آرِيءَ بابت
معنيٰ
پنهونءَ جي پيءُ جو نالو، پنهون ڄام، هوت ذات جي سردار جو نالو. سڌريل. پڙهيل. شريف. عزت مند، مانوارو. خانداني. سردار.
Jam Punhoo, name of Punhoo's father, Name of tribe's head in Hoat community. Nobel, respectable.
بيتن ۽ وائين ۾
- سَسُئِيءَ ڪِينَ سَمجِهئو، اوري آرِيءَ ساڻُ، ڪَري پيکُ پُنُوھَ سين، پاڌارِئائِين پاڻُ، ڄَٽِ وِڃايو ڄاڻُ، ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ سين.[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- لَڳِي ڪوسو واءُ، لوڪُ مِڙيوئِي لهسِئو، اُڀَنِ مَنجهان آيو، ھئَي ھئَي جو ھُڳاءُ، طَيُورَنِ تَنوارِئو، پُنهونءَ پُڄاڻاءُ، رَسِئو سُورُ شَبانَ…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- ڪِھَڙو سَڱُ سِياڪو، ھاري تَنِ ھوتَنِ سين، آئُون ھيڪَلِي حَبِ ۾، نَہ مُون مِٽُ نَہ ڪاڪو، مُنڌَ پِيادِي پَنڌُ گهَڻو،…[ سُر آبڙي - وايون ]
- ھَلَندي ھاڙھو مَڻِي، ڪَرَڻُ ڪوھَ پِئامِ، اَرڏا آرِيءَ ڄامَ ري گُوندَرَ گُذَرِئامِ، لَڪِيُون لَڪَ لَطِيفُ چئَي، اپرانگهَڻُ آيامِ، پُرڻُ پُنهونءَ…[ سُر معذوري - ھاڙھو پنڌ ]
- کيرِيين ٻيرِيين ٻائرِيين، لَنگهِئائِين لِيارَ، سَسُئِي کي سَيِّدُ چئَي، سَندِي پِرتِ پَچارَ، آرِيءَ جِي اِختِيارِ، ڪيچِ پَهتو قافِلو.[ سُر معذوري - ھاڙھو پنڌ ]
- ھَٿين پيرين مُونَڙِيين، ھَلِج ساڻُ ھِنيَين، عِشقُ آرِيءَ ڄامَ جو، نِباھي نِيين، جان سِينءَ ٿِي جِيين، تَہ پاڙِجِ ڪو مَ…[ سُر معذوري - منڌ ۽ موت ]
- ھَٿين پيرين مُونَڙِيين، ڪَھِجِ ڀَرِ قُدامَ، وِچِ وَسِيلو ناھِ ڪو، اوري آرِيءَ ڄامَ، ھِنيين لاھي ھامَ، پاڙِجِ ڪومَ پُنهونءَ سين.[ سُر معذوري - منڌ ۽ موت ]
- ڏُکِيءَ سَندِيُون ڌُونگَرِين، پَسو پِٽُون پُونِ، ڏاري جو ڏُونگَرَ کي، سو ڪِي چَيو چُوَنِ، آرِيءَ جي اَفسوسَ ۾، ماڻُهو مِرُون…[ سُر معذوري - ڏُکِيءَ ڏک ]
- آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، ٿورا ڏِينھَن ٿِئا، راتِين روزَ وِئا، عَبَثُ آرِيءَ ڄامَ ري.[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، عُمِرِ تان ويئِي، وِلِهِيءَ ڏِينھَن وِڃائِيا، سَرَتِيُون سَڀَيئِي، پيرِيءَ ۾ پيئِي، اَکِيُون آرِيءَ ڏي کَڻي.[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- ڪَٽارو ۽ ڪوسُ، اَڱَڻِ آرِيءَ ڄامَ جي، دِيَتَ آھي دوسُ، مارَڳَ ۾ مُيُنِ جِي.[ سُر معذوري - سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ ]
- اَکِيُون آرِيءَ ڄامَ جُون، اَنڌِيءَ سين آھِينِ، ھُو جٖي وَڻَ وِندُرَ جا، سي مُون سُونھائِينِ، ڏِسِئو ڏيکارِينِ، پيشانِي پُنهونءَ جي.[ سُر معذوري - سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ ]
- اَکِيُون آرِيءَ ڄامَ جُون، آھِينِ اَنڌِيءَ ساڻُ، پَسِي ڪَندِيُون پاڻُ، پيشانِي پُنهونءَ جِي.[ سُر معذوري - سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ ]
- ھِيءَ گهايَلِ ھَڏِ گهورِي، وو مِيان، ڪيچِي مُون نَہ سَڱِيڻا، عِشقَ آرِيءَ ڄامَ جي، ھِيءَ جهورِيءَ ھَڏِ جهورِي، رَھِي جا…[ سُر معذوري - وايون ]
