مِينھُن جي سنڌي معنيٰ
برسات، بارش، وس، وسڪارو، بارانِ، ميگهہ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Rain, rainfall
مِينھُن جا بيتن ۾ حوالا
لَڳَھَ پَسُ لَطِيفُ چئَي، آگمِئو آھي،
اُٺو مِينھُن وَڏَ ڦُڙو، ڪَڍو ڌَڻَ ڪاھي،
ڇَنَ ڇَڏي پَٽِ پَئو، سَمَرَ سَنباھَي،
وِھو مَ لاھي، آسِرو اللهَ مان.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 1 ]
اُٺو مِينھُن وَڏَ ڦُڙو، ڪَڍو ڌَڻَ ڪاھي،
ڇَنَ ڇَڏي پَٽِ پَئو، سَمَرَ سَنباھَي،
وِھو مَ لاھي، آسِرو اللهَ مان.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 1 ]
راتِ اُونداھِي ريءَ گَهڙي، مَٿان وَسِئو مِينھُن،
ھِڪِڙو ڀَئُہ بيراھَ جو، ٻِئو سانڀاران شِينھُن،
شالَ مَ ڇِڄي نِينھُن، گهِڙان گهورِئو جِندَڙو.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 18 ]
ھِڪِڙو ڀَئُہ بيراھَ جو، ٻِئو سانڀاران شِينھُن،
شالَ مَ ڇِڄي نِينھُن، گهِڙان گهورِئو جِندَڙو.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 18 ]
کَرُ مَرُ کامي پَچي، آئُون ويندَڙِي دَرِ،
دوسِتَنِ جي، يااللهَ،
جِئان ڏُڄَڻَ تَڪِيو، سَڄَڻُ تِئان اَچي،
نُورا پايو نِينھَن جا، دَرِ ڀَلي جي نَچي،
وَسِئو مِينھُن وَڏَ ڦُڙو، ڪِي سَراھي سَچي.
[ سُر سارنگ، وايون، 2 ]
دوسِتَنِ جي، يااللهَ،
جِئان ڏُڄَڻَ تَڪِيو، سَڄَڻُ تِئان اَچي،
نُورا پايو نِينھَن جا، دَرِ ڀَلي جي نَچي،
وَسِئو مِينھُن وَڏَ ڦُڙو، ڪِي سَراھي سَچي.
[ سُر سارنگ، وايون، 2 ]
وَسي سارِي راتِ، صُبوحَ جو ساھُ کَڻي،
مَنجهيئِي مِينھُن پِرِيَنِ جو، جَي تَنَ ۾ ھوئي تاتِ،
وِھاڻِيءَ پِرِڀاتِ، بادَلُ بَسِ نَہ ڪَري.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 11 ]
مَنجهيئِي مِينھُن پِرِيَنِ جو، جَي تَنَ ۾ ھوئي تاتِ،
وِھاڻِيءَ پِرِڀاتِ، بادَلُ بَسِ نَہ ڪَري.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 11 ]
ڪَڪَرَ ھُونِ نَہ ھُونِ مِينھُن منجهائِين نِڪِري،
سارِيو سُپَيرِيَن کي، لُڙِڪَ لَڙِيو پُونِ،
سي مَرُ رويو رُونِ، جَنِ مُسافِرَ سُپِرِين.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 21 ]
سارِيو سُپَيرِيَن کي، لُڙِڪَ لَڙِيو پُونِ،
سي مَرُ رويو رُونِ، جَنِ مُسافِرَ سُپِرِين.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 21 ]
اُتَران جو آيو، تَنھِن ڪَڪَرَ لاٿَمِ ڪَسُ،
وُٺو مِينھُن وَڏَ ڦُڙو، ڪِيو جوراڻِي جَسُ،
ڪيسَرَ جي قَلاتَ ۾، راتِ تَنِي کي رَسُ،
نيڻَ ٽِمَندا پَسُ، وَسُ تَہ وَرَنِ سُپِرِين.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 5 ]
وُٺو مِينھُن وَڏَ ڦُڙو، ڪِيو جوراڻِي جَسُ،
ڪيسَرَ جي قَلاتَ ۾، راتِ تَنِي کي رَسُ،
نيڻَ ٽِمَندا پَسُ، وَسُ تَہ وَرَنِ سُپِرِين.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 5 ]
گَنگُو جِئان گوڙِ ٿِي، ڪَھِيو ڪاھُوجِيءَ ڏانھَن،
وَسِئو مِينھُن وَڏَ ڦُڙو، چُرِي ڀَريائَيِن چاھَ،
ڏيئِي پَٽَنِ پاھَ، ڀَرِيائِين ڪُنَ ڪِراڙِ جا.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 14 ]
وَسِئو مِينھُن وَڏَ ڦُڙو، چُرِي ڀَريائَيِن چاھَ،
ڏيئِي پَٽَنِ پاھَ، ڀَرِيائِين ڪُنَ ڪِراڙِ جا.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 14 ]
سَختِي سِيادَتَ جِي، سُڻُ شادِيءَ جو ڏِينھُن،
ذَرو ناھِ يَزِيدَ جو، نِسورو ئِي نيِنھُن،
مَرَگِ اُٺو مِينھُن، عَلِيءَ جي اولادَ کي.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 11 ]
ذَرو ناھِ يَزِيدَ جو، نِسورو ئِي نيِنھُن،
مَرَگِ اُٺو مِينھُن، عَلِيءَ جي اولادَ کي.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 11 ]
مومِنو ماتامُ واويلا، اَڄُ نَہ آيو اِمامُ، ھَئَي واويلا،
دُلدُل گهوڙو گهوٽَ جو، مَٿِسِ لالَ پَلاڻِي،
شيرَ شَهزادي لَڏِئو، سَيِّدَ سيجَ نَہ ماڻي،
اَنُ نَہ پاڻِي اُنِ کي، نَڪو وَٺَڙُنِ مِينھُن،
ھُئا سَٽاڻِيءَ جَنگِ ۾، ڏَھَ راتِيُون ڏَھَ ڏِينھَن.
[ سُر ڪيڏارو، وايون، 4 ]

مَٿي مَنجهان مِينھُن پَسو، جِيئَن پاڻِي وَھي،
مُون ڀانيو نِينھُن، ڄِڀِيُون ڄيري سَندِيُون.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 3 ]
مُون ڀانيو نِينھُن، ڄِڀِيُون ڄيري سَندِيُون.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 3 ]
English Meaning
Rain, rainfall