مَرِي بابت
معنيٰ
ختم ٿي، ناس ٿي، تباھ ٿي، سڙي، ڪمزور ٿي، انتقال ٿي، موجود حالت مان نڪري ٻي حالت ۾ اھڙو ٿي جو پراڻي حالت جو ڪو نالو نشان نہ رھي.
Died, eliminated, terminated, ruined
بيتن ۽ وائين ۾
- تُون حَبِيبُ، تُون طَبِيبُ، تُون دَردَ جِي دَوا، جانِبَ مُنھِنجي جِيءَ ۾، آزارَ جا اَنواعَ، صاحِبَ ڏيِين شَفا، مِيان مَرِيضَنِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- مَتارا مَرِي وِئا، موکِي تُون نَہ مَرين، ڪِھَڙِيءَ پَرِ پَرين، ڏُکِي ڏاتارَنِ ري.[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- مَتارا مَرِي وِئا، موکِي پَئِي مَرُ، تُنھِنجو ڏُکُ ڏَمَرُ، ڪونَہ سَھَندو اُنِ ري.[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- جَڏَڙو جِيءُ جِيارِئو، پِرِيَنِ جِي پَچارَ سيڻَنِ جِي سَنڀالَ، اُڃِئو تَنُ عَمِيقَ مان، پِرِيَنِ پُوڄُ پِيارئو. سَنئُون مُنھَن ڪَري سُپِرِين،…[ سُر يمن ڪلياڻ - وايون ]
- وَڻِجارَنِ وَرِي، پِرھَ پَڳَھَ ڇوڙِئا، اولِيُون پَسِي اُنِ جُون، پِيَمِ ڳَچَ ڳَري، ويندِيَسِ ماءُ مَرِي، ساري سامُونڊِيَنِ کي.[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- اَئِين مُون کي زورِ مَ جَهلِيو وو جيڏِيُون وو، آئُون ھَلَندِي ھوتَ ڏي ھاءِ ھاءِ، سُورُ تُنھِنجو سُپِرِين، مَعذُورِ کي…[ سُر سامونڊي - وايون ]
- گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، ويندِيَسِ تان نَہ وَرِي، پِيءُ پَسَندِيَسِ پانھِنجو، تانگهو تارِ تَرِي، ميھارَ مَرِي، پَلَڪُ پاسي نَہ ٿِيان.[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- وَڃان ڪِيئَن وَرِي، ھُوندَ ريءَ چئَي رَھِي رَھان، دُونھِينءَ پاسِ دوسَ جي، ماڳھِين پُئانَ مَرِي، نَہ صُورَتَ نَہ سُونھَن ڪا،…[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- اَدا ڙي ڏوٿِي پُڇان تو ٿِي، ڪيچَ رَسَندِيَسِ ڪِيئَن، ڪو ڏَسُ مُون ڏي، نَہ آئُون سَمِي نَہ سُومَرِي، نَہ آئُون…[ سُر آبڙي - وايون ]
- مَرِي جِيءُ تَہ ماڻِيين، جانِبَ جو جَمالُ، ٿِيين ھُوندَ حَلالُ، جَي پَندِ اِھائِي پارِيين.[ سُر معذوري - منڌ ۽ موت ]
- مَرَڻان اَڳي جٖي مُئا، سي مَرِي ٿِيَنِ نَہ ماتُ، ھُوندا سي حَياتُ، جِيئَڻان اَڳي جٖي جِيا.[ سُر معذوري - منڌ ۽ موت ]
- پَرِ ۾ پَچِي پِرِينءَ کي، مَرِي نَہ ڄاتوءِ، ” مُو تُوا “ مُنڌَ نَہ سُئو، ڪَنڌُ ڪُڄاڙِئان ڪاٽِيين.[ سُر معذوري - منڌ ۽ موت ]
- اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، اَسُونھِين آئُون، چِيٽا چورَ چُنجِهنِ ۾، بَرَ ۾ بَلائُون، موٽِجِ پُنهون پاھُون، مَڇُڻ مُحِبَ مَرِي رَھان.[ سُر معذوري - اڌر نڌر ۽ ھيڪلي ]
- پُڻ ٿا پَلاڻِينِ، اوٺِي اَڄُ اُٻَکَڙا، پَھَ پاريسِيُون پاڻَ ۾، ڏيرَ ڏِھاڙِي ڏِينِ، مُون کي ٿا مَرِينِ، سَڄَڻَ سانباھِي ڪِئو.[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- سَرَتِيُون سُڄي سُڃَ، مَتان ڪا مُون سين ھَلي، پاڻِي ناھي پَنڌُ گهَڻو، اَڳِئان رائو رُڳي رُڃَ، مَتان مَرِي اُڃَ، ڪا…[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- مَرِي ٿيِندِيَس مُڃَ، جَتَنِ ڪارَڻِ جيڏِيُون، ڪَري ڪوھِيارو سُڃَ، وِئو ڇُلائي ڇَپَرين.[ سُر حسيني - ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ]
- مَرِي جي وِيَڙِي، تَہ ڪِھَڙو ٿورو سَڄَڻين، تو جيھِي ٽيڙِي، دَرِ ٻاروچي ڪيترِيُون.[ سُر حسيني - ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ]