- لَڏِيندي لِباسُ، جَتَنِ جيڏو ئِي ڪِئو، آيُمِ آرِيءَ ڄامَ جو، وَڻَ وَڻَ مَنجهان واسُ، مِرُون کينِمِ ماسُ، ھَڏَ ھَلَندا ھوتَ…[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- بَرَ مِڙَئِي بُوءِ، ڇَپَرَ ڇَٽُون مُڪِيُون، اَچِي آرِيءَ ڄامَ جو، لَڙِيو ساٿُ صُبُوحِ، ٻَھَ ٻَھَ ٿِي ڀَنڀورَ ۾، ھَنڌَ مِڙيئِي…[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- آڏَ تِراڇا آھُڙا، وِنگاَ وَرَ واٽُنِ، جيرا جِگرَ بُڪِيُون، آرِيءَ لَيءِ آٽَنِ، ڪَسي ڪَنواٽَنِ، سَنڀُوڙا سَيِّدُ چئَي.[ سُر ديسي - آڏ تراڇا جبل ]
- جَتَنِ جا جيلان، ٿِي ساٿَ پُڇائي سَسُئِي، آيَسِ آرِيءَ ڄامَ جا، تَڙِ توڏا تيلان، اُنِ کي ناڪيلِيُون نَڪَن ۾، دُھرِيُون…[ سُر ديسي - جَت نہ مِٽَ ]
- وارَو وَرُ وَٺِي وِئا، آرِيچا اَظِلامَ، آندائُون آرِيءَ جا، پُنهونءَ ڏي پَيغامَ، پَھَ ڪِئائُون پاڻَ ۾، مُونھان مَخفِي مامَ، سَنڀُوڙا…[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- جَڏِيءَ وَٽِ جالي، مانَ اللهَ ڪارَڻِ لِکَ سِينءَ، آھِيان آرِيءَ ڄامَ جي، ھِتِ ھُتِ حَوالِي، عَيبَ مُون ۾ اَڳِراَ، مانَ…[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- گَڏِئو ڌوٻِيَنِ ڌوءِ، پُنهونءَ پارِچو ھَٿَ ۾، اُتي آرِيءَ ڄامَ جو، قاصِدُ آيُسِ ڪو، اِيءُ ڪامِلَ ڪَمُ نَہ سَندوءِ، پَهَسَ…[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- پَروانُو پُنهونءَ ڏي، لِکِئو آرِيءَ ھوتَ، اِيءَ پَرِ نَہ پانھِنجِي، جِيئَن پَهَسَ پَڇاڙِين پوتَ، ھاڙِھي جا بَلوچَ، ڪِ لَڳُئِي نِينھُن…[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- سَڀا سِياھِي آھي آرِيءَ ڄامَ ري، ڪَڏِھِين پَسي ڪانَہ ڪا، ريءَ لالَڻَ لالائِي، دُودُ دِلِ تان دُورِ ڪَري، ساڄَنَ صَفائِي،…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- ڏيرَنِ ڏوھُ نَہ جيڏِيُون، ماءُ مِڙُوئِي مُون، آئُون اَسُونھِين اُو سُونھان، پِرِين ڀَلا پَرڀُون، اَصلِ آرِيءَ ڄامَ جو، پاندُ نَہ…[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- ڪَھان تان ڪيچان پَري، وِھان تان وَٽِ مُون، ڀُلِي ڏورِيَمِ ڀُون، عَبَثُ آرِيءَ ڄامَ کي.[ سُر ديسي - جبل ڏي نہ جواب ]
- ھوتَ نَہ ڀانيُمِ ھِيئَن، مارِي سَڄَڻَ تُنھِنجي نِينھَن، ڇَڏي تُون ڪو ڇَپَرِ ويندين، لُڪُون لَڳَنِ ڪوسِيُون، ڏاڍا تَپَنِ ڏِينھَن، جُهونگارِيندي…[ سُر ديسي - وايون ]
- ويندِيَسِ ڪيچِ ڪَھِي، سيڻَنِ ساڻُ صَحِي، ڀينَرُ آئُون جِيئَندِيَسِ تان نَہ جَتَنِ ري، وِھان ڪِيئَن ماٺِ ڪَري، ھيڏو سُورُ سَھِي،…[ سُر ديسي - وايون ]
- آئُون تي ڇُلان مَٿي ڇَپَرين، جي ٻاروچي ٻاجَهہ گهَڻِي، آئُون پَنھِنجي پِرِينءَ سين، ويندِيَسِ واڳَ وَڻِي، مَرُجان پوئِيمِ مُنھَن ۾،…[ سُر ديسي - وايون ]
- وَڏِي جاڙَ ڪِياءِ، جِيئَن سُتِيئَن پيرَ ڊِگها ڪَري، دَرَ ڀَرِ اُڀِيئَن دوسِتَ جي، سُڻ ڀُڻ توءِ سُياءِ، اَصلِ آرِيءَ ڄامَ…[ سُر ڪوھياري - نِدورِي نِنڊ ]
- جيھِي جٖي تيھِي، ٻانِهي ٻاروچَنِ جِي، حُجَتَ ھوتَ پُنهونءَ سين، مُون ڪَمِيڻِيءَ ڪيھِي، اَصلِ آرِيءَ ڄامَ جي، پَليءِ آئُون پيئِي،…[ سُر ڪوھياري - اُڊڪا ۽ ايلاز ]
