Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر پورب جَي جوڳي جو بيت
جُوءِ جيڏھِين جوڳِيين، نِتُ تيڏاھِين نيڻَ،
آيَلِ آديسِيَنِ جا، وِرھُ ٿِئَمِ ويڻَ،
ڪَري سَناسِي سيڻَ، ھِينئَڙي حالُ پِرايو.
رسالن ۾ موجودگي: 38 سيڪڙو
سمجهاڻي
اهي جوڳي جنھن ماڳ ۽ هنڌ اچي ويھندا آهن (پڙاءُ ڪندا آهن)، آءٌ هميشه اهي هنڌ ويٺي نهاريان تہ ڪڏهن ٿا اچن. اي امڙ، انهن آديسي انسانن جا ٻول ۽ گفتا منھنجي لاءِ روح جي راحت آهن. مون کي اهڙن سناسين (فقير صفت) سڄڻن جي صحبت سان حال جي ڪيفيت حاصل ٿي آهي.
[مثنوي روميءَ ۾ هن معنيٰ سان مناسبت وارا ڪيترا شعر ملن ٿا، هڪ هنڌ چوي ٿو:
همنشين اهل معني باش تا،
هم عطا يا بي و هم با شي فتيٰ
(دفتر اول ب 710)
معنيٰ: تون اهل دل وارن سان وڃي گڏ ويھ، انهن جي صحبت اختيار ڪر تہ توتي ڪرم نوازي ٿئي ۽ تون انهن جھڙاو مرد ماڻهو ٿي پوين.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود رامڪلِي، بيت نمبر : 2605
جُوْءِ جٖيْڎَاہٍ جُوْکِي﮼ نِتُ تٖيْڎَاہٍ نٖيْنَ﮶
آَيَلِ آَدٖيْسِيَـنِجَا وِرْہُ ٿِئَمِ وٖيْنَ﮶
ڪَرٖيْ سَنَاسِيْ سٖيْنَ هِيَرٖيْ حَالُ پِرَائِيُوْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
जूए जेड॒हीं जोगि॒यें। नितु तेडा॒हीं नैण।
आयलि आदेसियनि जा। विरहु थिअमि वैण।
करे सनासी सैण। हींअड़े हालु पिरायो।
ROMAN SINDHI
Joo'e jeDheen joggeen, nit'u teDaheen nainn'a,
Aayal Aadesiyan ja, wirh'u thiyam wenn'a,
Kare sanaasi senn'a, heenarre Haal'u piraayo.
TRANSLATIONS
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اچِي رَھِئا ريلَ ۾، لَڪَڙِيُون…
- (بيت) جوڳِي نَہ جاھِلَ، پَنڌُ پَرِيندي…
- (بيت) جوڳِي وِئا جامير، مَڙِيَنِئُون مُنھَن…
- (بيت) جوڳِيَڙا پاڙي، ڪَرَ نَہ ھُئا…
- (بيت) جُوءِ جيڏاھِين جوڳِيين، اُنَ مُنھِن…
- (بيت) جُوءِ جيڏاھِين جوڳِيين، نيڻَ تيڏاھِين…
- (بيت) خِيما جَنِ کَڻِي، مَٿي پُورَڀَ…
- (بيت) دُونھِيين ڌُنڌَ نَہ لاٽَ، نَہ…
- (بيت) وِچينءَ ويراڳِيَنِ جِي، مَٿي دُونھِنِ…
- (بيت) وِچِينءَ ويراڳِيَنِ جِي، مَٿي دُونهِنِ…
- (بيت) وِچِينءَ ويراڳِيَنِ جِي، مَٿي ڪَڻِڄَ…
- (بيت) پُورَڀَ مارِياسِ، ڪَنھِن دَرِ ڏِيان…
- (بيت) پُورَڀَ پُورَڀَ تَب ڪَرُون، جَب…
- (بيت) پُورَڀَ پُورِئائُون، مَٿي راھَ رَوان…
- (بيت) پُورَڀَ ۾ وِئا پيھِي، تان…
- (بيت) پُورَڀِيا پُوري وِئا، آسَڻَ آڌِيءَ…
- (بيت) پُورَڀِيا پُوري وِئا، آسَڻَ اَڄُ…
- (بيت) ڳَرِيَنِ ڏيئِي ڳاٽَ، جان مُون…
- (بيت) ھِتان کَڻِي ھُتِ، پيرُ رَکِئائُون…
