مِينھَنِ جي سنڌي معنيٰ
برساتن، بارشن، وسڪارن، بارانِن، ميگهن.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Rains, rainfalls.
مِينھَنِ جا بيتن ۾ حوالا
اُٺو اوھِيرا ڪَري، مَٿي عاشِقَ اَڄُ،
ڏُورِ ڏُکَندا ڀَڄُ، مِينھَنِ مُنھُن ڏيکارِئو.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 19 ]
ڏُورِ ڏُکَندا ڀَڄُ، مِينھَنِ مُنھُن ڏيکارِئو.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 19 ]
سَڄَڻَ سانوَڻَ مِينھَن جِيئَن، جُهڻِڪَنِ پاسي جهوڪَ،
ڏِيندا پاھُ پَٽَنِ کي، مَنجهان مِينھَنِ موڪَ،
لَسَ پِياري لوڪَ، آگَمَ ڪِئو اَکِيُنِ سين.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 6 ]
ڏِيندا پاھُ پَٽَنِ کي، مَنجهان مِينھَنِ موڪَ،
لَسَ پِياري لوڪَ، آگَمَ ڪِئو اَکِيُنِ سين.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 6 ]
آگَمِجِي آيُون، اُتَرانِ ڪَري اُورِ،
جي پِرِين ھُئَڙا ڏُورِ، سي مُون کي مِينھَنِ ميڙئا.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 8 ]
جي پِرِين ھُئَڙا ڏُورِ، سي مُون کي مِينھَنِ ميڙئا.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 8 ]
ڏيئِي ريجُ رائُڪَ کي، ڪِيائين لُوتِڙيءَ تي لَلَ،
ڏَلهي ڇَڏِيائِين ڏَڙَه کي، پَئي ڀَريائِين پَلَ،
آندِي آبَ اُڇَلَ، موڪَلَ ٿِي مِينھَنِ کي.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 15 ]
ڏَلهي ڇَڏِيائِين ڏَڙَه کي، پَئي ڀَريائِين پَلَ،
آندِي آبَ اُڇَلَ، موڪَلَ ٿِي مِينھَنِ کي.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 15 ]
ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، لَڳِي اُڃَ اُساٽَ،
مَولا اُتِ مِينھَنِ جِي، ڇَپَرَ وِجِهجِ ڇاٽَ،
ھَلَنِ سَنگِ سَيِّدُ چئَي، ڪيچِيَنِ جا ڪَنواٽَ،
وِنگي جِتي واٽَ، تِتي ٻاتاڙَنِ ٻيلِي ٿِيين.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 11 ]
مَولا اُتِ مِينھَنِ جِي، ڇَپَرَ وِجِهجِ ڇاٽَ،
ھَلَنِ سَنگِ سَيِّدُ چئَي، ڪيچِيَنِ جا ڪَنواٽَ،
وِنگي جِتي واٽَ، تِتي ٻاتاڙَنِ ٻيلِي ٿِيين.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 11 ]
ڇَھِينءَ راتِ ڇَڻِي، ڳوڙها پِيَمِ ڳَلَ تي،
وَنھِيَنِ ويڙِهِيچَنِ جِي، هِيين حُبَ گهَڻِي،
إِنَّ اللَّهَ مَعَ الصَّابِرِينَ ، وائِي واتِ وَڻِي،
ميڙِيندُمِ ڌَڻي، مِينھَنِ اُٺي مارُئين.
[ سُر مارئي، سارئان ۽ چڪن چاڪ، 7 ]
وَنھِيَنِ ويڙِهِيچَنِ جِي، هِيين حُبَ گهَڻِي،
إِنَّ اللَّهَ مَعَ الصَّابِرِينَ ، وائِي واتِ وَڻِي،
ميڙِيندُمِ ڌَڻي، مِينھَنِ اُٺي مارُئين.
[ سُر مارئي، سارئان ۽ چڪن چاڪ، 7 ]
جَنِي گهَرِ گَهٽَ مَٽَ، سَرلي سُونھَنِ سي،
جٖي ھُيون وانڍِيُون وَرَنِ ري، تَنِ کي مِينھَنِ سَڄَڻَ ميڙِئا.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 9 ]
جٖي ھُيون وانڍِيُون وَرَنِ ري، تَنِ کي مِينھَنِ سَڄَڻَ ميڙِئا.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 9 ]
English Meaning
Rains, rainfalls.