- ڪَنھِن پَرِ رُئان پِرِينءَ پارَ نَہ ڄاڻان پيرُ، ڀَنَڻُ مُون ڀيڙو ٿِئو، سُورَنِ لايو سيرُ، آرِيءَ لَيءِ اُليرُ، رَقصُ ڀاڱي…[ سُر ڪوھياري - پڇتاءَ ۽ انومان ]
- پَرتَوو پُنهونءَ جو، جُهڙَ جِيئَن جهالا ڏي، آئُون تَنھِن آرِيءَ کي، وَٺِئو راھَ رُئان گهَڻو.[ سُر ڪوھياري - لاچارگي ۽ ساھس ]
- پَرتَوو پُنهونءَ جو، رُڳِيائِي راحَتَ، ڀانيان ڏِينھُن ڀَوارَئُون، ساجَنَ لاءِ صِحَتَ، مِٺِي مُصيبَتَ، آھي آرِيءَ ڄامَ جِي.[ سُر ڪوھياري - لاچارگي ۽ ساھس ]
- لَڙُ مَ لاڙائُو ٿِئو، موڙي مَرُ مَ پيرُ، آرِيءَ لَيءِ اُليرُ، ڏيئِي مَرِجِ ڏُونگَرين.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- سانڍِ پَنھِنجِي ساھِ، نَہ تَہ ٻانھِين ٿِي ٻُرا ڪَرِيان، واڳِيُون جٖي وَرَنِ، تَنِ سَرَتِيُنِ سيڄَ سُھاءِ، تيلاھِين طَعنا ڏيِين، جٖي…[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- ڪو جو لَڳُسِ ڪانُ، آرِيءَ جي عِشقَ جو، نِڪِرِي ٿِي نِيشانُ، ڇَڏي سانگو ساھَ جو.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- ڪو جو وَٺُسِ مِينھُن، آرِيءَ جي اُڪِيرَ جو، راتِيان رَوئَي رَتَ ڦُڙا سُکِ نَہ سارو ڏِينھُن، ٻاروچاڻُو نِينھُن، مُٺِيءَ ماٺو…[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- جيڏِيُون جي مان وِسَهو، تَہ ڪِينَ سُٻيلِي سُکُ، بَرُ بورائُو تَنِ جو، ڏُونگَرَ جَنِي ڏُکُ، آرِيءَ جو اَھُکُ، رَھنُما راھَ…[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- ٻَرِي تَہ ٻيلِي گَهڻا، ساٿِي پُڇي سُکُ، رَفاقَتَ رِڃُنِ ۾، ڏُونگَرِ ڪَري ڏُکُ، آرِيءَ جو اُھُکُ، رَھنُما راھَ ٿِئو.[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- اُونءَ تان اوٺِيَنِ نَہ ڪِئو، آرِيءَ اُتُنِ جِيئَن، ڪيچِ پَهچَندِي ڪِيئَن، اِھڙَنِ اَٻاجَهنِ سين.[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- اُونءَ تان اوٺِيَنِ نَہ ڪِئو، جِيئَن اُتُنِ آرِيءَ ڄامَ، ٻَڙَڪِي ٻاھَرِ نِڱِي، گاذَرِ مَنجهان گامَ، سِسِي ڏيئِي سامَ، سُتِي سَنگهَرِ…[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- ڏِيندِيَسِ ماھُ مِرُنِ کي، آئُون ذَرا جِيءُ ڪَري، اي ھوتا، ڏيئِي باھِ ڀَنڀورَ کي، آئُون آيسِ تو ڳَري، آرِياڻِيءَ پُنهونءَ…[ سُر حسيني - وايون ]
- پُنهون پِريشانُ، ھئَي ھئَي حالُ مُنھِنجو، مُون کي بُکَ بوتَنِ جِي، نَڪِي ڀايان نانُ، شَھَرُ صَحرا ڀانيان، مُون ليکي مَيدانُ،…[ سُر حسيني - وايون ]
- وَسان تي ويياسِ، آيَلِ آيَلِ لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو، آھي آرِيءَ آسِري، نَڪو پيءُ نَہ ماسِ، پُرِزا پَٻَ وَرَنِ ۾،…[ سُر حسيني - وايون ]
- مِلَندي سِيئَن مَرَندي سِيئَن، مُون کي آھي، آيَلِ سُورُ سَندونِ، آئُون پِيادِي پَنڌُ گهَڻو، ڪيچِي وِئا ڪَرَھَلَ ڪاھي، عَشقُ آرِيءَ…[ سُر حسيني - وايون ]
- روئِي لاٿو مُون، جان جان ڏُکُ نَہ ھو ڏُونگَرين، وِئو ٻاروچو نِڪرِي، اللهَ آھِين تُون، ڪَھان تان ڪيچان پَري، وِھان…[ سُر حسيني - وايون ]
- ڪيچِيَنِ ڪارَڻِ ڪالَهہ، نيڻَ نِھارا مُون ڪِئا، اِيندا پَسَنِ شالَ، اوٺِي آرِيءَ ڄامَ جا.[ سُر ڏھر - اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو ]