Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر سامونڊي جَي وايون جي وائِي
اَئِين مُون کي زورِ مَ جَهلِيو وو جيڏِيُون وو،
آئُون ھَلَندِي ھوتَ ڏي ھاءِ ھاءِ،
سُورُ تُنھِنجو سُپِرِين، مَعذُورِ کي ماري،
ھاڻِ نَہ جِيئان جيڏِيُون، آئُون جَا ڪُٺَڙي ڪوھِيارِي،
اُونِهي وِئَڙا اوھَرِي طَرازُون تارَي،
مَرِي رَھَندِيَس ماڳھِين، سامُونڊِي ساري.
رسالن ۾ موجودگي: 80 سيڪڙو
سمجهاڻي
اي جيڏيون سرتيون، توهين مون کي زور زبردستيءَ سان پاڻ وٽ جهلي نہ ويھاريو. آءٌ پنھنجي پرينءَ جي پٺيان وينديس. هو اونهي پاڻيءَ ۾ پنھنجون ٻيڙيون هاڪاري هليا ويا آهن. آءٌ انهن سامونڊين کي ياد ڪندي هن ماڳ تي ئي مري پونديس. اي منھنجا سپرين، هن مڙهي عورت کي تنھنجي جدائيءَ جي سور جهوري وڌو آهي. هونئن ڀلا، جنھن کي پنھنجي محبوب ڪاتيءَ سان ڪھي ڇڏيو آهي، اها ڪيئن جيئري رهي سگهندي! (ان جو جيئرو رهڻ ناممڪن آهي).
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سامونڊي، بيت نمبر : 1518
آَءٌ هَلَندِيْ هُوْتَڎٖيْ هَاءِ هَاءِ﮶
سُوْرُ تُھْجُوْ سُپِرٍ مُنْ مَعْذُوْرِ کٖيْ مَارٖيْ﮶
هَانِ نَجِيَان جٖيْڎِيٌ آَءٌ جَا ڪُٽَرِيْ ڪُوْهِيَارٖيْ﮶
اُوْنٖيْ وِئَرَا اُوْهَرِيْ طَرَازٌ تَارٖيْ﮶
مَرِيْ رَهَدِيَسِ مَاکَهٍ سَامُوْڊِيْ سَارٖيْ﮶
ھِي وائي ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
अईं मूंखे ज़ोरि म झलियो वो जेड॒यूं वो।
आऊं हलंदी होत डे॒ हाए हाए।
सूरु तुंहिंजो सुपिरीं। माज़ूरि खे मारे।
हाणि न जियां जेडि॒यूं। आऊं जा कुठड़े कोहियारे।
ऊनिहे विअड़ा ओहरी। तराज़ूं तारे।
मरी रहंदियस माग॒हीं। सामूंडी सारे।
ROMAN SINDHI
aa'ee'n moo'n khhay zor'ay ma jhaliyo wo jeddiyoo'n wo,
aaun halandi hot'a dday haa'ay haa'ay,
soor'u tunhinjo supiree'n, Ma'zoor'ay khhay maaray,
haann'ay na jee'aa'n jeddiyoo'n, aaun jaa kuthharray kohiyaaray,
oonihay wi'arraa aohari taraazoo'n taaray,
mari rahndiyas maagg'hee'n, saamoonDi saaray.
TRANSLATIONS
Do not restrain me by force, O companions! I am keen to go to my friend. He has sailed away in a boat on the deep sea.
I would eventually die remembering my seaman consort.
O dear one! The anguish (caused by your separation) is killing mean infirm person.
O friends! I have no desire to live now. I have been killed by the hill-man (Punhoo Lord).
دامن او گیر زور تر بیگمان
تارہی در امنِ آخر زمان
(Roomi)
Take hold of his skirt immediately and without any misgiving, so that you may remain saved from worries in the Hereafter.
