وائِي بابت
معنيٰ
وارتا، تقرير، چوڻي، ڳالهہ ٻولهہ، آواز، ٻولي، ڪھڻي، چوڻي وغيرہ
To state, saying, language, utter
بيتن ۽ وائين ۾
- پَڙاڏو سو سَڏُ، وَرُ وائِيءَ جو جَي لَھين، ھُئا اَڳھَيِن گَڏُ، ٻُڌَڻَ ۾ ٻَہ ٿِئا.[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- تُون چَئُہ اللهُ ھيڪِڙو، وائِي ٻِي وِسارِ تَنَ ۾ تَندُ تَنوارِ، سَدا سُپَيرِيَن جِي.[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- تُون چَئُہ اللهُ ھيڪِڙو، ٻِي وائِي وِساري ڇَڏِ، تان تُون ھِنيَين سين گَڏِ، سَڄَڻُ ساھَ پَساھَ ۾.[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- تُون چَئُہ اللهُ ھيڪِڙو، ٻِي وارِجِ مَ وائِي، سِکِجِ تُون سا ئِي، جيڪا مُڪِي سَڄَڻين.[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- واڍوڙِيَنِ وائِي، سَدا آھي سُورَ جِي، جيڪا اَٿِنِ مَنَ ۾، سَلَنِ نَہ سائِي، اوڙَڪِ اِھائِي، ڳولِئَو ڏِسَنِ ڳالِهڙِي.[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- جَي ڀانيَين پِرِينءَ مِڙانَ، سِکُ چوَران ڪِي ڏاتِ، جاڳَڻُ جَشَنُ جَنِ کي، سِڪَڻُ سَڄَيائِي راتِ، اُجهِي ٻُجِهي آيا، وائِي ڪَنِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- ويڄَنِ سين وائِيءَ پِئا، ڪِرِي نَہ ڪِئائُون، جٖي پَندِ پارِئائُون، تَہ سِگهائِي سَگها ٿِئا.[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- ويڄَنِ سين وائِيءَ پِئا، ڪِرِي ڪَنِ نَہ پاڻَ، اَگها اِنَ اُھڃاڻَ، پَسو سُورَ سِجهايا.[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- عاشِقَنِ اللهَ جِي، سَدا وائِي واتِ، فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم ، تَنَ ۾ اِھا تاتِ، اُنھِيِن کان ڪَنھِن ساعَتِ، سَڄَڻُ ويلَ نَہ…[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- عاشِقَنِ اللهَ جِي، وائِي نِتُ وَڻِي، ھِڪِڙِي ڳالِهہ سُڻِي، سوگِهي رَکِئائُون ساھَ سين.[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- ھَرَھَرَ ھَرَ رائِي وَڃَڻُ دَرِ دوسِتَنِ جي، پاڙي ڏانھَن پِرِيَنِ جي، اُجُهہ مَ اَوائِي، اَلَڙِ ٿِي مَ آڇِ تُون، واٽاڙُوئَن…[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- مَيي ماڪائِي، وِڌو واتُ وَلِيُنِ کي، خَبَرَ ٿِي کيٽَ ڌَڻِيَنِ کي، وِڏُوڙِئا واھِي، ڪَرَھي ڪاڪَتَ ڇَڏِي، وَريسِ نَہ وائِي، چانگي…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- اَڄُ پُڻ اَڇائِي، چوڏِھيِنءَ ماھَ چَنڊَ جي، مُون ڏُونھَن مُون پِرِيَنِ جي، اَچَڻَ جِي وائِي، مُون گهَرِ واڌائِي، پيئِي کامِ…[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي اللهُ ڪَري، پاڻِهين وِجِهي ڪُنَ ۾، پاڻِهين ڪَنڌِي نِئي، سُتَڙِ سي ڍوئي، جٖي تَڙِ تَوائِي…[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- وَکَرُ وَڻِجارا، پاڻَ پَرائو چاڙِھِيو، اَچِي لَهرِيُون لَڳِيُون، ٻيڙي ٻَپارا، جاڳو جَي يارا، تَہ تَڙِ تَوائِي نَہ ٿِئي.[ سُر سريراڳ - املهہ وکر ]
