Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آگَمَ ڪِيو اَچَنِ، سَڄَڻَ سانوَڻَ…
- (بيت) آگَمِجِي آيُون، اُتَرانِ ڪَري اُورِ،…
- (بيت) اوڇَڻُ گُهرِجي آجِڪو، جُهوپو سَھي…
- (بيت) اوڇَڻُ گُهرِجي آجِڪو، پَکو نَہ،…
- (بيت) اُتَران جو آيو، تَنھِن ڪَڪَرَ…
- (بيت) جَنِي گهَرِ گَهٽَ مَٽَ، سَرلي…
- (بيت) سَڄَڻَ سانوَڻَ مِينھَن جِيئَن، جُهڻِڪَنِ…
- (بيت) سڄو صافُ نَہ اُڀِري، سَرلي…
- (بيت) مُحِبَ مُنھِنجا سُپِرِين، آڻيئِي اللهُ،…
- (بيت) مُون جُهڙُ ڏِٺو اُڀَ ۾،…
- (بيت) مِينڍو مِينھَن پُسايو، سَڙِي ٿِيو…
- (بيت) واھُوندِئان وِڄُون ٿِيُون، گُڙِيو ڏُونھِن…
- (بيت) وَسُ بادَلَ وَسُ، تو وَسَندي…
- (بيت) پاڇاٽِئان پَئِي، ٿِئو آڳاٽِئان اَڳِرو،…
- (بيت) ٿاوَرَ اُٿِي پَسُ، ڏيھِ کِوَندِي…
- (بيت) ٿَرُ گَجِئو بَرُ گَجِئو، گَجِئو…
- (بيت) ڇَنَ ڇَڏي پَئُہ ٻَنَ، نَئِين…
- (بيت) ڏيئِي ريجُ رائُڪَ کي، ڪِيائين…
- (بيت) گَنيَرَ گَتِ سِکَنِ، چَلَڻَ جِي…
سُر جا ٻيا داستان
- سُر سارنگ جَي سيڪارا سارنگ جو بيت
گَنگُو جِئان گوڙِ ٿِي، ڪَھِيو ڪاھُوجِيءَ ڏانھَن،
وَسِئو مِينھُن وَڏَ ڦُڙو چُرِي ڀَريائَيِن چاھَ،
ڏيئِي پَٽَنِ پاھَ، ڀَرِيائِين ڪُنَ ڪِراڙِ جا.
رسالن ۾ موجودگي: 59 سيڪڙو
سمجهاڻي
سانوڻ جو مينھن ”گنگو جي ماڳ“ کان هلي اچي ”ڪاهو جي ماڳ“ تي وسيو. هرهنڌ وڏڦُڙو مينھن پئجي ويو جنھن سڀ کڏون کوٻا ۽ کوھ ڀري ڇڏيا. هر هنڌ پٽ ۽ پوٺا ڌوپي صاف ٿي ويا ۽ آخر اچي ”ڪِراڙ ڍنڍ“ جا سڀ پاسا پلؤ ۽ ڪنڊون تار ڪري ڇڏيائين.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سارنگ، بيت نمبر : 1827
کَنکُّوْجِئَا کُوْرِ ٿِيْ ڪَھِئُوْ ڪَاهُوْجِيَ ڎَاہَ﮶
وَسِئُوْ مِيْهُ وَڎَ ڤُرُوْ چُرِيْ ڀَرِئَاءٍ چَاہَ﮶
ڎٖيْئِيْ پَٽَنِ پَاہَ ڀَرِئَاءٍ ڪُنَّ ڪِرَارِ جَا﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
गंगू जिआं गोड़ि थी। कहियो काहूजीअ डां॒हं।
वसिओ मींहुं वड॒ फुड़ो। चुरी भरियाईं चाह।
डे॒ई पटनि पाह। भरियाईं कुन किराड़ जा।
ROMAN SINDHI
Gungho jeiyan ghor thi, kehyo kahoje dhan,
Wasyo meihun wad phiro chari bharyain chah,
dei patan paah, bharyain kan krarh ja.
TRANSLATIONS
ھِن سُر جي راڳ بابت
سارنگ راڳ جو جنم سنڌ جي قديمي ٺاٺ ڪافي مان ٿئي ٿو. ھي راڳ اوڍو ۽ کاڍو يعني پنجن ۽ ڇھن سرن جي روپ ۾ سرگم تي ٻڌل آهي. ھن راڳ ۾ گنڌار (گا) جو سر ناھي لڳائبو. ھن راڳ جو وادي سر رکب (ري) ۽ سم وادي سر پنچم (پا) آھي. سارنگ راڳ ۾ ڌيوت جو سر خلاصو ڪري استعمال ۾ آڻبو آهي. دکن جي گرنٿن ۾ ھن راڳ ۾ تيور گنڌار ۽ تيور مڌم جو استعمال ڏيکاريو آھي، پر ھي قانون ھند جي ڪنھن سنگيت يا قانون ۾ لاڳو ناھي. سنگيت پاريجات ۾ شڌ سارنگ ۾ ٻئي مڌم يعني (ما) ۽ (مي) ۽ ٻئي نکاد يعني (ني) ۽ (نا) پڻ راڳي لڳائيندا آھن. ھي مت بہ رواجن شڌ سارنگ جي استعمال ۽ راڳ جي شڪل ٺاھڻ کان غير رواجي ثابت ٿيندي .صحيح شڌ سارنگ جي شڪل ھندستان جي سنگيتڪار چتر پنڊت پنھنجي سنگيت ۾ ھن ريت ڏني آهي:
آروھي: سا، ري، ما، پا، ني، سا
آمروھي: سا،ڌا، ني، پا، ما، ري، سا