ڪَنڌِي بابت
معنيٰ
دريا جو ڪِنارو، ڀَرِ، ڪنٺو. ڪپڙي جي اندي، ڪِنار، وَٽِ، حاشِي، ڪناري. ڪنھن وٿاڻ يا جاءِ کي بچاءُ لاءِ چوڌاري ڏنل لڪڙين يا ڍنگهرن جو ڪٽھڙو، جهنگلو، واڙَ. جهلو، ٽيڪ، وَسيلو، بچاءُ، پناھ، اجهو، پُستي، آڌار، ڀَر، ڌَر، سھائتا، آسرو.
The bank of a river, shore, edge, border, a wattle fence, a railing.
بيتن ۽ وائين ۾
- ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي اللهُ ڪَري، پاڻِهين وِجِهي ڪُنَ ۾، پاڻِهين ڪَنڌِي نِئي، سُتَڙِ سي ڍوئي، جٖي تَڙِ تَوائِي…[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- ڪَنڌِي سارِيان ڪانَہ، يا اَمُنَ اَمانَ ، اي اِلاھِي! يا اِلاھِي!، ٻاجَهہ ٻيلاٽِي ڀايان، ڳَڻَڻَ ڳاڻيٽو ناھِ ڪو، اَپَرِ ٿِئا…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- اَنڌِيءَ وَڇُون ڪَنڌِيءَ وَڇُون، تَنگِئان لَھي نَہ تِکَ، صُورَتَ جَا ساھَڙَ جِي، ڏِيلَ مُنھِنجي ڏِکَ، واھُڙُ تَنِي وِکَ، جَنِ سانڀاران…[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- ڪَنڌِيءَ اُڀِيُون ڪيتِريُون، ٿِيُون ساھَڙُ ساھَڙُ ڪَنِ، ڪَنِي سانگو ساھَ جو، ڪي گهورِيَس ڪِئو گهِڙَنِ، ساھَڙُ سَندو تَنِ، گهاگهائي گهِڙَنِ…[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- ڪَنڌِيءَ ڀَرِ ڪِلا، دُونھان دوسِتَ ميھارَ جا، لَهِرِنِ ۾ لَطِيفُ چئَي، دَھِلِجِ ڪِيمَ دِلِا، مَتان ڪا گِلا، ساھَڙُ سَمُنَ جِي…[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- سَندا سَنگهارَنِ جي، ڪَنڌِي ڪَنَ ڏِنامِ، آسانگي اَرواحَ جي، اُڀي تَڙَ تَڪِيامِ، وَڏِي ويرَ لَڳِيامِ، گهِڙان گهورِئو جِندَڙو.[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ ڪُنَ ڪَڙَڪا ڪَنِ، سَوين سِيڻاھِيا سِيرَ ۾، لُڙَھَندا لَکَ وَڃَنِ، ڪَنڌِي نَہ ڪَپِرو، نَہ ڪي…[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]
- ھُو پُڻ ڏِينھَن ڏِٺاءِ، ھِي پُڻ سائِرَ سَنبِرين، اَڳَ ٿي ٻوڙِيَئِي ٻَہ ڪَنڌِيُون، ھانِ جَمِيعَتَ وَھين جاءِ، اَچِيو تَڙِ ڍُڪاءِ،…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- ساندَھِ سَڀَ دَرياھُ، پَري ڪَنڌِي پارَ جِي، ڇَڪِي ڇولِيءَ ۾ گِهڙِي، جِتي جِيءَ وِڻاھَ، ڏِسِئو ڏوھَ ڏَڪي ھِينئُون، آرَ مَٿي…[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- ساندَھِ سَڀَ دَرياھُ، پَري ڪَنڌِي پارَ جِي، ڪَنبي ھِنيُون ڪَماحَقَّہٗ، آرُ پَسِئو اَرواحُ، دِلِاسي دارَينِ جي، سانچِئو سانچي ساھُ، جَي…[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- جَي ٻُڏان تَہ ٻَنِ، مَرُ اولِجان اُنَ يارَ ڏي، ڪَنڌِيءَ مَٿان سُپِرِين، مانَ ٻَرِ ٻَرِ ڪَن، مُيائِي سين تَنِ، جيڪَرَ…[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- ڪَنڌِيءَ جَهلِيو ڪانھَنۡ، عاشِقُ آھُون ڪَري، تو ڪِيئَن ٻوڙِي سُهڻِي، ٻيلِي مُنھِنجِي ٻانھَنۡ؟ دَرياھَ تو تي دانھَن، ڏِيندُسِ ڏِينھَن قِيامَ…[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- جيڪِي ڏِٺُئِي تارِ ۾، ڪَنڌِيءَ سو ڪَھيجِ، جَرُ وَڏو جهاجِهہ گهَڻِي، پاندُ مَ پُسائيجِ، ساھَڙُ ساڱاھيجِ، تَہ ثابِتُ لنگهين سِيرَ…[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- تَڙِ نَہ گِهڙي تُورُ، مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي، ڏاڍو دَورُ دَرياھَ ۾، سِڪَڻُ وَڏو سُورُ، مَنَ ۾ مَوجَ ميھارَ جِي،…[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- اُڀو آڇي اَڇَ، ميھارُ مَلاحَنِ کي، آئُون پُڻ وِجهان ھَٿَڙا، اَئِين پُڻ وِجهو رَڇَ، ڪَنڌِيءَ ڪُنَ ڪُڙِڇَ، مَنَ ھُونِ سَلامَتَ…[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- جِتي ڀيرَ ڀِرَنِ، ڀَرِيُون پَوَنِ ڀَواريُون، تانگهَہ نَہ لَڌِي تارُئين، مَپُ نَہ ماٽِيَڙَنِ، ڪَنڌِيءَ اُڀا ڪيتِرا، سِيڻاھِيا سَنڪَنِ، تُون ڪِيئَن…[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- ٻُڏَندي ٻُوڙَنِ کي، ڪي ھاتِڪَ ھَٿَ وِجَهنِ، پَسو لَڄَ لَطِيفُ چئَي، ڪيڏِي کي ڪَکَنِ، جيڪِي ڪَنڌِيءَ ڪَنِ، نَہ تَہ ساڻُنِ…[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- جانۡ ڪي ڪَنڌِيءَ ڪانھَنۡ، تانۡ تاڻي ٻڌِجِ تُرَھو، ھَٿُ پِريان جي ھَٿَ ۾، ٻي کي ڏِجِ مَ ٻانھَن، سَندِي ڪَپَرَ…[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- تَران تَہ مَران، وَران تَہ وَھُ وِتَرو، ھِينئَڙي ۾ ھوتَنِ جا، اَچَنِ گهورَ گَهڻا، پَسِئو پاڙي وارِيُون، ڏِسِئو ڏوھَ ڏَران،…[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- طَعني لاءِ تَران، مَٿي وَھَ واڪا ڪِئو، مُون کي سِڪَ سَيِّدُ چئَي، مَرُ مَحَبتَ مَنجِهہ مَران، وِچان ڪِيئَن وَران، جُھ…[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- ويٺِي ڪِينَ وِساري، ديوانِي دِلبَرَ جانِي، جَنھِن کي سِڪَ ساھَڙَ جِي، سا گهايَلِ گهَرِ نَہ گهاري، ڏَمُ ڏُھِلو ڏُکِئو، سِرَ…[ سُر سھڻي - وايون ]
- اَدا اي ٻانڌِي ٻيٽَنِ وارا، اي ريٽَن وارا ڪِٿي پِرِيَنِ پارُ، ڪَنڌِيءَ ڪَندُمِ ڪارَڻِي، ساھَڙ ڄامُ سَتارُ، ساڻِي ٿيندو سِيرَ…[ سُر سھڻي - وايون ]
