وائِي جي سنڌي معنيٰ
وارتا، تقرير، چوڻي، ڳالهہ ٻولهہ، آواز، ٻولي، ڪھڻي، چوڻي وغيرہ
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To state, saying, language, utter
وائِي جا بيتن ۾ حوالا
ھَرَھَرَ ھَرَ رائِي وَڃَڻُ دَرِ دوسِتَنِ جي،
پاڙي ڏانھَن پِرِيَنِ جي، اُجُهہ مَ اَوائِي،
اَلَڙِ ٿِي مَ آڇِ تُون، واٽاڙُوئَن وائِي،
لائِيندِينءَ لَطِيفُ چئَي، سُوران سُرھائِي،
ڳُجهو ڳالَهائي، پِرتِ وَٽِجي پاڻَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 1 ]
پاڙي ڏانھَن پِرِيَنِ جي، اُجُهہ مَ اَوائِي،
اَلَڙِ ٿِي مَ آڇِ تُون، واٽاڙُوئَن وائِي،
لائِيندِينءَ لَطِيفُ چئَي، سُوران سُرھائِي،
ڳُجهو ڳالَهائي، پِرتِ وَٽِجي پاڻَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 1 ]
تُون چَئُہ اللهُ ھيڪِڙو، وائِي ٻِي وِسارِ
تَنَ ۾ تَندُ تَنوارِ، سَدا سُپَيرِيَن جِي.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 15 ]
تَنَ ۾ تَندُ تَنوارِ، سَدا سُپَيرِيَن جِي.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 15 ]
تُون چَئُہ اللهُ ھيڪِڙو، ٻِي وائِي وِساري ڇَڏِ،
تان تُون ھِنيَين سين گَڏِ، سَڄَڻُ ساھَ پَساھَ ۾.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 16 ]
تان تُون ھِنيَين سين گَڏِ، سَڄَڻُ ساھَ پَساھَ ۾.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 16 ]
تُون چَئُہ اللهُ ھيڪِڙو، ٻِي وارِجِ مَ وائِي،
سِکِجِ تُون سا ئِي، جيڪا مُڪِي سَڄَڻين.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 17 ]
سِکِجِ تُون سا ئِي، جيڪا مُڪِي سَڄَڻين.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 17 ]
واڍوڙِيَنِ وائِي، سَدا آھي سُورَ جِي،
جيڪا اَٿِنِ مَنَ ۾، سَلَنِ نَہ سائِي،
اوڙَڪِ اِھائِي، ڳولِئَو ڏِسَنِ ڳالِهڙِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 18 ]
جيڪا اَٿِنِ مَنَ ۾، سَلَنِ نَہ سائِي،
اوڙَڪِ اِھائِي، ڳولِئَو ڏِسَنِ ڳالِهڙِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 18 ]
وَحدَہٗ وائِي، چَڙَهندي چَيائُون،
سو لُڙُ لَنگِهئائُون، جِتِ پارَکَ پَکِيان.
[ سُر ڪارايل، اڇو آب، 1 ]
سو لُڙُ لَنگِهئائُون، جِتِ پارَکَ پَکِيان.
[ سُر ڪارايل، اڇو آب، 1 ]
عاشِقَنِ اللهَ جِي، سَدا وائِي واتِ،
فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم ، تَنَ ۾ اِھا تاتِ،
اُنھِيِن کان ڪَنھِن ساعَتِ، سَڄَڻُ ويلَ نَہ وِسَري.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 4 ]
فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم ، تَنَ ۾ اِھا تاتِ،
اُنھِيِن کان ڪَنھِن ساعَتِ، سَڄَڻُ ويلَ نَہ وِسَري.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 4 ]
عاشِقَنِ اللهَ جِي، وائِي نِتُ وَڻِي،
ھِڪِڙِي ڳالِهہ سُڻِي، سوگِهي رَکِئائُون ساھَ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 5 ]
ھِڪِڙِي ڳالِهہ سُڻِي، سوگِهي رَکِئائُون ساھَ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 5 ]
مَيي ماڪائِي، وِڌو واتُ وَلِيُنِ کي،
خَبَرَ ٿِي کيٽَ ڌَڻِيَنِ کي، وِڏُوڙِئا واھِي،
ڪَرَھي ڪاڪَتَ ڇَڏِي، وَريسِ نَہ وائِي،
چانگي چَرِئائِي، ويئِي ويچاري وِسَرِي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 47 ]
خَبَرَ ٿِي کيٽَ ڌَڻِيَنِ کي، وِڏُوڙِئا واھِي،
ڪَرَھي ڪاڪَتَ ڇَڏِي، وَريسِ نَہ وائِي،
چانگي چَرِئائِي، ويئِي ويچاري وِسَرِي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 47 ]
اَڄُ پُڻ اَڇائِي، چوڏِھيِنءَ ماھَ چَنڊَ جي،
مُون ڏُونھَن مُون پِرِيَنِ جي، اَچَڻَ جِي وائِي،
مُون گهَرِ واڌائِي، پيئِي کامِ کَرَنِ ۾.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 14 ]
مُون ڏُونھَن مُون پِرِيَنِ جي، اَچَڻَ جِي وائِي،
مُون گهَرِ واڌائِي، پيئِي کامِ کَرَنِ ۾.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 14 ]
English Meaning
To state, saying, language, utter