ڪُنَ بابت
معنيٰ
پاڻيءَ جو چڪر. دريا جي پاڻيءَ ۾ ڦرندڙ اونهو ھنڌ يا کوھ، درياءَ يا سمنڊ ۾ پاڻيءَ جو اونهو ھنڌ، جتي پاڻي چڪر کائي، نڪونج ، ميڙ، ڀير، گرداب
Vortex

بيتن ۽ وائين ۾
- آڇاڙا عَمِيقَ جا، گَڏِئا غَواصَنِ، جُهڙِيُون جهاڳي آيا، ڪارُونڀارَ ڪُنَنِ، سَمُنڊُ سوجهي جَنِ، آڻي اَمُلَ اولِئا.[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي سَنواري صاحِبُ، ڪَڍي اُونِهي ڪُنَ مان، اِيءُ آگي جو عَجَبُ، اِيءُ سائِينءَ جو سَبَبُ، جِيئَن…[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي اللهُ ڪَري، پاڻِهين وِجِهي ڪُنَ ۾، پاڻِهين ڪَنڌِي نِئي، سُتَڙِ سي ڍوئي، جٖي تَڙِ تَوائِي…[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي جا ڪَري اللهُ، پاڻِهين وِجِهي ڪُنَ ۾، پاڻِهين اُڪاري اوڙاھُ، تَنھِن واحِدَ کي واھَ، جو…[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي ڪَري جوڙَ جَبارُ، پاڻِهين وِجهي ڪُنَ ۾، پاڻِهين اُڪاري آڌارُ، جَھازُ جَوھَرِيءَ جو، تَنھِن کي…[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- لَهِريُنِ ليکو ناھِ ڪو، ڪَپَرَ ڪُنَ ڪارا، آڇاڙا عَمِيقَ جا، اَچَنِ اوڀارا، اُٿِي اَسارا، وِيرِ وَرَندَيئِي ويسَرا.[ سُر سريراڳ - اجگر لھرون ۽ جھاز ]
- وِيرِ وَرَندِيَئِي ويسَرا، اُٿِي توھُ طَلَبِ، سائِرَ ڪَنھِن سَبَبِ، ڪالَهہ نَہ وِڌُءِ ڪُنَ ۾.[ سُر سريراڳ - اجگر لھرون ۽ جھاز ]
- ڪالَهہ وَڌائِين ڪُنَ ۾، جاڏا جُنگَ جَھازَ، تُنھِنجِي اَڄُ طَرازَ، آھي آرَ اَکِيُنِ ۾.[ سُر سريراڳ - اجگر لھرون ۽ جھاز ]
- آھين آرَ اَکِيُنِ ۾، ناکُئا ڪِجِ نِگاھَ، وَڏا ٻيڙا ٻوڙِيا، سائِرَ ڏيئِي ساھَ، مُلاحِظو مَلاحَ، ڪِجِ ڪو اِنِهِيءَ ڪُنَ جو.[ سُر سريراڳ - اجگر لھرون ۽ جھاز ]
- بَندَرِ جانۡ ڀَئِي، سُکاڻِئا مَ سُمهو، ڪَپَرُ ٿو ڪُنَ ڪَري، ماٽي مَنجِهہ مَھِي، ايڏو سُورُ سَھِي، نِنڊَ نَہ ڪِجي ناکُئا.[ سُر سريراڳ - توڪل، جاڳ سجاڳ ]
- گهاتُو گهڻيئِي ھُئا، مَٿي ھِنَ مَھِراڻَ، تانگهَہ نَہ لَڌِي تارُئين، سَندِي سِيرَ سِٽاڻَ، لاڄُو ڇِنا لَھِرِيين ڀَڳا سِڙَه سُکان، ڪُنَنِ…[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- وِساڻُو سو واءُ، جَنھِن ڀَرِ ڊِڄَنِ ناکُئا، پيئِي ڪَرَ ڪُنَنِ ۾، اُجهاڻُو اوڙاھُ، اَچو اِنَ تَڙان، تَہ سامُونڊِي سُتَڙِ ٿِئو.