- مَرِي ويندِيَسِ ماءُ، لَڪَ لَنگهَندي لَڪِيُون، وَڃِي ڪيچِ قَرارِئا، جَتَ پَنھِنجِيءَ جاءِ، رُوئَڻَ رَتُ جُڳاَءِ، تَنِ ھوتَنِ جي ھيڪاندِ لَيءِ.[ سُر حسيني - ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ]
- لَکين لوڊِي لَٽِئا، ڪَنڌِيءَ ڪاڪِ ڪِنارَ، ڀُون ۾ پَئِي ڀَڪو ٿِئا گهوڙا ۽ سُوارَ، جُهونا پَسجَنِ ڪاپَڙِي، ڪُنڍا جَنِ ڪَپارَ،…[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- ويھُ مَ ويسَلِي، تُون ھَڏِ وَتُ مَ ويسَلِي، تان ڪي جاڳِي اورِ اللهَ سين، مَحَبتَ جي مَيدانَ جِي، سُڄي ڳالِهہ…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- سامِي چائِيين سُکُ طَلَبِيين، وارِيين نَہ ويراڳُ، لاڳاپا لَطِيفُ چئَي، ڇَڏي جوڳِي جاڳُ، جِيئَن تُون ڀُڻِين سَنِرو، اِيءُ آديسِي اَڀاڳُ،…[ سُر پورب - سامي سنياسي ]
- اَلابَندِي آئِيو، کَڻِي ڇَلِ ڇُڳيرُ، ڪَنھِين ڪِينَ ھِمَٿِئو، ڪانَ جهَلِيندو ڪيرُ، سُومَرِينِ سانگِ کَنِئي، ڪِئو اَبِڙي اُٺَ پيرُ، ھو مَھائِي…[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]
- سَرَڻِنِ جي سُکَ لاءِ، سانگِ کَنئِي سَردارَ، جي اَبِڙي آيُون آڌارَ، سي سُنگُ نَہ ڏِيندِيُون سُومَرِيُون.[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]
- مُون تي وَھرَ وَرِي، وَرَ وَرِي، وارو ڏِيندُومِ وَلَهو، توکي سارِئو سُپِرِين، پُوندِيَسِ ماڳِ مَرِي، اَسان تو ري ناھِ ڪا،…[ سُر ليلا - وايون ]
- ديکِيندي دِيدارَ کي، ڪُلَ سُڃاتو ڪِينَ ؟ جانِبَ مَنجهان جِيئَن، مَحرُومَ ئِي مَرِي وِئا.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- مَحرُومَ ئِي مَرِي وِئا، ماھِرَ ٿِي نَہ مُئا، چِڻِيءَ جِيئَن چُھِنجَ ھَڻِي، لَڏِئائُون لُئا، حُبابَ ئِي ھُئا، اِنَهِينءَ وادِيءَ وِچَ…[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- کُوءِ آسُون عُمَرَڪوٽَ جُون، وَرُ وَھَڻُ وَسڪاري، مُنھِنجو تُوۡرُ تَلِيُنِ ۾، چِيھا ٿو چاري، مَرِي ويندِيَسِ ماڳھِين، ساھيڙِيُون ساري، ڊيئِي…[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- اُتان اوٺِي آيو، خَبَرَ اِيءَ کَرِي، وِسارِجِ مَ وَرَ کي، پَئُہ مَ مُنڌَ مَرِي، ويندِينءَ اُتِ وَرِي، ڪو ڏِينھُن آھِين…[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- جِنِ ڪَرايُنِ ڪَچَ جا، وَرُ ساھيڙِيُون سي، اَتِ اُڪَنڊِي آھِيان، مَنَھِن مارُوءَ جي، پَکَنِ سين نَہ پاڙِيان، ھَنڌَ ھِتي جا…[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]
- سيئِي سارِيان سُومَرا، جَنِ جا ٿَرَنِ آهِينِ ٿوڪَ، مُون جيڏِيُون مَلِيرَ ۾، کِينِ مَرِيڙا موڪَ، جِهڄان پَسِئو جهوڪَ، تَنِ وَنھِيَنِ…[ سُر مارئي - سيئي سارئان سومرا ]
- مارُوءَ جي مَذڪُورَ جِي، سُڌِ نَہ سُومَرِيَنِ، سَنڪو ناھِ سَرِيرَ ۾، تي اَلبيلِيُون اُٿِيَنِ، سَتُرُ جي سِکَنِ، تَنِ ويڙِهِيچو وُجُودَ…[ سُر مارئي - کائر ڏانھن کڻي وئا ]
- عُمَرَ آئُون مَرِي تان نَہ ڇَڏِيندي، مِٽِي مارُوئَڙَنِ جِي، مِينھين اُٺي مارُئِي، لالَڻَ ساڻُ لَڏِيندي، سِڙِي مُنھِنجِي سُومَرا، ٿَرنِ ڪِينَ…[ سُر مارئي - وايون ]
- کُوءِ سَمِيُون ٻَنِ سُومَرِيُون، جي اَچَنِ اُوچي ڳاٽِ، وَرُ سي ڪِينجُهرَ ڄايُون، جَنِ تَماچِيءَ جِي تاتِ، راڻنِ مُلا راتِ، ماڻِڪُ…[ سُر ڪاموڏ - مِڙيوئي معاف ]
- وِئا مورَ مَرِي، ھَنجُ نَہ رَھِئو ھِڪِڙو، وَطَنُ ٿِئو وَرِي، ڪُوڙَنِ ڪانيرَنِ جو.[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]
- ھَنجَ نَہ ھُلائِين، سَڄَڻَ نَہ ٽِلَنِ سيرِيين، لَڏي ڏورِ نَہ وَڃِڻا، مَرِي مَ ڦوڙائِينِ، سُڃا پَڊَ پِرِيَنِ جا، کَنَرَ ٿا…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]