- کِوَڻِ کوايو، تو آئِي نِنڊَ اَڀاڳَ کي، ڀَؤُ نَہ جَنِ ڀانيو، ڪَري تَوائِي تَنِ کي.[ سُر سريراڳ - توڪل، جاڳ سجاڳ ]
- سامُونڊِي ٿو سَنبَھين، ساڄو جَهلِ سُکانُ، لَڳي واءُ وَڏاندَرو، مُنجهائي مَھِراڻُ، جَنِي ڀانيو پاڻُ، ڪَري تَوائِي تَنِ کي.[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- توڙي تَوائِي، توءِ تُنھِنجي آسِري، جِيئَن وَڻِجارِي سين وَکَرين، تِيئَن مان گهَرَ سَرَھائِي، سَڄَڻُ ڳَرِ لائِي، کِيرُون ڏيِندَيِسِ جيڏِيين.[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- ڏِٺِي ڏِياري، سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا، اُنِ کي مُندَ اُتَرَ جِي، اوچِتِي آئِي، وَڻِجارَنِ وائِي، آھي پَرِيين پارَ جِي.[ سُر سامونڊي - آيا وڻجارا ]
- وَڻِجاري وائِي، سَدا آھي سَفَرَ جِي، آيَلِ اِھائِي، مُون کي ماري ڳالِهڙِي.[ سُر سامونڊي - آيا وڻجارا ]
- ڀيلي ڀُلائِي، پَسِي چِٽَ چَرِي ٿِي، ٻَرِ ٻَرِ ٻُڏِي سُهڻِي وِيرِنِ ۾ وائِي، ڪَچي ڪيرائِي، لالَ لَهرِنِ وِچَ ۾.[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- جَرَ تَڙَ تِکَ تَنوارَ، وَڻَ ٽِڻَ وائِي ھيڪَڙِي، سَڀَيئِي شَيءِ ٿِئا، سُورِيءَ سَزاوارَ، ھَمَه مَنصُورَ ھَزارَ، ڪِھَڙا چاڙِھي چاڙِھيان.[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- اوڏِي آيَس جانۡ پِريان جي پيچِري، ويجهِي وِندُرَ جَنِ وَرَنِ، مَدِي نَہ ھُيَنِ مَنَ ۾، ڪيچان ڪوھُ اَچَنِ، جٖي تو…[ سُر آبڙي - وايون ]
- اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، اوڳِي اَوائِي، لاڳاپَنِ لَطِيفُ چئَي، مُنڌَ رائِي رَھائِي، ڪانَہ ٽُھارِي ٽَڪَرين ساڻُسِ سَڳائِي، جَلَڻُ جَڏائِي، آرِي لاھِ…[ سُر معذوري - اڌر نڌر ۽ ھيڪلي ]
- سَڀا سِياھِي آھي آرِيءَ ڄامَ ري، ڪَڏِھِين پَسي ڪانَہ ڪا، ريءَ لالَڻَ لالائِي، دُودُ دِلِ تان دُورِ ڪَري، ساڄَنَ صَفائِي،…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- توڏَنِ موڏَنِ تَڪِڙِي، ويچارِيءَ وائِي، جَتَنِ پانهِنجِيءَ جُوءِ جِي، سُڌِ نَہ سُڻائِي، جِيئَري جُدائِي، ڪيچِيَنِ سين ڪا مَ ٿِئي.