Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آگَمَ ڪِيو اَچَنِ، سَڄَڻَ سانوَڻَ…
- (بيت) آگَمِجِي آيُون، اُتَرانِ ڪَري اُورِ،…
- (بيت) اوڇَڻُ گُهرِجي آجِڪو، جُهوپو سَھي…
- (بيت) اوڇَڻُ گُهرِجي آجِڪو، پَکو نَہ،…
- (بيت) اُتَران جو آيو، تَنھِن ڪَڪَرَ…
- (بيت) جَنِي گهَرِ گَهٽَ مَٽَ، سَرلي…
- (بيت) سَڄَڻَ سانوَڻَ مِينھَن جِيئَن، جُهڻِڪَنِ…
- (بيت) سڄو صافُ نَہ اُڀِري، سَرلي…
- (بيت) مُحِبَ مُنھِنجا سُپِرِين، آڻيئِي اللهُ،…
- (بيت) مُون جُهڙُ ڏِٺو اُڀَ ۾،…
- (بيت) مِينڍو مِينھَن پُسايو، سَڙِي ٿِيو…
- (بيت) وَسُ بادَلَ وَسُ، تو وَسَندي…
- (بيت) پاڇاٽِئان پَئِي، ٿِئو آڳاٽِئان اَڳِرو،…
- (بيت) ٿاوَرَ اُٿِي پَسُ، ڏيھِ کِوَندِي…
- (بيت) ٿَرُ گَجِئو بَرُ گَجِئو، گَجِئو…
- (بيت) ڇَنَ ڇَڏي پَئُہ ٻَنَ، نَئِين…
- (بيت) ڏيئِي ريجُ رائُڪَ کي، ڪِيائين…
- (بيت) گَنيَرَ گَتِ سِکَنِ، چَلَڻَ جِي…
- (بيت) گَنگُو جِئان گوڙِ ٿِي، ڪَھِيو…
سُر جا ٻيا داستان
- سُر سارنگ جَي سيڪارا سارنگ جو بيت
واھُوندِئان وِڄُون ٿِيُون، گُڙِيو ڏُونھِن کَنڀاتَ،
ڪُنڍِيُون ڪاھي گَسِ ڪَرِيو، وَڇُون ڪَرِيو واٽَ،
سَنگهارَنِ سُکُ ٿِيو، لَٿِي اُڃَ اُساٽَ،
جُهوپي ڏيئِي جهاٽَ، پُسائِيندو پَٽِيون.
رسالن ۾ موجودگي: 86 سيڪڙو
سمجهاڻي
”واهند“ (ماڳ) جي مٿان وڄ جا چمڪاٽ آهن ۽ ”کنڀات“ (ماڳ) جي مٿان بہ بادلن جي گجگوڙ آهي. اي مال وندؤ، پنھنجيون ڪُنڍيون مينھيون هيٺانھينءَ مان ڪاهي مٿي ڪنڌيءَ تي ڪريو ۽ وَڇن کي سندن ڀرسان ٻَڌي ڇڏيو. مالڪ جي مهربانيءَ سان سنگهار ۽ مارو ماڻهو سُکيا سولا ٿي پيا جو اڃ ۽ خشڪ سالي ختم ٿي ويئي. جهڙ ڦڙ وارو جهڪو مينھن تيز ٿي سڀ پٽ ۽ پوٺا ڀرڻ وارو آهي.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سارنگ، بيت نمبر : 1808
وَاهُنْدِئَا وِڃٌ ٿِيٌ کُرِئُوْ ڎُوْہُ کَبَاٽَ﮶
ڪُنڊِيٌ ڪَاهٖيْ کَسِ ڪَرِھُوْ وَڇٌ ڪَرِهُوْ وَاٽَ﮶
سَنکَارَنِ سُکُہ ٿِئُوْ لَٿِيْ اُنڃَّہ اُسَاٽَ﮶
ڄُوْپٖيْ ڎٖيْئِيْ ڄَاٽَ پُسَائِيْدِيٌ پَٽِيٌ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
वाहूंदिआं विजूं॒ थियूं। गुड़ियो डूं॒हं गंबाट।
कुढियूं काहे गसि करियो। वछूं करियो वाट।
संघारनि सुखु थियो। लथी उञ उसाट।
झूपे डी॒ई झाट। पुसाईंदो पटियूं।
ROMAN SINDHI
Wahandaon waJhon thiyown, kharyow donhenn khanbhat,
Kandyown kahe ghas karyow, wichoon karyow waatt,
Sanghaahran,sukh thiow lathi unajh usaat,
Jhoope deiye Jhaat, pasaindo patyown .
