مِينھَنِ بابت
معنيٰ
برساتن، بارشن، وسڪارن، بارانِن، ميگهن.
Rains, rainfalls.

بيتن ۽ وائين ۾
- اُٺو اوھِيرا ڪَري، مَٿي عاشِقَ اَڄُ، ڏُورِ ڏُکَندا ڀَڄُ، مِينھَنِ مُنھُن ڏيکارِئو.[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- سَڄَڻَ سانوَڻَ مِينھَن جِيئَن، جُهڻِڪَنِ پاسي جهوڪَ، ڏِيندا پاھُ پَٽَنِ کي، مَنجهان مِينھَنِ موڪَ، لَسَ پِياري لوڪَ، آگَمَ ڪِئو اَکِيُنِ…[ سُر سارنگ - سيڪارا سارنگ ]
- آگَمِجِي آيُون، اُتَرانِ ڪَري اُورِ، جي پِرِين ھُئَڙا ڏُورِ، سي مُون کي مِينھَنِ ميڙئا.[ سُر سارنگ - سيڪارا سارنگ ]
- جَنِي گهَرِ گَهٽَ مَٽَ، سَرلي سُونھَنِ سي، جٖي ھُيون وانڍِيُون وَرَنِ ري، تَنِ کي مِينھَنِ سَڄَڻَ ميڙِئا.[ سُر سارنگ - سيڪارا سارنگ ]
- ڏيئِي ريجُ رائُڪَ کي، ڪِيائين لُوتِڙيءَ تي لَلَ، ڏَلهي ڇَڏِيائِين ڏَڙَه کي، پَئي ڀَريائِين پَلَ، آندِي آبَ اُڇَلَ، موڪَلَ ٿِي…[ سُر سارنگ - سيڪارا سارنگ ]
- ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، لَڳِي اُڃَ اُساٽَ، مَولا اُتِ مِينھَنِ جِي، ڇَپَرَ وِجِهجِ ڇاٽَ، ھَلَنِ سَنگِ سَيِّدُ چئَي، ڪيچِيَنِ جا…[ سُر ديسي - ڪرڙا ڏُونگر ]
- ڇَھِينءَ راتِ ڇَڻِي، ڳوڙها پِيَمِ ڳَلَ تي، وَنھِيَنِ ويڙِهِيچَنِ جِي، هِيين حُبَ گهَڻِي، إِنَّ اللَّهَ مَعَ الصَّابِرِينَ ، وائِي واتِ…[ سُر مارئي - سارئان ۽ چڪن چاڪ ]