[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- سَرَتِيُون سَرَھائِي، ڪَڏِھِين مُون ڪا نَہ سُئِي، ڏِھاڙِي ڏيرَنِ ۾، وَڃَڻَ جِي وائِي، آئُون ھَڏِ نَہ ڄائِي، تَہ عَيبُ نَہ…[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- وائِي واري وِنگُڙِي، ٻولِي ٻِي نَہ ڪَھَنِ، اللهَ ڪيچَ ڌَڻِيَنِ، مُون سين پَئي نَہ مامِرو.[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- ڪا جَا ڪِيائُون، وائِي واري وِنگُڙي، آيَلِ تَنھِن آئُون، ٻولِيءَ ٻاتَڙِي ڪِي.[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- وَڻِڪاران وائِي، ڪا جَا آندِي ڪيچِيين، سُڻِي مُون سائِي، نيڻين نِنڊَ وِھُ ٿِي.[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- لَڄَ بَلوچِي نِشتَگان، ھُنِ ٻولِي ٻُڌائِي، سُڻِي مانَ سَگهِي ٿِيان، ٻاروچِي وائِي، جَڏھِن نَزدِيڪ نِنڊَ آئِي، ڦازا ڏيرَ ڦَنگهين وِئا.[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- گِندا گُشِي پاڻَ ۾، ڪَنِ گِرُھَہ باتِ، اِھا وائِي واتِ، عَيشَ ڪِلُون بِرھَہ بُرُون.[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- ٻاروچي جِي ذاتِ، سَڄَڻَ ٻاروچي جِي ذاتِ، اُٺَ گُنگائي ھَلِئا، وائِي ڪِئائُون نَہ واتِ، جانِي جَتَ وَٺِي وِئا، تَنَ تَنِي…[ سُر ديسي - وايون ]
- ڳائِي نَہ وائِي، اَدِيُون آرِيچَنِ جِي، ڪَنھِن پَرِ ڪَھِي لَنگهِيان، جَبَلُ جاجهائي، جيڪُسِ واجهائِي، ھاڻِ مَرَندِي ھوتَ لَيءِ.[ سُر ڪوھياري - لاچارگي ۽ ساھس ]
- جَي تو ڳالَهائي، ماءُ ٻاروچا پُڇِئا، اُنِهين جِي وائِي، ھُوندَ نَہ وييَئِي وِسَري.[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- آيَسِ ڪِي اوڏِي وَڻا وائِي نَہ ڪَرِيو، سا مُنڌَ جِيئَندِي ڪيتِرو، لَڪَنِ جا لوڏِي، ڪوھِيارِي ڪوڏِي، ڇُلِي پيٺِي ڇَپَرين.[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- نِرتِي تَندُ نِيازَ سين، ٻِيجَلَ ٻُرائِي، راجا رَتولَنِ ۾، وَرَنائِي وائِي، ڪوٺايائِين ڪوٽَ ۾، ٻارَٽُ ٻاجهائِي، راجا راڳائِي، ھَردوئِي ھيڪُ…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- ڪَنِي ڪَنِي ماڻهين، پيئِي ڪَلَ ڪائِي، رَسِئا جي رَمزَ کي، تَنِ پارِسِي پائِي، اَلْاِنْسَانُ سِرِّی وَاَنَا سِرُّهٗ ، وَرَتِي اِيءَ…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- ڏِنو جَو ڏِياچَ، سو سورَٺِ سُرَھو نَہ ڪِئو، ڪَنبِي وِئا ڪِيرَتِيا، ڪُوماڻا ڪُماچَ، جَا وِندُرَ وائِي واچَ، موھِيو تَنھِن مَڱڻَھارَ…[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- چارَڻُ چَنۡگُ ڪُلِهي ڪَري، رَمِي آيو راتِ، صَدا جِي سَيِّدُ چئَي، وائِي ڪِئائِين واتِ، وَڃِي ڀانَ ڀُڻڪِئو، جِتي جاجِڪَ نَہ…[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]
