Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
ھِن بيت جا مُکيہ اِسم
- سُر پورب جَي جوڳي جو بيت
جُوءِ جيڏاھِين جوڳِيين، اُنَ مُنھِن اَکڙِيُون،
سَڳا سيلا سِڱِيُون، تَنِ سين تُنبَڙِيُون،
مُون کي جَنِي مارِئو، اُنِ تي اڳَڙِيُون،
اِيندا عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مَرڪَنِ ماڳَ مَڙِهيُون،
کوڙِيو لَڪَڙِيُون، چُوندا ڪِي چيلَنِ کي.
رسالن ۾ موجودگي: 38 سيڪڙو
سمجهاڻي
انهن جوڳين جو ديس يا ملڪ جنھن طرف آهي، منھنجيون نظرون سدائين ان طرف آهن. هنن جي ڦاٽل لباس تي هرهنڌ اڳڙيون لڳل آهن، سندن ڪلهن ۾ ناد نفيرون ۽ ان سان گڏ اَن اَٽو يا کاڌو رکڻ لاءِ خالي تنبا (پيالن وانگر) لٽڪيل آهن. اي جيجل مون کي جن سڄڻن جي سڪ ماريو آهي، انهن جو لباس ٿڳڙين وارو آهي. عبداللطيف چوي ٿو، انهن جوڳين جا تڪيا ۽ آستانا جوت سان جرڪندڙ آهن. هو آيل دڳ سان ڪاٺيون کوڙي پنھنجن ٻالڪن ۽ چيلن کي نشان پتا ٻڌائي پاڻ اڳتي نڪري ويا.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود رامڪلِي، بيت نمبر : 2607
جُوْءِ جٖيْڎَاہٍ جُوْکِي﮼ اُنَ مُهِ اَکَرِيٌ﮶
سَنکَّا سٖيْـلِيٌ سِنکِّيٌ تَنِس﮼ تُنبَرِيٌ﮶
مُنْکٖيْ جَنٍ مَارِئُوْ اُنِتٖيْ اَکَرِيٌ﮶
اِيْدَا عَبْدِ اللَّطِيْفُ چٖيْ مَرَڪَنِ مَاکَہ مَرِيٌ﮶
کُوْرٖيْ لَڪَرِيٌ چُنْدَا ڪٍ چٖيْلَنِکٖيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
जूए जेडा॒हीं जोगि॒यें। उन मुंहिं अखड़ियूं।
सगा॒ सेला सिंङियूं। तनि सें तुंबड़ियूं।
मूं खे जनी मारिओ। उनि ते अग॒ड़ियूं।
ईंदा अब्दुल्लतीफ़ चए। मर्कनि माग॒ मड़िहियूं।
खोड़ियो लकड़ियूं। चूंदा की चेलनि खे।
ROMAN SINDHI
Joo'e jeDaheen joggeen, un'a munhn akhrriyoon,
Sagga sela singyoon, tan seen tunbarriyoon,
Moon khe janee maariyo, un te aggarriyoon,
Eenda Abdul Latif'u chae, markan maagg'a marrhiyoon,
Khorriyo lakkrriyoon, choonda kee chellan khe.
TRANSLATIONS
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اچِي رَھِئا ريلَ ۾، لَڪَڙِيُون…
- (بيت) جوڳِي نَہ جاھِلَ، پَنڌُ پَرِيندي…
- (بيت) جوڳِي وِئا جامير، مَڙِيَنِئُون مُنھَن…
- (بيت) جوڳِيَڙا پاڙي، ڪَرَ نَہ ھُئا…
- (بيت) جُوءِ جيڏاھِين جوڳِيين، نيڻَ تيڏاھِين…
- (بيت) جُوءِ جيڏھِين جوڳِيين، نِتُ تيڏاھِين…
- (بيت) خِيما جَنِ کَڻِي، مَٿي پُورَڀَ…
- (بيت) دُونھِيين ڌُنڌَ نَہ لاٽَ، نَہ…
- (بيت) وِچينءَ ويراڳِيَنِ جِي، مَٿي دُونھِنِ…
- (بيت) وِچِينءَ ويراڳِيَنِ جِي، مَٿي دُونهِنِ…
- (بيت) وِچِينءَ ويراڳِيَنِ جِي، مَٿي ڪَڻِڄَ…
- (بيت) پُورَڀَ مارِياسِ، ڪَنھِن دَرِ ڏِيان…
- (بيت) پُورَڀَ پُورَڀَ تَب ڪَرُون، جَب…
- (بيت) پُورَڀَ پُورِئائُون، مَٿي راھَ رَوان…
- (بيت) پُورَڀَ ۾ وِئا پيھِي، تان…
- (بيت) پُورَڀِيا پُوري وِئا، آسَڻَ آڌِيءَ…
- (بيت) پُورَڀِيا پُوري وِئا، آسَڻَ اَڄُ…
- (بيت) ڳَرِيَنِ ڏيئِي ڳاٽَ، جان مُون…
- (بيت) ھِتان کَڻِي ھُتِ، پيرُ رَکِئائُون…