- ڀَرِيائِين ڪُنَ ڪِراڙِ جا، وَٺو وارِياسو، ماکَرِيءَ تان موٽِئو، ڏيئِي پَيَ پاسو، کُوري تي کِوَڻِيُنِ جو، ٿِئو چَڱو چَوماسو، خالِقَ…[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- ڍَرَنِ تِتِ ٻَرَنِ، ڪوڙيِين قَندِيلَنِ جُون، رَھَنِ ڪَٽي ڪَنڌِيين، بوتا مَنجِهہ بَرَنِ، وَڻَ ٽِڻَ ڦُلَنِ ڇانيا، چانگا جِتِ چَرَنِ، وَڃِي…[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- مَيو مَري مَ ماءِ، وَڳُ ويڳاڻُون مَ ٿِيي، جَهِين جي اُھاءِ، چَڙَھان چِٽاڻي ڪَنڌِيين.[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- گُجَرِ کي گَجميل جُون تارَنِ ۾ تَبَرُون، ھَڻِي حَڪِيمنِ کي، زورَ ڀَرِئو زَبَرُون، ڪاڪِ ڪَنڌِيءَ قَبَرُون، پَسو پَرَڏيھِيَنِ جُون.[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- جوڳِيءَ جاڳائي، مارِي وِڌا مامِري، لَنئُن لُڊُوڻي ڪَنڌِيين، اَمَيو آھي، وَڃو جي ڪاھي، تَہ نِڪُون پَسو نِينھَن جُون.[ سُر راڻو - ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ ]
- تَنِ باغَنِئُون بَسِ، جي ڪَنڌِيءَ ڪاڪِ ڪَڪورِئا، سوڍي ريءَ سَرَتِيُون، ڪاڪِ نَہ اَچِي ڪَسِ، راڻي پائي رَسِ، تَنُ ٻيڙِي، جِيئَن…[ سُر راڻو - ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ ]
- اَڄُ نَہ پَسان سي، آتَڻِ ڪِتُمِ جَنِ سين، ھاڻي تَنِي کي، ڪَنڌِيءَ ڪاڪِ نِھارِئان.[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]
- لَکين لوڊِي لَٽِئا، ڪَنڌِيءَ ڪاڪِ ڪِنارَ، ڀُون ۾ پَئِي ڀَڪو ٿِئا گهوڙا ۽ سُوارَ، جُهونا پَسجَنِ ڪاپَڙِي، ڪُنڍا جَنِ ڪَپارَ،…[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- تُون ڪِئان اَچين ڪاپَڙِي، موٽِئو ڪِيئَن مارِي، آئُون اُتاھِين ٿو اَچان، جِتِ مُومَلَ موچارِي، ڪَنڌِيءَ ڪاڪِ ڪَڪورِئا، چَندَنَ چَوڌارِي، سُوڌا…[ سُر راڻو - ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ ]
- آئُون ٻانِهي ٻايُون ٻِيُون، تَڙَ مِڙيئي تارِ، لَکين لڊُوڻي ڪَنڌِيين، نِينھَن نِهايُون نارِ، وَھِٽَ اِتاھِين وارِ، اَڳِئان گُجَرِ ٿِي گَزَ…[ سُر راڻو - ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ ]
- مُومَلَ سُومَلَ سَھِجان، ٽيئي وِڄُنِ جي وَڙاءَ، اُنِ کي جوڙا زَربَفتَ جا، ٻِئا سَهچَنِ سونَ ڪَڙا، کاڄُ کَٿُورِي اُنِ جو،…[ سُر راڻو - ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ ]
- سُڪو ڍورُ ڊَھِيُون ٿِئو، ڪَنڌِيءَ ڏِنِي ڪَرَ، جَنِ جي پاڳُنِ ۾ پَرَ، سي پِئا وِيرَ وِماسَ ۾.[ سُر ڏھر - ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ ]
- سُڪِي ڍورُ ڊَھِيُون ٿِئو، ڪَنڌِيءَ ڏِنو ڪائو، پاڻِي پَٽِيھَلَ ۾، اَڳِيُون نَہ آئو، ماڻُهنِ ميڙائو، ڪَنِي ڪَنِي ڀيڻِيين.[ سُر ڏھر - ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ ]
- سَچُ ڪِ سُڪو ڍورُ، ڪَنڌِيءَ اَڪَ ڦُلارِئا، جُنگَنِ ڇڏِئو زورُ، سَرُ سُڪو سُونگِي گَيا.[ سُر ڏھر - ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ ]
- ڪَنڌِيين اڪَ ڦُلارِئا، سانگِ سُڪو گاھُ، مَھِراڻي وَٽان، رويو راڄُ رَضا ڪَري.[ سُر ڏھر - ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ ]
