Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (وائِي) جوڳِي ٿا جَرُ ھارِيَنِ، ويندا…
- (وائِي) جوڳِيَنِ جا جَڙَ لائِي، سامِيَنِ…
- (وائِي) جَنِ جو وارثُ تُون، سي…
- (وائِي) دِلِ لائي دُورِ نَہ جا،…
- (وائِي) سائِين سَڱُ سَندومِ، مَ ڇِڄي…
- (وائِي) مَنَ مُنڊائُون پييُون، مُون کي…
- (وائِي) مَنُ موھِئو جوڳِيَنِ جي ذاتِ،…
- (وائِي) مَڙِهيُون پُوري ماڳَ، وِئا ويراڳِي،…
- (وائِي) ويڙِھيين مَنجِهہ وَڙالَ، آن ڪي…
- (وائِي) وَٺِئو واٽَ وَڃان ٿِي، لُڇان…
- (وائِي) ڪَؤُئا ڪان ڪان ڪَندا، وِھاڻِيءَ…
سُر جا ٻيا داستان
- سُر پورب جَي وايون جي وائِي
توبَهَ توبَهَ اِيءَ طَلَبَ، تُنھِنجي دَران مَڱان،
مُون کي پِرِيَنِ ميڙِيين، سائِين ڪَنھِن سَبَبَ،
جَي مُون ھَٿان ڪارِيين، ڪَمَ موچارا رَبَ.
رسالن ۾ موجودگي: 24 سيڪڙو
سمجهاڻي
(اي منھنجا مالڪ)، منھنجي توبنھن ۽ زاري آهي، مان توبنھن ڪريان ٿو، تنھنجي در تان اها ئي توھ طلبيان ٿو، اها ئي معافي مڱان ٿو. او مولا سائين، تون ئي ڪنھن سبب سان، مون کي منھنجو محب ملائيندين. تون ئي مون کي نيڪ ۽ چڱن ڪمن جي توفيق ڏيندين! (تون ئي مون کي اها سگهہ ۽ قوت ڏيندين).
[رومي ان خيال جو آهي تہ توبهه جي توفيق بہ مالڪ پاڻ بخشي ٿو:
ليک استغفارهم در دست نيست،
ذوق توبهه نقل هر سرمست نيست.
(دفتردوم، ب- 1643)
معنيٰ: پر توبنھن جي طلب بہ تنھنجي هٿ ۾ ناهي. توبنھن جي توفيق بہ هر گنهگار کي نصيب ڪانہ ٿي ٿئي.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود پُوراب، بيت نمبر : 2806
تَوْبَهْ تَوْبَهْ اِيْ طَلَبَ تُھْجٖيْ دَرَا مَنکَّان﮶
مُنْکٖيْ پِرْيَنِ مٖيْرِي﮼ سَائِيْ ڪَهِ سَبَبِ﮶
جٖيْ مُنْ هَٿَا ڪَارِي﮼ ڪَمَّ مُوْچَارَا رَبَّ﮶
ھِي وائي ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
तोबह तोबह ईअ तलब। तुंहिंजे दरां मङां।
मूं खे पिर्यनि मेड़ियें। साईं किंहिं सबब।
जे मूं हथा कारियें। कम मोचारा रब।
ROMAN SINDHI
taobah'a taobah'a ee'a talab'a, tunhinjay daraa'n mangaa'n,
moo'n khhay piryan'ay merreen, saaeen kanhin sabab'a,
jay moo'n hathaa'n kaareen, kama'a mochaaraa Rab'a.