- چارَڻَ چَنۡگُ ڪُلِهي ڪَري، پيرَ پُرِي پاتا، صَدا جِي سَيِّدُ چئَي، وائِي ڪِئائِين واتا، تَنھِن تي راءُ راضِي ٿِئو، دِلِ…[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]
- رُوءِ راڻي جِيءَ ناھِ ڪو، سوڍو سَوائِي، لُڊُوڻِئان لَطِيفُ چئَي، لالِي تَنھِن لائِي، ڪانِهي ٻِي وائِي، ٿِئو مِڙوئِي مَينڌَرو.[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- چووِيھِينءَ چَلَڻَ جِي، ويراڳِيَنِ وائِي، ھَولُ ڪَري ھَلِئا، سَناسِي سائِين، آديسِيَنِ اُڪِيرَ سين، لالَ پِريان لائِي، سامِي سَوائِي، لِڪا ڀُوڻَنِ…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- تييُون توشو تِوڻِ نَہ ڪا، ڌُرِيائِينِ ڌارِينِ، ڏُکِئا سُکِئا ڏِينھَڙا، ٿا گهَٽَ اَندَرِ گهارِينِ، تَوَڪَلَ ٻَڌائُون تُرَھو، ٻِي وائِي نَہ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- نُونَئُون نانِيءَ ھَلِئا، سامِي سَڀَيئِي، اُڪَنڊَ ۾ آديسَ جِي، وِھَڪَ تَنِ ويئِي، سَناسِي سِڪَ ۾، اوتِينِ ارتوئِي، لَاْ تَتَحرَڪُ ذَرَةُ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- آئِي مائِي آئِي، جوڳِيَنِ جا جَڙَ لائِي، سامِي صَبُرُ سِکِئا، مَٽائي وائِي، سامِيَنِ سونُ ڪَنَنِ ۾، ڇَتَنِ جِي ڇائِي.[ سُر رامڪلي - وايون ]
- ڪانگَلَ قَرِيبَنِ جا، اَچِي وائِي وَڻُ، تو ۾ بُوءِ بَھارَ جِي، مُشڪَ کَٿُورِيءَ مَڻُ، اَچِي عَجِيبَنِ جو، اورانگِهجِ اَڱڻُ، توکي…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- جوڳِيَنِ جا جَڙَ لائِي، سامِيَنِ سان سَدا دِلِ سوگهِي، پُرِئا پُورَڀَ پارَ ڏي، اَدِي بيراڳِي آئِي، سامِي سَفَرِ ھَلِئا، مَڙِهيُون…[ سُر پورب - وايون ]
- جَکِري جِھو، ڏِسان ڪونَہ ڏيھَنِ ۾، وائِي جَنھِن جي واتَ ۾، ڏِئو ۽ ڏِئو، وَڃِي ڇو نَہ وِھو، اِنَ دَرِ…[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- جکَري جِھو، نَڪو سَمُو سِنڌُ ۾، وائِي جَنھِن جي واتَ ۾، ڏِئو ۽ ڏِئو، اَلا اَچي ڪو، ڏَڏُ وَڏو ڏانُ…[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- جيھِيءَ تيھِيءَ جَکِرو، وَٽِيءَ وِجهي نَہ وِچُ، اَچو آيا نِچُ، سَمي وائِي واتَ ۾.[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- سَمُو سَوائِي، ٻَھُون ٻِئَنئان وِتَرو، دانَهہ جي دَرٻارِ ۾، وَرَتي اِيءَ وائِي، ڳَھڙَ ڳالَهائِي، مَھَڙَ سَڀَ مَلَهائِيا.[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- جَي وِلِهي ڪَرِيين وَلَها، تَہ اڱَڻِ تو آئِي، ڪانڌَ ڪوٺِجِ ڪَڏِھِين، ٻَرِ ٻَرِ ٻاجهائِي، وارِجِ ڪا وائِي، دِلاسي جِي داسَڙا.