مَرِي جي سنڌي معنيٰ
ختم ٿي، ناس ٿي، تباھ ٿي، سڙي، ڪمزور ٿي، انتقال ٿي، موجود حالت مان نڪري ٻي حالت ۾ اھڙو ٿي جو پراڻي حالت جو ڪو نالو نشان نہ رھي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Died, eliminated, terminated, ruined
مَرِي جا بيتن ۾ حوالا
مَرِي جِيءُ تَہ ماڻِيين، جانِبَ جو جَمالُ،
ٿِيين ھُوندَ حَلالُ، جَي پَندِ اِھائِي پارِيين.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 1 ]
ٿِيين ھُوندَ حَلالُ، جَي پَندِ اِھائِي پارِيين.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 1 ]
مَتارا مَرِي وِئا، موکِي تُون نَہ مَرين،
ڪِھَڙِيءَ پَرِ پَرين، ڏُکِي ڏاتارَنِ ري.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 11 ]
ڪِھَڙِيءَ پَرِ پَرين، ڏُکِي ڏاتارَنِ ري.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 11 ]
مَتارا مَرِي وِئا، موکِي پَئِي مَرُ،
تُنھِنجو ڏُکُ ڏَمَرُ، ڪونَہ سَھَندو اُنِ ري.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 12 ]
تُنھِنجو ڏُکُ ڏَمَرُ، ڪونَہ سَھَندو اُنِ ري.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 12 ]
وَڻِجارَنِ وَرِي، پِرھَ پَڳَھَ ڇوڙِئا،
اولِيُون پَسِي اُنِ جُون، پِيَمِ ڳَچَ ڳَري،
ويندِيَسِ ماءُ مَرِي، ساري سامُونڊِيَنِ کي.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 21 ]
اولِيُون پَسِي اُنِ جُون، پِيَمِ ڳَچَ ڳَري،
ويندِيَسِ ماءُ مَرِي، ساري سامُونڊِيَنِ کي.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 21 ]
اَئِين مُون کي زورِ مَ جَهلِيو وو جيڏِيُون وو،
آئُون ھَلَندِي ھوتَ ڏي ھاءِ ھاءِ،
سُورُ تُنھِنجو سُپِرِين، مَعذُورِ کي ماري،
ھاڻِ نَہ جِيئان جيڏِيُون، آئُون جَا ڪُٺَڙي ڪوھِيارِي،
اُونِهي وِئَڙا اوھَرِي طَرازُون تارَي،
مَرِي رَھَندِيَس ماڳھِين، سامُونڊِي ساري.
[ سُر سامونڊي، وايون، 7 ]

گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، ويندِيَسِ تان نَہ وَرِي،
پِيءُ پَسَندِيَسِ پانھِنجو، تانگهو تارِ تَرِي،
ميھارَ مَرِي، پَلَڪُ پاسي نَہ ٿِيان.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 27 ]
پِيءُ پَسَندِيَسِ پانھِنجو، تانگهو تارِ تَرِي،
ميھارَ مَرِي، پَلَڪُ پاسي نَہ ٿِيان.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 27 ]
وَڃان ڪِيئَن وَرِي، ھُوندَ ريءَ چئَي رَھِي رَھان،
دُونھِينءَ پاسِ دوسَ جي، ماڳھِين پُئانَ مَرِي،
نَہ صُورَتَ نَہ سُونھَن ڪا، ڪِيَسِ چِتَ چَرِي،
وِصالا فِراقَ جِي، سُڄي ڳالِهہ ڳَرِي،
تيلاھِين تَرِي، آئُون مُنھُن ڳِنِهئو موٽِيو وَڃان.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 14 ]

مَرَڻان اَڳي جٖي مُئا، سي مَرِي ٿِيَنِ نَہ ماتُ،
ھُوندا سي حَياتُ، جِيئَڻان اَڳي جٖي جِيا.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 10 ]
ھُوندا سي حَياتُ، جِيئَڻان اَڳي جٖي جِيا.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 10 ]
پَرِ ۾ پَچِي پِرِينءَ کي، مَرِي نَہ ڄاتوءِ،
”مُوْتُوْا“ مُنڌَ نَہ سُئو، ڪَنڌُ ڪُڄاڙِئان ڪاٽِيين.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 12 ]
”مُوْتُوْا“ مُنڌَ نَہ سُئو، ڪَنڌُ ڪُڄاڙِئان ڪاٽِيين.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 12 ]
اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، اَسُونھِين آئُون،
چِيٽا چورَ چُنجِهنِ ۾، بَرَ ۾ بَلائُون،
موٽِجِ پُنهون پاھُون، مَڇُڻ مُحِبَ مَرِي رَھان.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 3 ]
چِيٽا چورَ چُنجِهنِ ۾، بَرَ ۾ بَلائُون،
موٽِجِ پُنهون پاھُون، مَڇُڻ مُحِبَ مَرِي رَھان.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 3 ]
English Meaning
Died, eliminated, terminated, ruined