مِينھَن جي سنڌي معنيٰ
برسات، بارش، وس، وسڪارو، بارانِ، ميگهہ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Rain, rainfall
مِينھَن جا بيتن ۾ حوالا
مُون سين ھوتَ نَہ ڪَندَڙا ھِيئَن ھِيئَن،
مُون نَہ ڇَڏِيندا ڇَپَرين،
لُڪُون لَڳَنِ ڪوسِيُون، ڏاڍا تَپَنِ ڏِينھَن ڏِينھَن،
ڇيڙي وِڌِيَسِ ڇَپَرين، ماءِ ٻاروچاڻي نِينھَن نِينھَن،
جا جَڙَ لَڳَڙِي ٻيڙِيين، سا جَڙَ لَڳَڙِي نِينھَن نِينھَن،
مُون کي پِرِين ميڙِيين ، روجَهڙِيُون ميڙيين مِينھَن مِينھَن،
ھوتَنِ جِيءَ ھيڪاندِ لَيءِ، آئُون رُئان راتو ڏِينھَن ڏِينھَن،
مانَ وَسائي مُون ڌَڻِي، ميڙائي جا مِينھَن مِينھَن.
[ سُر حسيني، وايون، 25 ]

وَسائِيندَڙِي مِينھَن، مانَ مِلان کي سَڄَڻين،
آئُون مِڙَندِي پِرِينءَ کي، راتِيُون ڏوري ڏِينھَن،
اَکِيُنِ آگَمَ لائِيا، ڪَرَ مُدائِتا مِينھَن،
مُون کي پِرِيَنِ ميڙيين، روجهَڙِي ميڙِيين مِينھَن،
مادَرِ موٽِي نَہ وِھان، مُون پِريان سين نِينھُن.
[ سُر کاھوڙي، وايون، 1 ]

آئُون وِسارِيان ڪِيئَن، هِي ڳُڻَ مارُنِ جا؟
مِينڍا ڌوءِ نَہ مارُئِي، جيڏِيُنِ جَڙِيا جِيئَن،
ڇَتا مُورِ نَہ ڇوڙِيان، سَرَتِيُنِ سيڙِهِئا سِينءَ،
مُون کي مارُوئَڙَنِ کي، ڏِٺي ٿِئَڙا ڏِينھَن،
اُجاري اَڇو ڪِئو، نِيَرَ مُنھِنجي نِينھَن،
اَسان پِرِيَنِ پاڻَ ۾، گَڏُ وَسايا مِينھَن،
پايو ميٽُ مَٿي ۾، مِينڍا ڌُئاري نَہ مِيئَن،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مَرُ ٿا وَسَنِ مِينھَن.
[ سُر مارئي، وايون، 18 ]

تِرَ تارا وَڻَ وارَ، مِينھَن ڦُڙا وارِيءَ ڪَڻا،
تِھائِين اَڳِرا، مُون ۾ عَيبَ اَپارَ،
پائي آيَس پاندَ ۾، بَدِيُون بيشُمارَ،
بَخشِين بَخشَڻَھارَ، لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 14 ]

اَئِين اَچِي پَسو جيڏِيُون، ھِي جو حالُ مُنھِنجي جِندَڙي،
پائي وِئَڙا پيرَ ۾، مَنجهان کَرَسَ کَسو،
آئُون ڏورِيندِي اُنِ کي، ڏيئِي تَنَ تَسو،
ڏيئِي وِئَڙا ڏاهَ کي، سُورَنِ جو سَرَسو،
مَتان وِھو ويسَلِيُون، رِڙِھو تان رَسو،
ساءُ نَہ آيان سُورَ جو، ھاڻي ٿِيُون ھَسو،
مُندائتي مِينھَن جِيئَن، ويروتارَ وَسو.
[ سُر سامونڊي، وايون، 9 ]

ٿِئا ڏِيارِيءَ ڏِينھَن، سامُونڊِيَنِ سَنبَتِ پَنڌَ جي،
مُون سِرِ اُٺا جيڏِيُون، سَندا مَحَبتَ مِينھَن،
ڪِيَسِ نِماڻِي نِينھَن کاري کيڙائُنِ جي.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 7 ]

سِياري سِھَ راتِ ۾، جَا گِهڙي وَسَندي مِينھَن،
ھَلو تَہ پُڇُون سُهڻِي، جَا ڪَرَ ڄاڻي نِينھَن،
جَنھِن کي راتو ڏِينھَن، ميھارُ ئِي مَنَ ۾.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 19 ]

ٻِيُون سَڀَ گهِڙَنِ ڏِينھَن، ھِيءَ رَوئَي ۽ راتِيان گِهڙي،
وَھِ پَيو واھُڙَ تَري، ڪِي نِماڻِي نِينھَن،
ميڙائي جا مِينھَن، ويچارِيءَ وَسايا.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 21 ]

پانڌِي پِرِيَنِ جو، اِي آئُون مان نَڪو پَسان،
ڀينَرُ ڀِريِ اُسَھو، ڏُونگَرُ ڏورَڻُ اَسان،
مُندائِتي مِينھَن جِيئَن، ويلو ويلَ ٿِي وَسان.
[ سُر سھڻي، وايون، 5 ]

ڪارا ڪَڪَرَ ڪيسَ، اَڄُ پُڻ اُتَرَ پارَ ڏي،
وِڄُون وَسَڻَ آيُون، ڪَري لالَ لِبيسَ،
پِرِين جي پَرَديسَ، مُون کي مِينھَن ميڙئا.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 11 ]