- مَدِيني جا ڌَڻِي سُڻُ مُنھِنجا سَڏَڙا، تُنھِنجِي آھِ تَڻِي، ٻِي ڪَنڌِي سارِيان ڪا نَہ ڪا.[ سُر ڏھر - اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو ]
- سَنگهارَنِ ساري، ساٿِي ڏيجِ سَنِيھَڙو، سا ھيڪَلِي گهاري، مُنڌَ ڪاڇي ڪَنڌِيين.[ سُر ڏھر - ڪاڇو ۽ سنگهار ]
- وَڃَنِ سيڻَ سِڌارئو، پَسِئو جُوءِ جِهڄي ھِنيُون، حَيفُ مُنھِنجي حالَ کي، وَڃَڻُ مُون وِسارِئو، ڪاڇي ٻِنهِين ڪَنڌِيين، نيڻَنِ ٿي جَرُ…[ سُر ڏھر - وايون ]
- ڀِنِيءَ جٖي ڀوڻَنِ، تَنِ جو ڀيڄَ ڀُڻڪو نَہ سُڻان، سِنجَڻَ وارِيُون سُتِيُون، وَڃِي ويڙِه وَرَنِ، پِئَڙا سيٽَ سَڙَنِ، تَرَهي ٻِنهِي…[ سُر مارئي - چرن چڻڪن چت ۾ ]
- آئُون مارُوءَ جِي آھِيان، مُون کي مارُوءَ جو آسِرو. مارُو مُون نَہ ڇَڏِيندو سُومَرا، ميڙو ٿِيندو مُؤمِنين، قَضا پاڻِ ڪَرِيندو،…[ سُر مارئي - وايون ]
- ڪِجي جَي ڪاموڏَ، اَچي ساءُ سُرودَ مان، ڪَنڌِيءَ ڪَؤُنرَ ڪَڪورِئا، ھيٺِ لَهرنِ لوڏَ، جِيئَن سَمي دَرِ گَندَرِيُون، تِيئَن لاکَي دَرِ…[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- جِھَڙِي سِڄَ ڪَڪورَ، تِھَڙِي مي اَکِيُنِ ۾، ڪِينجُهرَ ٻِنِهي ڪَنڌِيين، مييُون ٽِلَنِ مورَ، تَماچِيءَ تَنبُورَ، راتِ وَڄايا ريلَ ۾.[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- ھيٺِ جَرُ مَٿي مَڃَرُ، ڪَنڌِيءَ ڪَؤُنرَ ٽِڙَنِ، واھُوندا وَرَنِ، ڪِينجُهرُ ھِندورو ٿِئي.[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- مَرڪَڻَ تُون مَ مَريجِ، سِرَ صَلابَتَ سُپِرِين، آھِين ٺارُ اَکِيُنِ جو، وَٽان مُون مَ وَڃيجِ، تَماچِي تَڳيجِ، ڪو ڏِينھُن ڪِينجُهرَ…[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- ڪو ڏِينھُن ڪِينجُهرَ ڪَنڌِيين، تُون تَماچِي تَڳُ، اُوچو ٿِئومِ اَڳُ، مُون ڪَرُ مَلاحَنِ ۾.[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- تَڙِ تَماچِي آيو، وَرِي ٿِي وَراڻِ، ڪِينجُهرَ ٻِنهِي ڪَنڌِيين، راتو ڏِينھِن رِھاڻِ، پَرَچِي ويٺو پاڻِ، ٿِيُون مَرڪَنِ مَڇِيءَ وارِيُون.[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- ڪِينجُهرَ ٻِنهِي ڪَنڌِيين، ٿِي گَندَرِي گُذاري، سُونگِي سَمي جا، اِيندَسِ اوتاري، جي مي مَڇِي نَہ ماري، تَہ پُڻ اُڀو ڏڪي…[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- وَڃين نَہ پيھِي، پِٿُونءَ لَيءِ پاتارَ ۾؟ ڪَنڌِيءَ ۾ ڪيھِي، حاجَ تُنھِنجِي ھَنجَڙا.[ سُر ڪارايل - اڇو آب ]
- سَرَ اُھيئِي اَڳِئان، پَکِي پُونِ ٻِئا، جَنِ لَمِئو ٿي لاتِيُون ڏِنِيُون، سي ويچارا وِئا، ڪُوڙا ڪانيرا گَهڻا، ماڳو ماڳِ ٿِئا،…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]