Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
سُر جا ٻيا داستان
- سُر بلاول جَي وايون جي وائِي
پَسِئو پَسائي، نُورُ نَبِيءَ جو،
ظاھِرُ ٿِئو زَمِينَ تي، ڏيھَنِ جو ڏِيو،
خاوَندَ خاصُ خَلقِئو، ھِھَڙو ڪونَہ ٻِئو،
ڍَرَندو ڇَٽُ رَسُولَ تي، ڏُوراٺو ڏِسِبو،
باوو بِيبِيءَ فاطِمَه ميڙي ۾ مَلَهَندو.
رسالن ۾ موجودگي: 24 سيڪڙو
سمجهاڻي
نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جو نور ئي هر طرف پيو نظر ايندو. انهيءَ شافع شفيع جو نور ۽ روشني هر ڏس ۾ پيو جهلڪندو (تجلا نظر ايندا). اهو سڀني ڏيھن ۽ مُلڪن ۾ (سوجهرو ڪندڙ) ڏيئو آهي، جيڪو هن ڌرتيءَ تي اچي ظاهر ٿيو آهي. بيشڪ! مالڪ سائين هُن کي خاص ڪري خلقيو آهي ۽ جھڙاس ڪو ٻيو ناهي. رسول پاڪ صلي الله عليه وسلم تي خدا جو خاص ڇَٽ لٿل آهي، جيڪو سموري خلق کي پري کان ئي نظر اچڻ وارو آهي. (محشر جي) ميڙي ۾ حضرت بيبي فاطمة رضي الله عنها جي والد يعني پاڻ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي سرسي ۽ ڪاميابي ٿيندي.
[مثنويءَ ۾ پڻ حضور صلي الله عليه وسلم کي سج بہ چيو ويو آهي تہ شمع يعني ڏيئو پڻ ڪوٺيو ويو آهي:
يا رسول الله رسالت را تمام،
تو نمودي همچو شمس بي غمام.
(دفتر پنجم، ب- 274)
معنيٰ: اي الله جا رسول، توهان ڪڪر کان سواءِ سج وانگر رسالت کي پوريءَ طرح ڏيکاري ڇڏيو آهي.
ٻئي هنڌ چوي ٿو:
هين قم اليل، که شمعي اي همام،
شمع اندر شب بود اندر قيام.
(دفتر چهارم، ب- 1456)
معنيٰ: اي (سهڻا سردار) هن انڌيري رات ۾ تون شمع وانگر بيھي روشني ڪر، ڇو تہ شمع اونداهي رات ۾ ئي تہ روشني ڦھلائيندي آهي.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود بلاول، بيت نمبر : 3604
پَسِئُوْ پَسَائٖيْ نُوْرُ نَبِّيَ جُوْ﮶
ظَاهِرُ ٿِئُوْ زَمِيْنَ تٖيْ ڎٖيْهَنِ جُوْ ڎِيُوْ﮶
خَاوَندُّ خَاصُ خَلْقِئُوْ هِهَرُوْ ڪُوْنَ ٻِئُوْ﮶
ڊَرَندُّوْ ڇَٽُ رَسُوْلَ تٖيْ ڎُوْرَاٿُوْ ڎِسِبُوْ﮶
بَاوُوْ بِيْ بِيَ فَاطِمَةَ مٖيْرٖيْم﮼ مَلَدُوْ﮶
ھِي وائي ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
पसिओ पसाए। नूरु नबीअ जो।
ज़ाहिरु थिओ ज़मीन ते। डे॒हनि जो डि॒यो।
ख़ावंद ख़ासु ख़ल्क़िओ। हिहड़ो कोन बि॒ओ।
ढरंदो छटु रसूल ते। डू॒राठो डि॒सिबो।
बावो बीबीअ फ़ातिमा। मेड़े में मलहंदो।
ROMAN SINDHI
pasi'o pasaae, Noor'u Nabi'a jo,
zaahir'u thi'o zameen'a tay, ddehan'ay jo ddiyo,
khaawand'a khaas'u khalqi'o, hiharro kon'a Bi'o,
dhharando chhatt'u Rasool'a tay ddoraathho ddisibo,
baawo bi bi'a Faatimaa't merray mayn malhando.