Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آگَمَ ڪِيو اَچَنِ، سَڄَڻَ سانوَڻَ…
- (بيت) آگَمِجِي آيُون، اُتَرانِ ڪَري اُورِ،…
- (بيت) اوڇَڻُ گُهرِجي آجِڪو، جُهوپو سَھي…
- (بيت) اوڇَڻُ گُهرِجي آجِڪو، پَکو نَہ،…
- (بيت) اُتَران جو آيو، تَنھِن ڪَڪَرَ…
- (بيت) سَڄَڻَ سانوَڻَ مِينھَن جِيئَن، جُهڻِڪَنِ…
- (بيت) سڄو صافُ نَہ اُڀِري، سَرلي…
- (بيت) مُحِبَ مُنھِنجا سُپِرِين، آڻيئِي اللهُ،…
- (بيت) مُون جُهڙُ ڏِٺو اُڀَ ۾،…
- (بيت) مِينڍو مِينھَن پُسايو، سَڙِي ٿِيو…
- (بيت) واھُوندِئان وِڄُون ٿِيُون، گُڙِيو ڏُونھِن…
- (بيت) وَسُ بادَلَ وَسُ، تو وَسَندي…
- (بيت) پاڇاٽِئان پَئِي، ٿِئو آڳاٽِئان اَڳِرو،…
- (بيت) ٿاوَرَ اُٿِي پَسُ، ڏيھِ کِوَندِي…
- (بيت) ٿَرُ گَجِئو بَرُ گَجِئو، گَجِئو…
- (بيت) ڇَنَ ڇَڏي پَئُہ ٻَنَ، نَئِين…
- (بيت) ڏيئِي ريجُ رائُڪَ کي، ڪِيائين…
- (بيت) گَنيَرَ گَتِ سِکَنِ، چَلَڻَ جِي…
- (بيت) گَنگُو جِئان گوڙِ ٿِي، ڪَھِيو…
سُر جا ٻيا داستان
- سُر سارنگ جَي سيڪارا سارنگ جو بيت
جَنِي گهَرِ گَهٽَ مَٽَ، سَرلي سُونھَنِ سي،
جٖي ھُيون وانڍِيُون وَرَنِ ري، تَنِ کي مِينھَنِ سَڄَڻَ ميڙِئا.
رسالن ۾ موجودگي: 49 سيڪڙو
سمجهاڻي
سانوڻ جي مينھن وسڻ واري موسم ۾ اُهي سُھاڳڻيون ئي خوش آهن، جن جا وَر ساڻن گهرن ۾ گڏ کٽ تي اڳيئي موجود آهن، پر جيڪي ويچاريون مڙسن کان سواءِ اڪيليون هيون، تن جا ور بہ مينھن جي موسم ۾ موٽي اچي ساڻن مليا (مالڪ مهرباني ڪئي ۽ مٿن احسان ڪيو).
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سارنگ، بيت نمبر : 1811
جَنٍ کَرِ کَٽَ مَٽَ سَرْلٖيْ سُنْھَنِ سٖيْ﮶
جٖيْ هُيٌ وَاڊِيٌ وَرَنِ رٖيْ تَنِکٖيْ مِيْھَنِ مٖيْرِئَا﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
जनी घरि घट मट। सरले सूंहनि से।
जे हुयूं वांडियूं वरनि रे। तनिखे मींहनि सज॒ण मेड़िआ।
ROMAN SINDHI
Jinhi ghar ghat mat, surli suhn see,
Je huyon wandhyon waran re, tin khe meinhun sajan merhya.
TRANSLATIONS
ھِن سُر جي راڳ بابت
سارنگ راڳ جو جنم سنڌ جي قديمي ٺاٺ ڪافي مان ٿئي ٿو. ھي راڳ اوڍو ۽ کاڍو يعني پنجن ۽ ڇھن سرن جي روپ ۾ سرگم تي ٻڌل آهي. ھن راڳ ۾ گنڌار (گا) جو سر ناھي لڳائبو. ھن راڳ جو وادي سر رکب (ري) ۽ سم وادي سر پنچم (پا) آھي. سارنگ راڳ ۾ ڌيوت جو سر خلاصو ڪري استعمال ۾ آڻبو آهي. دکن جي گرنٿن ۾ ھن راڳ ۾ تيور گنڌار ۽ تيور مڌم جو استعمال ڏيکاريو آھي، پر ھي قانون ھند جي ڪنھن سنگيت يا قانون ۾ لاڳو ناھي. سنگيت پاريجات ۾ شڌ سارنگ ۾ ٻئي مڌم يعني (ما) ۽ (مي) ۽ ٻئي نکاد يعني (ني) ۽ (نا) پڻ راڳي لڳائيندا آھن. ھي مت بہ رواجن شڌ سارنگ جي استعمال ۽ راڳ جي شڪل ٺاھڻ کان غير رواجي ثابت ٿيندي .صحيح شڌ سارنگ جي شڪل ھندستان جي سنگيتڪار چتر پنڊت پنھنجي سنگيت ۾ ھن ريت ڏني آهي:
آروھي: سا، ري، ما، پا، ني، سا
آمروھي: سا،ڌا، ني، پا، ما، ري، سا