانَ پَڇَنڊِئا، ٻِلَنِ تان ٻيئِي، ويڄَنَئُون ويئِي، ٿِي وَھِيڻِي سَڄَڻين.[ سُر ڪوھياري - لاچارگي ۽ ساھس ]
- مُون کي جَنِي مارِئو، سُڃاتَمِ پاڻا، لوھُو لِڱَنِ ناھِ ڪِي، سَنڌَ مِڙيئِي ساڻا، دارُونءَ جا داڻا، ڏِنَمِ ھوتَ ھَٿَنِ سين.[ سُر ڪوھياري - لاچارگي ۽ ساھس ]
- ڀُلِئو سَڀَ ڀَنڀورُ، جو پُٺِيءَ ھوتَ نَہ ھَلِئو، شَھَرَ سُڃاتو ڪِينَڪِي، آرِياڻِي اَتورُ، مارِئو تَنِي مورُ، جَنِي، ديکِئو دِلِ سين.[ سُر حسيني - بُرو ھو ڀنڀور ]
- ٻاروچا ٻِئا گَهڻا، مُنھِنجو اَٽَلُ آرِياڻِي، چُونڊي رَکِيُمِ چِتَ ۾، ساڄَنُ سُڃاڻِي، ٿَڪِيءَ کي ٿَرَنِ ۾، پَهچائي پاڻِي، جا وِندُرِ…[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- تو جو ڏِٺو پيرُ، سُڃاتُئِي نَہ سيڻَنِ جو، ٻِئو پُڇَندِينءَ ڪيرُ، سوئِي تو سُونهُون ٿِئو.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- وَڃِي وَڃِي ويٺَڙِي تِتي، جِتِ پيرُ ڏِٺائين پِرِينءَ جو، پيرُ سُڃاتائِين پِرِينءَ جو، مَنجهان نِينھَن نِرتي، ھُو وِھِيا وَڻِڪارَ ڏي،…[ سُر حسيني - وايون ]
- کوڙي کَڻُ مَ سُپِرِين، کَنيَئِي تان کوڙِ، اَھلَ اَکَڙِيُنِ جِي، نيئِي نِباھِجِ توڙِ، مُون ۾ عَيبَنِ ڪوڙِ، تُون پاڻُ سُڃاڻِجِ…[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- مُئي ھاٿِيءَ سين مامِرو، اَچِي پِئو اَنڌَنِ، مَناڙِينِ ھَٿَنِ سين، اَکِيين ڪِينَ پَسَنِ، في الَحقِيقَتهِ فِيلَ کي، سَڄا سُڃاڻَنَ، سَندِي…[ سُر کاھوڙي - سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار ]
- آئُون جيھائِي ذاتِ تُون وو پاڻُ سُڃاڻِجِ مِيان سُپِرِين، ٻانِهي ڪوٺِينِ ٻاجَهہ سين، تان ڪَرَ لَڌِيَمِ ڏاتِ، اويُون آرِياڻِيءَ جُون،…[ سُر کاھوڙي - وايون ]
- سِياڪو سيڻان، ڀورِي تو پاڻُ سُڃاڻِي نَہ ڪِئو، آٽَنِ مُنھِنجا اَڱڙا، ڪالُهون پوءِ ڪيڻانِ، ھُوندَ نَہ پيئِيَن ھيتَري، وَھِئِيَن جي…[ سُر کاھوڙي - وايون ]
- نائين ڏِينھِن نيڻانِ، اوجاڳي اُجارِئا، سَٻاجهي ٻاجَهہ ڪِي، سُڃاڻِي سيڻانِ، جِتي نَظَرُ ناٿَ جو، اُتِي اوتارانِ، اِھي اُھڃاڻانِ، لِڪا ڀُوڻَنِ…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- وَرَنِ وِيھين ڏِينھَن تي، سامِي سُڃاڻِئو، پاڻُ پَچائِينِ پُورَ ۾، آديسِي آڻِئو، مالَهائُون مارِئو، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ پَرِ ڪَلمي جِي پارِ، پَنجَنِ سين پُورو رَھُ، آيا ٽِيھَ مَ ٽارِ، تَڏِھِين ڌاڳا ڌارِ،…[ سُر رامڪلي - جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان ]
- ڪَنَ ڪورائيين ڪاپَڙِي، اِي زَنانو جوڳُ، سامِي سُڃاڻَڻُ پِئو، ايڪُ دُوئِي ٻِئو دَوڳُ، جَنھِن وَڻُ ڀانيو ڦوڳُ، رامُ تَنھِين کي…[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- گُلَ گُلَ پَسِي گودَڙِئا، گَهڻا مَ ڀانئيجِ، سوئِي سُڃاڻيجِ، ھِيءُ ھُو آھي ھيڪِڙو.[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- پِنَنِ جَو پَٽُ کَڻِي، سو جَي سُڃاڻَنِ، بَرَ ۾ بِيکُ لَھَنِ، پَھَرَ نَہ پُڇَنِ ڪاپَڙِي،[ سُر رامڪلي - قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار ]
- جِتي ايرُ نَہ ڀيرُ، سا جُوءِ سُڃاتِي جوڳِيين، اُتي ڏيئِي پيرُ، آسَڻَ آديسِيَنِ ڪِئا.[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- ثييَئُون ثابِتُ سَندِرو، جوڳِيَنِ کي جَڙِئو، تَنِ حَرَفُ سُڃاڻِي ھيڪِڙو، مَنجهان پِرتِ پَڙِهئو، لاھُوتِيَنِ لَطِيفُ چئَي، اَندَرِ اَلِفُ اڙِئو، لَا…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- طييَئُون طالِبَنِ کي، ڪو جو پَھُ پِئو، وَتَنِ پَرَ ڀُون پُڇَندا، ٻِيُون ٻَنِ ڏِئو، فَرضُ فَنا فِی اللہ جو اُتُنِ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- ڍَڪَ ڍَڪِيندو مُون نَہ ڇَڏِيندو، شفيعُ شافِعُ سُپِرِين، اَنڌا اُونڌا آکُڙِئا، سَڀَ نِباھي نِيندو، وَٽان ويچارَنِ جي، داڙُو پاڻَ دَڙِيندو،…[ سُر بلاول - وايون ]
- جَي مُون مُوڙِھِي مَتِ، تَہ پاڻُ سُڃاڻِجِ سُپِرِين، اَصلِ اَوايُنِ جا، عَيبَ ڍَڪِين تُون اَتِ، اِيءَ پِرِين تُنھِنجِي پَتِ، جِيئَن…[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- پاڻُ سُڃاڻي ڪانڌُ، پاڻيهِي پيھِي آيو، ڏِنُو ڍولِئي پاندُ، وِئو سُورُ وَرِھِينِ کي.[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- ڪِيرَتِ راھَ گُمُ ڪِي، ڄاڻَ وِڃايو ڏاڻُ، جَي سُڃاڻين پاڻُ، تَہ سَڀوئِي سُبحانُ ٿِيين.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- ڪيچُ جيڏاھِين جيڏِيُون، آھيم آسَ اوڏاھِين، بَندِيءَ جِي بازارِ ۾، شالَ مَ پَوي پانھِين، ھاڙِھي وَڃِي ھوتَ ڏي، ٿيِندِيَس ڏاھِ…[ سُر جاجڪاڻي - وايون ]
- سُڃاپي نَہ صُورَتَ ري، صُورَتَ ھَڏِ مَ سوجِهہ، ٿِيءُ ٻاراڻِيءَ ٻُوجِهہ، وِڃائي وُجُودَ کي.[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- ڏِسَنِ ڏِھاڙِي، توءِ تَرِسَنِ اوڏَھِين، آيا سُڃاڻِي، نيڻَ نِھاري پِرِينءَ کي.[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- ديکِ مَ تُون سين تَنِ، جٖي مَجازِياڻِيُون مُنھَن ۾، ڪِينَ سُڃاتو سُپِرِين، نِھاري نيڻَنِ، پِرِين سي پَسَنِ، ٻيئِي جَنِي ٻُوٽِيُون.[ سُر آسا - مجازي مام ]