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- دِلِاسي جي داسَڙا، تان ڪا وائِيءَ وارِ، جِيئَن تُون مُنھِنجو وَلَهو، تِيئَن آئُون تو ۾ طَمعدارِ، ڍَڪِي ڍولَ گُذارِ، لَڄَ…[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- ڏِسِي ڏَنءُ ڏُھاڳَ جو، ڍولِئا آئُون ڍائِي، ڪانڌَ نَہ ڪوٺِيُئِي ڪَڏِھِين، ٻَرٻَر ٻاجهائِي، پائي پاندُ ڳِچِيءَ ۾، آئُون اَڱَڻِ تو…[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- وَڳَرَ ۾ وائِي، ڪالَهہ، تُنھِنجِي ڪُونجَڙيِ، سَرَ ۾ سارِينَئِي گهَڻو، ڀينَرُ ۽ ڀائِي، پَسِين نَہ ڦاھِي، جَا مارِيءَ سَندي مَنَ…[ سُر ڏھر - وڳرين ڪُونجون ]
- روھَ نَہ ويئِيَنِ راتِ، ڪُونجَلَ ڪوھُ ڪُڻڪين، ٻَچا ٻاتاڙا ٿِئا، وائِي ڪَنِ نَہ واتِ، سَرَ ۾ سارِينَئِي گهَڻو، تو جَنِي…[ سُر ڏھر - وايون ]
- ڪا ڪِيرَتِ سَنڀاھِ، چارَڻَ چوٽاڻِيءَ مَڻي، وائِي ڄاڻي سَڀَڪا، جيڪا ڪَرِيين سا، لَنگها تُون لِيلاءِ، اَڳِئان اُنَڙَ ڄامَ جي.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- ڏَڏُ ٿِي گُهرُ، ڇَڏِ وِڄا جِي وائِي، سَمي راتِ سَنباھِئا، تازِي تو لائِي، جو ڄاڻي نَہ ڳائِيۡ، تَنھِن سين ٻيلي…[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- ٻي دَرِ وانءُ مَ ڪيڏانھِين، جو تُون ڄامُ مَڱَندين مَڱڻا، ڦيرِ مَ ڪَنڌُ ڪِياڙِي، ٿِيندِي حاجَ ھِنئائِين، ماڻِڪَ موتِي مالَ…[ سُر جاجڪاڻي - وايون ]
- ڏيرَنِ مُل ڏاڍائِي، يا اِلاھِي، آئُون آسُونھِين اَوَتَڙَ آڏا، چُوڻُو چُڻَنَ آئِيا، پَکِيَڙا پَرَڏيھِي، سَوَلِي ڪَرِيين سَچا ڌَڻِي، اَڳِئان اُونداھِي،…[ سُر آسا - وايون ]
- ٿَران ٿاريلو آيو، ڏيھَ جو ڏيھائِي، تَنھِن ويڙِھيچي وَطَنَ جِي، ويھِي ڪِي وائِي، ھيڪَ ٿاڌيل ٿَرَنِ ۾، ھَنڌِ ھَنڌِ ھَرائِي،…[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- ڪاغَذُ لِکان ڪِيئَن، جِيئَن ھَڻِئو اَمُرُ اَڌَ ڪَري، واڳِيُون جي وِصالَ سين، تَنِ چاڙِھي چِيئَن، رُئان راتو ڏِينھَن، اُنِ جي…[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- ڪَنھِن تَڙِ ڏيھائِي، ڪِٿي اُٺَنِ مِينھَڙا، مُون وَٽِ مُون پِرِيَنِ جِي، ويھِي ڪَرِ وائِي، آئُون اَڳَ ڍائِي ، مَنَ سَنِيھو…[ سُر مارئي - مُونھان پوءِ ملير ]
- ڇَھِينءَ راتِ ڇَڻِي، ڳوڙها پِيَمِ ڳَلَ تي، وَنھِيَنِ ويڙِهِيچَنِ جِي، هِيين حُبَ گهَڻِي، إِنَّ اللَّهَ مَعَ الصَّابِرِينَ ، وائِي واتِ…[ سُر مارئي - سارئان ۽ چڪن چاڪ ]
- وَحدَہٗ وائِي، چَڙَهندي چَيائُون، سو لُڙُ لَنگِهئائُون، جِتِ پارَکَ پَکِيان.[ سُر ڪارايل - اڇو آب ]
- لَلي لَنئِين لاتِ، سَرَ ۾ ڪِئو سوجِهرو، ٻَگها ٻاتاڙا ٿِئا، وائِي ڪَنِ نَہ واتِ، جُنگَنِ پَنھِنجِي ذاتِ، نيئِي رَسائي روھَ…[ سُر ڪارايل - اڇو آب ]