TRANSLATIONS
On the western horizon the lightning flashes (prominently) in the direction of Khambat. (That augurs well in favour of a good downpour there). The herdsmen should better put on the highway their horned buffaloes and their young calves. The cattle owners are extremely happy as the scarcity of water would exist no more. It is hoped that in a short time the down pour would inundate all plains.
West wind blows lightening appears from Khambhat,
Bring the buffaloes young and old, on their grazing path,
Herdsmen are happy days of adversity are no more,
Rain in a moment will water plains that were dry before.
With northern wind lighting appeared and flashed on Khanbhat,*
O herdsmen, drive you buffaloes with curved horns and their calves to highway,
Herdsmen prosperous and happy, their thirst is quenched,
Clouds would downpour and deluge plains in a short while.
من رياح الغرب لقد ظهرت البروق ولمعت البروق فى جهة كنبات.
أخرجوا جاموسات على الطرق وعلى الدروب كي تزعى فى المراعي.
إرتاح رعاة الغنم. لقد زال عطشهم.
تأتي البروق بالأمطار وتروى الميادين وتجعل.
الفلوات خضرآء وخصبة.
کھلی "کھنبھات" پہ بجلی اور اب، چلی ہے سرد ہوا،
ریوڑ ہانک کے باہر لاؤ، سبزہ ہے ہرجا،
پیاس بجھی ہے سنگھاروں کی، پیاسا تھا صحرا،
یوں برسی ہے بدرا، کہ صحرا بھیگ چلا ہے۔
ھِن سُر جي راڳ بابت
سارنگ راڳ جو جنم سنڌ جي قديمي ٺاٺ ڪافي مان ٿئي ٿو. ھي راڳ اوڍو ۽ کاڍو يعني پنجن ۽ ڇھن سرن جي روپ ۾ سرگم تي ٻڌل آهي. ھن راڳ ۾ گنڌار (گا) جو سر ناھي لڳائبو. ھن راڳ جو وادي سر رکب (ري) ۽ سم وادي سر پنچم (پا) آھي. سارنگ راڳ ۾ ڌيوت جو سر خلاصو ڪري استعمال ۾ آڻبو آهي. دکن جي گرنٿن ۾ ھن راڳ ۾ تيور گنڌار ۽ تيور مڌم جو استعمال ڏيکاريو آھي، پر ھي قانون ھند جي ڪنھن سنگيت يا قانون ۾ لاڳو ناھي. سنگيت پاريجات ۾ شڌ سارنگ ۾ ٻئي مڌم يعني (ما) ۽ (مي) ۽ ٻئي نکاد يعني (ني) ۽ (نا) پڻ راڳي لڳائيندا آھن. ھي مت بہ رواجن شڌ سارنگ جي استعمال ۽ راڳ جي شڪل ٺاھڻ کان غير رواجي ثابت ٿيندي .صحيح شڌ سارنگ جي شڪل ھندستان جي سنگيتڪار چتر پنڊت پنھنجي سنگيت ۾ ھن ريت ڏني آهي:
آروھي: سا، ري، ما، پا، ني، سا
آمروھي: سا،ڌا، ني، پا، ما، ري، سا