سُکَ بابت
معنيٰ
سَھَنج، سَوِلائِيون. آسُودَگِيون، راحَتون، آرام، آنَند، ڪَلياڻ، چَين، فَرحَتَ، سُھولَتون، قَرارُ. ڪلمو چڱو، ٺَهِيو، خَيرُ.
Eases, comforts, conveniences, rests, reliefs, amusement, happiness.
بيتن ۽ وائين ۾
- وَحدَہٗ جٖي وَڍِئا، الاللهَ سين اورِينِ، ھِنيُون حَقِيقَتَ گَڏِئو، طَرِيقَتَ تورِين، مَعرِفَتَ جِيءَ ماٺِ سين، ڏيساندَرَ ڏورِيِن، سُکَ نَہ سُتا…[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- ڪَنھِن چَيُئِي تَہ پاءِ، پيرُ پِريان جي پيرَ ۾، سيڻَنِ سُورُ سُھاءِ، تُون سُکَنِ جُون سَڌُون ڪَرِين.[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- تُون سُکَنِ جُون سَڌُون ڪَرِين، سيڻَنِ سُورُ سُھاءِ، اَنگُهنِ جِيءُ اَڙاءِ، جانۡ نالو ڳِيَڙءِ نِينھَن جو.[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- اَڱَڻِ آيا جانۡ، تَہ سَرَتِيُون مُون سُکَ ٿِئا، اَمُلَ پِرِينءَ مَٿان، ٻَڙِڪِئو ٻِيَنِ ڏِيان.[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- آڌِيءَ اُڌاڻا، سَرَتِيُون سُکَ ميھارَ جا، لَنگهي سِيرَ سَنوان ٿِئا ساھَڙَ سِيباڻا، ڀِنِيءَ تي ڀاڻا، پَسان شالَ پِرِيَنِ جا.[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- نَھِين نَھِين مَيڏِڙي وَسِ وو بِنان دِلبَرَ دِلِ ماندِي، مُون کي مَتِ ميھارَ جِي، ڪا ٻِي ڪَسِ، سِڪان ٿِي سِنگهارَ…[ سُر سھڻي - وايون ]
- واقُفُ جٖي وَڻِڪارَ جا، وانءُ تَنِي جي سَڏِ، نيئِي نِماڻِي نِجُهرو، اوٺِيَنِ پاسي اَڏِ، ساٿِيَنِ سين سَيِّدُ چئَي، لَڏو لَڏي…[ سُر آبڙي - واقف وڻڪار، وڏا وڻ ]
- ڏُونگَرُ نَہ ڏوري، سُکَنِ جُون سَڌُون ڪَري، ويٺِي گهَرِ گهوري، مَٿان پِرِيَنِ جِندَڙو.[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- سُکَنِ وارِيۡ سَڌَ، مَتان ڪا مُون سان ڪَري، اَندَرُ جَنِي اَڌَ، ڏُونگَرُ سي ڏورِيندِيُون.[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- ڏِنا جِيئَڻَ لاءِ جيڏِيُون، ڏيرَنِ مُون کي ڏُکَ، ڀَڳِيَسِ جان ڀَنڀورَ کان، سُورَ مِڙيئِي سُکَ، لَٿِي مُون تان لُکَ، پُنهون…[ سُر آبڙي - سڀ ڪجهہ سندي اندر ]
- ڏُکَنِ پُٺِيان سُکَ، سِگها ٿِيندَءِ سَسُئِي، پيرُ مَ ڇَڏِجِ پِرينءَ جو، توڻي لَڪِيُنِ لَکَ، ڏورِجِ پاسي ڏُکَ، تَہ پَئي ٻاجَهہ…[ سُر آبڙي - سڀ ڪجهہ سندي اندر ]
- دَردَ مُنھِنجي جا دارُون، يارَ موٽُ سَٻاجها سُپِرِين، مُون لَڳِيُون مُون وِسَهو، مَحَبتَ جِيُون مارُون، سُکَنِ مُون سين ڪِينَ ڪِئو،…[ سُر آبڙي - وايون ]
- مُون اَنڌِيءَ ڏي اَڄُ اِيندا، ھوتَ سَلامَتَ سُپِرِين، سَڱُ نَہ ڪَندا سُکَ سين، سُورَ سَڱِيڻا ٿِيندا، پَريٽِ نِيندا پاڻَ سين،…[ سُر آبڙي - وايون ]
- جَي رائي ڪِي رَنجُورَ، ٽَڪَرَ توءِ ٽاڪِئو چَڙھي، لانچِئو لَڪُ لَطِيفُ چئَي، ھَلي ڏانھَن حُضُورَ، رَھِئا سَڀَ رِڃُنِ ۾، سَسُئِيءَ…[ سُر معذوري - اڌر نڌر ۽ ھيڪلي ]
- جيڏِيُون جاجَڙَ لائِي، جِيءَ جَتَنِ سين، سا سَرَتِيُون سِيباڻِئامِ، تَنھِن جِيئَڻُ جالَ ڪِئومِ، مَھَرَ جا مَيَنَ جِي، سَنجهي ھَٿِ ھُيامِ،…[ سُر معذوري - وايون ]
- جَتَنِ جا جيڏِيُون، ھُئَڙَمِ سُکَ سَرَتِيُون، پيرُ نَہ ڇَڏِيان پِرينءَ جو، جي ھوتُ ڪَري ھيڏِيُون، مُون ڪَمِيڻِيءَ ڪيڏِيُون، آھِينِ اُمِيدُون…[ سُر ديسي - جَت نہ مِٽَ ]
- ڏَاگهَنِ ڏيرَنِ ڏُونگَرنِ، ٽِنهِي ڏِنَمِ ڏُکَ، سي سَڀَ ڀانيَمِ سُکَ، ھيڪاندِ ڪارَڻِ ھوتَ جي.[ سُر ديسي - اڱڻ مٿي اوپرا ]
- ڀَنڀورَ جَنِ سُکَنِ، مُون کي ساٿان کارِئو، ھاڻي ساڻُ ڏُکَنِ، تان ڪِي ڏُونگَرَ ڏورِئان.[ سُر حسيني - بُرو ھو ڀنڀور ]
- وَرُ لَڪَنِ جِي لوڏَ، گهورِيا سُکَ ڀَنڀورَ جا، جي تُون اَمَڙِ آڇِيين، سي مُون ڪَمِ نَہ اَچَنِ ڪوڏَ، ھِنيَين مُنھِنجي…[ سُر حسيني - بُرو ھو ڀنڀور ]
- جٖي ڏُونگَرَ مُون مَنجِهہ ڏُکَ، سي پَڌَرِ پُونِ مَ پِرِينءَ ري، وِھَڻُ مُون وِھُ ٿِئو، ڪيرَ سانڍيندِي سُکَ، ھُيمَ ھوتَنِ…[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- سِرجِي تانۡ سُورَ، ساماڻِي تانۡ سُکَ وِئا، اِھي ٻَئِي پُورَ، مُون نِماڻِيءَ نَصِيبُ ٿِئا.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- ھُو جٖي سُورَ سُڄَنِ، مُون پِينگهي ۾ پِرايا، سانڍِياسِ سُکَنِ، سُورَنِ ڪارَڻِ سَرَتِيُون.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- سُورَنِ سانڍِيياسِ، ڏُکَنِ نِپاياسِ، سُکَنِ جي سَيِّدُ چئَي، پُکي نَہ پيياسِ، جيڪُسِ آئُون ھُياسِ، گُرِي گُوندَرَ وَلِ جِي.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- وِئا وَرائي جيڏِيُون، مُون ڏُکِيءَ کي ڏُکَ، ويٺِي سارِئان سُکَ، ھيڪاندِيءَ ھُئامِ جي.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- آيا آسَ ٿِئامِ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾، پَسِي پَھَرَ پُنهونءَ جِي، نُنھِن سين نيڻَ ٺرِيامِ، گُوندَرَ وِسَرِئامِ، سُکَنِ شاخُون مُڪِيُون.[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- چانڪِ چَڙھَندِيَسِ چوٽِيين، پاڻان لُوٺِيَسِ لَڪَ، سُپيرِيان جا سُکَ، ڪوھُ ڄاڻان ڪَنِ ٿِئا.[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- سَؤُ سُکَنِ ساٽي ڏِيان، سِرُ پُڻ ڏِيان سَٽِ، جَي مانۡ مِڙي مَٽِ، تَہ وِرھُ وِھايان وِتَرو.[ سُر حسيني - سؤُ سُک ۽ طالب، تات ]
- سَؤُ سُکَنِ ڏيئِي، وِرھُ وِھايُمِ ھِڪِڙو، پَھتِ مُون پيئِي، سَرَتِيُون اِنَهيءَ سُورَ سين.[ سُر حسيني - سؤُ سُک ۽ طالب، تات ]
- سَؤُ سُکَنِ ڏيئِي، وِرھُ وِھايُمِ ھِڪِڙو، مُون کي جَنھِن نيئِي، دَرُ سُونھايو دوسَ جو.[ سُر حسيني - سؤُ سُک ۽ طالب، تات ]
- ڏُکَ سُکَنِ جِي سُونھَن، گهورِيا سُکَ ڏُکَنِ ري، جَنِي جِيءَ وِرُونھَن، سَڄَڻُ آيو مان ڳَري.[ سُر حسيني - سؤُ سُک ۽ طالب، تات ]
- سُکَنِ مَٿي سُورَ، ڪا مَٽائِيندِي جيڏِيُون، پييانءَ جي پَروڙَ، ڪوڙيِين ڪَتَرُ نَہ ڏِيو.[ سُر حسيني - سؤُ سُک ۽ طالب، تات ]
- اَچِئو اَچِئو چُوَنِ، وِھُ وِئا تَہ گهورِئا، سَرَتِيُنِ سانگُ سُکَنِ سين، مُون جِيئَن رَتُ نَہ رُونِ، اُوءِ مَرُ ويٺِيُون ھُونِ،…[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- اَڄُ پُڻ جُڙِئَمِ جوڙَ، جِيئَن دوسِتُ پيھِي دَرِ آيو، سُکَنِ وَٺِي ڏُکَنِ کي، مَحڪُمُ ڏِنِي موڙَ، جا پَرِ کوٽَنَ کوڙَ،…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- مُونا طُورُ سِيناءَ، سَندا سَناسِيَنِ، طالِبُ المولىٰ مُذَڪِرُ، اِيءُ ڪَلامُ ڪِئائُون ڪَنِ، سُکَنِ کي سَڀَين پَرِيين، ٻُجهِي ڏِنائُون ٻَنِ، اَلِفَ…[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- لُنگُ ڪَڍِيائُون لانگَ، موٽِي ڪَنِ نَہ مَسَحو، اورِيندي اَلِفَ سين سُکَ ڇَڏِيائُون سانگَ، لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، آڌِيءَ ڏِينِ اُڇانگَ، ٻُڌائُون…[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- تَنِ اَکَڙِيُنِ اُتا سُکَ، کِلَندِي کَڻَنِ جَي، پِرِيَنِ پاپوھَڻَ سان، ڏُورِ ڪِئا سَڀَ ڏُکَ، ماڻُهنِ ليکي بُکَ، سامِي سُورَ سَنها…[ سُر پورب - سامي سنياسي ]
- سامِي چائِيين سُکَ طَلَبِيين، ھُوندَنِ جِيئَن مَ ھو، توکي ويسَ وِڃايو، ويسُ وِڃايو تو، سامِي آھي سو، جَنھِن مَڙُه پُوري…[ سُر پورب - سامي سنياسي ]
- آروڙِجِي اُٿِئو، ديمِنِ پييَسِ دُکَ، لاٿائِين لَطِيفُ چئَي، عالَمَ تان اَھُکَ، تَنِ سَرَڻِنِ ٿِئا سُکَ، جي اَجهي آيُون اَبِڙي.[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]
- سَرَڻِنِ جي سُکَ لاءِ، سانگِ کَنئِي سَردارَ، جي اَبِڙي آيُون آڌارَ، سي سُنگُ نَہ ڏِيندِيُون سُومَرِيُون.[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]
- جِئان ڏِنائُون پيرَ، جِئان ڏِنائُون پيرَ، مَٿي اَڱَڻَ آئِيا، سُونھَڻَ لَڳا سيرَ، جِئائِين نَبي نِڱِئو، ڀَري مُبارڪَ پيرَ، ساري شفِيعَ…[ سُر بلاول - وايون ]
- ڏُکِ نَہ ڏُکويو، ھِينئَڙو پِريان ڪَڏِھِين، سُکَنِ جان پِئو، تان ڦوڙايو سَڄَڻين.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- اَوڳُڻِ رُسي سَڀَڪو، ڳُڻين پِرِين رُٺامِ، ٻَھُون ٻاروتَڻَ ۾، ڪي ڪَبِيرَ ڪِئامِ، سيئِي سي سَرِئامِ، سُکَنِئُون سُورَ گَهڻا.[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- پَھِي سُکَ پيرين کيھَ، ڪو نِينھَن نِياپو مارُوئين، اَتِ اُڪَنڊِي آھِيان، تَنِ ڏيھَ، سَندِي جا ساڻيھَ، کِھَ کَٿُورِي ڀانيان.[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- سُڻِي ساڻيھَ ڳالِهڙِي، لَھِي وِئا لوھَ، اَندَرَ جا اَندوھَ، لَٿا ڏُکَ سُکَ ٿِئا.[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]
- نِيَرُ نَہ لَھي نِينھَن جو، لَھِي وِئا لوھَ، اَندَرَ جا اَندوھَ، لَٿا ڏُکَ سُکَ ٿِئا.[ سُر مارئي - لوھ نير، مند مارُو ]
- مَ ڪِي رو مَ رَڙُ ڪِي، هَنجُون هَڏِ مَ هارِ، جِھَڙا اَچَنِ ڏِينھَڙا، تِھَڙا ويٺِي گهارِ، ڏُکَنِ پُٺِيِءَ سُکَڙا، سِگها…[ سُر مارئي - مَ رو، پانڌي پرين پنھوار ]