Don't force me to stop, mates, I will go to my friend,
He putout his boat and sailed to the deep sea,
I would die remembering my seafarer,
The anguish of your separation is killing me, my love,
I will not live any more, I have been killed by the beloved.
نی میں جانا ماہی ڈیرے
چھڈو مینوں روکو ناھیں اڑیو پیش پوو کیوں میرے
نی میں جانا ماہی ڈیرے
ساگر دے وچ بیڑے ٹھِلی ٹر گیا سجن مونہہ نہیرے
نی میں جانا ماہی ڈیرے
یاد اوس نوں کردی مرساں پائے مینوں موت نا گھیرے
نی میں جانا ماہی ڈیرے
میں کملی نوں میت پیارے، مار مکونا درداں تیرے
نی میں جانا ماہی ڈیرے
کوہسی مینوں ہوت کسائی، کرسے بیرے بیرے
نی میں جانا ماہی ڈیرے
روکو نہ مجھے تم سکھیو!
جائوں گی سجن کے دوارے
ساگر میں ڈال کے ڈیرا
ساجن پردیس سدھارے
جائوں گی سجن کے دوارے
گھٹ گھٹ کے یاد میں ان کی
مر جائوں نہ دکھ کے مارے
جائوں گی سجن کے دوارے
درد ان کا مجھے تڑپائے
تڑپوں میں سانج سکارے
جائوں گی سجن کے دوارے
جاؤں گی ساجن کے دوارے، راہ نہ روکو سکھیو!
وہ تو ساگر پار گئے ہیں، کھڑی ہوں گھاٹ کنارے،
ان کی یاد میں مرجاؤں گی، وہ پردیس سدھارے،
کب سے تڑپیں برہا میں یہ، تیرے ہجر کے مارے،
تجھ بن کیسے جی پاؤں گی، یار میرے کوہیارے!
داستان اندر ٻيو اندراج
- (وائِي) آيَلِ ڪَرِيان ڪِيئَن وو مُنھِنجو…
- (وائِي) اَئِين اَچِي پَسو جيڏِيُون، ھِي…
- (وائِي) تَڙَ نِھارِئان تي مُنھِنجا بَندَرِ…
- (وائِي) سِڙَه سُڃاڻِيو چوءِ، ماءَ سامُونڊِي…
- (وائِي) ويندِي آئُون پِرِيَنِ وَٽِ، مُون…
- (وائِي) وَڻِجارو آيو، ماءَ مُرادُون پُنِيُون،…
- (وائِي) وِئا اَٿَمِ ھوتَ ھَڻِي، آئُون…
- (وائِي) پَڳَھَ پاءِ پَنھِنجي مَڪُڙِي، مَتان…
- (وائِي) پِرِيَنِ جي پَنڌان، مُون کي…
- (وائِي) ڪَرَھَلَ پائي لَڄُ، ڪوھُ نَہ…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت
سر سامونڊي جو تعلق سنڌي پرڪاش راڳ آھي ۽ ھن جي شڪل پوربي ٺاٺ سان ملي ٿي. آروھي ۽ آمروھي اوڏو سمپورڻ آھي يعني آروھيءَ ۾ پنج سر ۽ آمروھيءَ ۾ ست سر آھن. ڀٽائي جن جي راڳ کي راڳ وديا ۾ اھڙو تہ چالو ڏنو آھي جيڪو ھند جي ڏنل سنگيت سان ڪونہ ٿو ملي. انهيءَ ڪري شاھ جي سنگيت ۾ ان جو نالو ئي لطيفي چالو رکيو ويو آھي. وادي سر ”گنڌار“ ۽ سموادي سر ڌيوت راڳ جي آلاپن جو پھر شام کان رات تائين جو آھي.
ٺاٺ: پوربي
آروھي: سا گي مي پا ني سا
آمروھي: سا ني ڌا پا مني گي را سا
وقت (سمو) شام
(ذريعو: شاھ جو راڳ، سرگم وسيلي نئي تحقيق. تحقيق: استاد امير علي خان. ڇپائيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي)