[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- صُورَتَ ساھَڙَ ڄامَ جِي، ڏِٺِي جَنِ ھيڪارَ، سُتِيُون ڪِينَ سُکِ ٿِي، ڀِرِي ساڻُ ڀَتارَ، گِهڙِيُون گهَڙَنِئان ڌارَ، ڪاھي پييُون ڪُنَ…[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، تُرَھي ناھي تاتِ، اَچِي پيئِي ڪُنَ ۾، جِتي ڏِينھُن نَہ راتِ، عاشِقاڻِي ذاتِ، مُئِي مَلَهائي سُهڻِي.[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- ڪونِهي آڳَھُ اِھَڙو، جِھَڙِي مَحَبتَ مَنِ، اُڀِيُون اورِيين پارَ ڏي، ڪُوڙِيُون ڪَکَ پُڇَنِ، نَدِي تَنِ نيڙُ ٿِئي، جٖي ريءَ تُرَھي…[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- ڪَرَ ڳَلُ ڪُوچُ ڪُنَ گَهڻا، جِتِ جَرَ واڳُون جهائِين، پاڻُ اُڇَلي آبَ ۾، وَھَ سِرِ وِڌائِين، لَهرِيُون لَنگهِيائِين، لُطِفَ ساڻُ،…[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]
- ڪَرَ ڳَلُ ڪُوچُ ڪُنَ گَهڻا، جِتِ دَڙَڪو مَنجِهہ دَرياھَ، اَچِيو اُتاھِين گِهڙي، سانگو ڪَري نَہ ساھَ، ساھَڙَ جِي صَلاحَ، ٻارِ…[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]
- دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ ڪَڙَڪا ڪُنَ ڪَرِينِ، ٻِڇَلَ ٻانڌِي ٻارِيُون، جِتِ لَهرِيُون لوڏا ڏِينِ، شَناوَرَ سامِها، سِيڻاھِيا نَہ سَنڊينِ،…[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]
- دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ ڪُنَ ڪَڙَڪا ڪَنِ، سَوين سِيڻاھِيا سِيرَ ۾، لُڙَھَندا لَکَ وَڃَنِ، ڪَنڌِي نَہ ڪَپِرو، نَہ ڪي…[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]
- دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ ڪُنَنِ جا ڪَڙَڪا، سَھي ڪِينَ سَمُنڊَ جا، ماندِي دِلِ ڌَڙَڪا، ساھَڙَ سُڻِجِ ڪا، فَرِيادِي فَقِيرِ…[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]
- دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ ڪُنَنِ جو ڪَڙَڪو، آيُمِ اُنَهِيءَ پارَ جو، دِلِ اَندَرِ ڌَڙَڪو، ڀَڃي شَڪَ سَيِّدُ چئَي، سِيرَ…[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]
- دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ جايون جانارَنِ، نَڪو سَنڌو سِيرَ جو، مَپُ نَہ مَلاحَنِ، دَرَندا دَرياھَ ۾، واڪا ڪِئو وَرَنِ،…[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]
- گهيڙان ڪَري نَہ گُهورَ، تَڙِ تَڪَڙِ کان نَہ لَھي جَنھِن کي سِڪَ ساھَڙَ جِي، پُورَنِ مَٿي پُورَ، ڪارِيءَ راتِ ڪُنَنِ…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- ڪَنھِن جَنھِن گهيڙِ گِهڙِي، جِيئَن اَوَتَڙان تَڙُ ٿِيوسِ، اُھِسُ اَکَڙِيُنِ ۾، پِريان جو پِيوسِ، سالِمُ ويئِي سُهڻِي، ڪُنَنِ ڪِينَ ڪِئوسِ،…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- سُهڻِيءَ ليکي سِيرَ جو، پاڻِي پِنييءَ ھيٺِ، ٻَڌِئو بِرھَ بيٺِ وَڃي ڪَپِيندِي ڪُنَنِ کي.[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- وَڃي ڪُنَ ڪَپِيندِي، سُهڻِي مَنجهان سِڪَ، ھَڏِ نَہ ڀَڳِيَسي ھِڪَ، مَحبَتِيءَ ميھارَ جِي.[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- گِهڙي ۽ گهوري، مَٿان پِرِيَنِ جِندَڙو، مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، تِلَ تَسُو توري، ڏَمَ وِڌِي ڏوري، نَہ تَہ ڪُنَنِ ۾…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- ڪَڙِ ڪَڙِ ڪُنَ مَ وَڄُ، ٻانڌِي ٻوڙِ مَ ٻارِ جا، مُون جَا ميھارَ جِي، ڪِيئَن ڌُئَندِيَسِ ڌَڄُ، توءِ گهِڙندِيَسِ اَڄُ،…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- ڌَڌِڪا دَورَ دَرياھَ ۾، جَڏھِن ڪَڙَڪا ڪُنَ ڪِياءِ، ساوَڻَ ۾ سَيِّدُ چئَي، وَڏا مُلِڪَ مَڻِياءِ، ھاڻي ھيٺاھِينءَ وَھين، جَمِيعَتَ ڪَريو…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- ڪارا ڪُنَ ڪارِي تُڳي، ڪارِيھَرَ ڪَڙَڪا، مَئي مَتي مَھِراڻَ جا، دُپارا دَڙَڪا، ويندي ساھَڙَ سامُهُون، ڏِنَسِ جهولَ جَهڙَڪا، اَچِي پَئِي…[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- چاھَڪَ چَرِي تارِ تَرِي، آيُون مَٿي ڪُنَ، ڪوڙيِين ڪَرَ کَڻَندِيُون، ساھَڙَ جي سَمُنَ، مينھِيُون ساڻُ اَمُنَ، پَرَچِي پارِ لَنگهَندِيُون.[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- چاھَڪِ چِنائُون، مينھِيُون مَتارِيُون ٿِيُون، ڪَڪورِيَلَ ڪُنَ جو، پاڻِي پيتائُون، ڏُڌُ سو ڏِنائُون، جَنھِن مان عالَمُ آسودو ٿِيو.[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- سَندو ڏَمَ ڏَھڪار، ھَڏِھِين ڪونِهي ھِنَ کي، پُسائي نَہ پانھِنجو، سُهڻِي سِينگارُ، ڪارَڻِ مُنڌَ ميھارَ، ڪارِيءَ راتِ ڪُنَ تَري.[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- ڪا جَا ڪُنَ ڪَرِينِ، ڀِنِيءَ ڀُڻِ جُهڻِ پاڻَ ۾، آڌِي اُنهِينءَ آبَ کي، اَکِيُون اُڪيرِينِ، توڙي تِڪُون ڏِينِ، تَہ اُڃَ…[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- لَھَرِ مِڙيوئِي لالُ، وِھَڻُ کَٿُورِيان وِتَرو، اوٻارا عَنبِيرَ جا، جَرَ ۾ اَچَنِ جالَ، ڪُنَنِ گِهڙِي ڪالَهہ، سِڪَ پِريان جي سُهڻِي.[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- نَڪِي ساھَڙُ سارِيان، نَڪِي ٻيلِي ڏَمُ، اَچِي پييُمِ اوچِتو، ساڻُ ڪُنَنِ ڪَمُ، ڀيڙِيِينُ مَنجِهہ ڀَرَمُ، آگا رَکُ اَتارِ جو.[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- ڪارِي راتِ ڪَچو گهَڙو، اُڻَٽِيھِين اُونداھِي، چَنڊَ نالو ناھِ ڪو، دَرياھَ دَڙَ لائِي، ساھَڙَ ڪارَڻِ سُهڻِي، آڌِيءَ ٿي آئِي، اِيءُ…[ سُر سھڻي - الست ارواح، کامڻ پچڻ ]
- اُڀو آڇي اَڇَ، ميھارُ مَلاحَنِ کي، آئُون پُڻ وِجهان ھَٿَڙا، اَئِين پُڻ وِجهو رَڇَ، ڪَنڌِيءَ ڪُنَ ڪُڙِڇَ، مَنَ ھُونِ سَلامَتَ…[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- ھُوءَ جا ٻَري باھِ، سانڀاراَ ساھَڙَ جِي، اَکِيُون اُنَ اُھاءِ وَڃَنِ ڪُنَ ڪَپِينديُون.[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- اَڳي اِنَ تَڙانُ، ويندِيَ مُون وَرِھَ ٿِئا، قَضا آندِيَسِ ڪُنَ ۾، گهُرائي گهَران، پُنا جَڏھِن پَرِئان تَڏِھِين تانگهوئِي تارِ ٿئو.[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- ھَڻَندي ٿَڪَمِ ھَٿَ، ھِينئَڙي حُجُون ڇَڏِيُون، لَڪُ لَهرِنِ گَڏِئو، مَوجُون وَرِيُون مَٿَ، نِيَمِ ڪُنَ قُوَتَ، ڀِرُ ڀَليرا سُپِرِين.[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- قَضا قَلَمُ وَھايو، نَہ تَہ آئُون سِياڻِي، پاڻان پَلِئو ڪيتِرو، ڏَمَ ٿي ڏِھاڙِي، اَڳھَيِن مُنھِنجي اَنگَ ۾، لِکِئو ھو پاڻِي،…[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- ڪيرِ ڪُنَ آئُون ڪيرَ، ڪيرَ ڏَمَرَ سَھي ڏَمَ جا، قَضا ريءَ ڪانَہ ڏي، مَٿي پاڻِيءَ پيرَ، ڀينَرُ ڀِنِيءَ ويرَ، لِڌو…[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- مَتان گِهڙِين سُهڻِي، اَڄُ دَرياھَ ۾ دَمُ، ڪارِيءَ راتِ ڪُنَنِ ۾، ڪِھَڙو اَٿَئِي ڪَمُ، مَتان جاڳي ڏَمُ، پُڇي پاڙي وارِيُون.[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- پُڇي پاڙي وارِيُون، ڪوھُ ڪَرِيندو ڏَمُ، ڪارِيءَ راتِ ڪُنَنِ ۾، اِيءُ ڪاڻِيارِنِ ڪَمُ، ھِيءُ ھَڏو ۽ چَمُ، گهورِئو مُحِبَ ميھارَ…[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- سَچا سَيِّدَ مُون کي تُون، وَھِيان واھَرَ، نيئِي نيئِي اَوَلِ پِريان جي پارَ ڏي، ڪُنَ جٖي ڪارُونڀارَ جا، سي آئُون…[ سُر سھڻي - وايون ]
- مَدَتَ ٿِيءُ ميھارَ يارَ، ساھَڙَ سائِرَ سِيرَ ۾، اُونها ڪُنَ اَتانگهَہ تَڙَ، اولِي ھَڻُ آڌارَ، ڏِينھَن ڏُھلا ڏَمَ سين، آئُون…[ سُر سھڻي - وايون ]
- ڀِرِي ڀِٽَ تي آيو، سارَنگُ سَھِجَ مَنجهان، کِڙِيُون کَٽَڻَھارَ جِيئَن، وِڄُون اُتَرَ واءِ، سَرَ ساوا سَبزَ ٿِئا، ڊامَڻَ ڊِٻَ ڪِئا،…[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- جِھَڙِي لالِي لاکَ جِي، تِھَڙِي سارَنگَ سِٽَ، اِيئَن سي اُٻُنِ اَنگِئا، جِيئَن سي چُنِيءَ چِٽَ، بَرَسِئو پاسي ڀِٽَ، ڀَرِيائِين ڪُنَ…[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- ڀَرِيائِين ڪُنَ ڪِراڙِ جا، وَٺو وارِياسو، ماکَرِيءَ تان موٽِئو، ڏيئِي پَيَ پاسو، کُوري تي کِوَڻِيُنِ جو، ٿِئو چَڱو چَوماسو، خالِقَ…[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- گَنگُو جِئان گوڙِ ٿِي، ڪَھِيو ڪاھُوجِيءَ ڏانھَن، وَسِئو مِينھُن وَڏَ ڦُڙو، چُرِي ڀَريائَيِن چاھَ، ڏيئِي پَٽَنِ پاھَ، ڀَرِيائِين ڪُنَ ڪِراڙِ…[ سُر سارنگ - سيڪارا سارنگ ]
- اَڄُ مَلِيندِيَسِ ماءُ، ڌاڄا ڪَندِيَسِ ڪَپِڙا، جِيجان جوڳِياڻِي ٿِيان، مُون کي جَهلِ مَ پاءِ، ھوتَ ٻَروچي لاءِ، ڪَنين ڪُنَرَ پايان.[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- ڪُنَرَ ڪَڪا ڪَپِڙا، مُنڌَ لُڇي ڀَرِ لَڪَنِ، يادِ نَہ پيئِي جَتَنِ، ڇَڏي وِيَسِ ڇَپَرين.[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- ھوتَ سي ھَلَڻَ ھارا، جيڏِيُون ڪِيئَن ڪَرِيان آئُون اُنِ سين، کُوءِ پَلَنگَ ٻَنِ ماڙِيُون، کِيَڻَ ٿِيَڙَمِ کارا، سُونھَنِ سُپَيرِيَن جا،…[ سُر آبڙي - وايون ]
- جُنگَ نِھاري جَوھَرِي، دانا دوسِتَ ڪِجَنِ، ھِھَڙِيءَ ھُھَڙِيءَ لَھَرِ نَہ لُڏِڻا، ڌَرتِيءَ جِيئَن نَہ ڌُٻَنِ، اُونِهي ڪُنَ عَمِيقَ جِيئَن، تانگهَہ…[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- جٖي ھُئا سونين سَنگهَرين، سي ھِتِ نَہ پَسان ھاڻِ، اُونِهي ۾ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، وِئا پَڪي ڪَنھِن پرياڻِ، سائُو سَنجَنِ ساڻِ،…[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]
- ڪالَهہ ڪَلاچِيءَ وِئا، ڇِتِيُون کَڻِي ڇُڳيرَ، ڀائُنِ ڀيرو نَہ ڪِئو، اَدَنِ ڪِي اَويرَ، اِھَڙِي خاصِي کيرَ، ڪُنَ وَرائي جَهلِي.[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]
- اُڀِي اوسَڙان اُسَ ۾، جَهلِئو ڪُنَ ڪِنارَ، گهاتُو گهَرِ نَہ آيا، وَڏِي لَڳيَنِ وارَ، ھُيَسِ جَنِي ھارَ، سي موڙي چُرِئا…[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]
- اِيءَ پَرِ نَہ گهاتُوئَڙَنِ جِي، اَئِين جا لُڏو لوڏَ، ڪُنَ ڪَلاچِيءَ ڪوڏَ، سُکِ نَہ سُتا ڪَڏِھِين.[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]
- جيڪُسِ جَهلِيا مَڇَ، گهاتُو گهَرِ نَہ آئِيا. ڪاھي وَڃو، ناکُئا ڪَرِيو بُري تي بَڇَ. ڪاٿَي سَندِيَنِ ڪُنڍِيُون، ڪاٿَي سَندِيَنِ رَڇَ.…[ سُر گهاتو - وايون ]