- پَساھَ سين پَسان پِرِين، ساھَ سين سُڃاڻا، اِھَيئِي ٻَہ ٽاڻا، اَچِي رَھِئا رُوحَ ۾.[ سُر آسا - مجازي مام ]
- ديکِيندي دِيدارَ کي، ڪِينَ سُڃاتو ڪُلَ، تازِي طَويلَنِ ۾، آھِ اَحاطو جُهلَ، ھُئا جٖي اَمُلَ، سي حِسابان ھَڄِي وِئا.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- ديکِيندي دِيدارَ کي، ڪُلَ سُڃاتو ڪِينَ، تازِي طَويلَنِ ۾، آھِ اَحاطو زِينَ، ھُئا جٖي اَمِينَ، سي حِسابان ھَڄِي وِئا.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- ديکِيندي دِيدارَ کي، ڪُلَ سُڃاتو ڪِينَ ؟ جانِبَ مَنجهان جِيئَن، مَحرُومَ ئِي مَرِي وِئا.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- نَہ ڪا اِبتِدا عَبدَ جِي، نَہ ڪا اِنتَھا، جَنِ سُڃاتو سُپِرِين، سي وَڃَڻَ کي وِئا.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- سي اَحمَدُ سو مُحَّمَدُ، سو عَينُ اللهُ، وَنَحنُ اَقرَبُ اِلَيهِ مِن حَبلِ الوَرِيدِ ، اِيءُ پَرُوڙِجِ پَساھُ، جَنھِن جي رُوحَ…[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- ڪِجِ طَرِيقَتَ تَڪِيو، شَرِيعَتَ سُڃاڻُ، ھِنيُون حَقِيقَتَ ھيرِ تُون، ماڳُ مَعرِفَتَ ڄاڻُ، ھوئِجِ ثابُوتِيءَ ساڻُ، تَہ پُسَڻَ کان پالهو رھين.[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- اَللہُ سُڃاڻَڻُ سُٿِرو، جي ھِنيُون ڇَڏيئِي ھورُ، تَہ ڪِرپا ٿِييئِي ڪَکَنِ ۾، ڪونَہ ڪوٺِيئِي چورُ،[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- واڳِئا جي وَجَهہ سين، رَبُ نَہ سُڃاڻَنِ، ميڙِيان ميڙِيان ڪَنِ، اِيءَ ميڙَ مُهَندِيَنِ ڪَڏِھِين.[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- جِتِ پَرُ پيرُون هُئا، اُتي اَباڻانِ، هُو جٖي ماڳَ مَلِيرَ جا، سي سَڀَ سُڃاڻان، هاڻي نَہ ڄاڻان، تَہ ڪِھڙو واقِعو…[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]
- مَرَڪي مُھاڻِي، جَهرَڪي جيڏِيُنِ وِچَ ۾، جِيئَن سَڳو مَنجِهہ سُرِندڙي، تِيئَن راڻِنِ ۾ راڻِي، سَمي سُڃاڻِي، ٻِيڙو ٻڌُسِ ٻانھَن ۾.[ سُر ڪاموڏ - مِڙيوئي معاف ]
- ھَٿين پيرين آرَکين، مُنھِن نَہ مُھاڻِي، اَصلِ ھُئِي اُنَ کي، اَھلَ ڄاماڻِي، سَمي سُڃاڻِي، ٻِيڙو ٻَڌُسِ بانھَن ۾.[ سُر ڪاموڏ - مِڙيوئي معاف ]
- ھَنجَ نَہ ھُلائِين، سَڄَڻَ نَہ ٽِلَنِ سيرِيين، لَڏي ڏورِ نَہ وَڃِڻا، مَرِي مَ ڦوڙائِينِ، سُڃا پَڊَ پِرِيَنِ جا، کَنَرَ ٿا…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]