حالُ بابت
معنيٰ
حالت، گت، ڪيفيت. پُڄَندي، حيثيت، طاقت، زور، پھچ، دم. ذِڪر، ماجرا. احوال، بيان، حقيقت، خبرچار. ھلندڙ وقت جيڪو اڃا گذريو نہ ھجي، ماضي ۽ استقبال جي وچ وارو وقت. گرامر موجب ٽن زمانن مان هڪ زمان ماضي، حال، مستقبل.
Circumstances, condition, state, the present tense.
بيتن ۽ وائين ۾
- پاڻِهين جَلَّ جَلالُهُ ، پاڻِهين جانِ جَمالُ، پاڻِهين صُورَتَ پِرِينءَ جِي، پاڻِهين حُسُنُ ڪَمالُ، پاڻِهين پِيرُ مُريدُ ٿِئي، پاڻِهين پاڻَ…[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- آئُون جٖي ڏِيَئِين سَنِيھَڙا، چَنڊَ پَلَئِہ ٻَڌُ، چَئِجِ حالُ حَبِيبَ کي، نيئِي نِوِڙائي ڪَنڌُ، تو تيڏاھِين پَنڌُ، جيڏاھَن عالَمَ آسِرو.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- ڪائو ڪَمايومِ، موتِي مُون نَہ وَڻِجِئا، سِيھي جو سَيِّدُ چئَي وَکَرُ وِھايومِ، ھِھَڙو حالُ سَندومِ، توھِ تُنھِنجي اُبھان.[ سُر سريراڳ - توڪل، جاڳ سجاڳ ]
- عُمِرِ سَڀَ عَبَثُ، وَقتَ وِڃايَمِ پاھِنِجا، ويرَ وِڃايَمِ پانھِنجي، ويٺِي لِکِئو لوڙِيان، جيڪِي ڪِئو مَسُ، قَلبُ ڪارو جو ٿِئو، ڪاتِبَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- اَئِين اَچِي پَسو جيڏِيُون، ھِي جو حالُ مُنھِنجي جِندَڙي، پائي وِئَڙا پيرَ ۾، مَنجهان کَرَسَ کَسو، آئُون ڏورِيندِي اُنِ کي،…[ سُر سامونڊي - وايون ]
- ٻانڌِي جَي ٻيلِي ٿِيين، تَہ حالُ ڳَرَھِيان ھِيءُ، سَگهو ساعَتَ نَہ جِندَڙو، جَرَ ري مُنھِنجو جِيءُ، سانوَڻُ سِيارو ڀانيان، وَھِ…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- اوڇَڻُ گُهرِجي آجِڪو، جُهوپو سَھي نَہ سِيءُ، سُڻائيجِ سُوَڙَ کي، حالُ مُنھِنجو ھِيءُ، اَڱَڻِ آيو ٿِيءُ، تَہ ڍولا ڪَنھِن ڍَنگِ…[ سُر سارنگ - سيڪارا سارنگ ]
- مَعلُومُ حالُ حَبِيبَ، مُون کي دَردُ قَدِيِمي وو، دَردُ جَدِيدِي وو حُبَ حَبِيبِي وو، آلُودِي آزارَ کان، تو ريءَ ٿِيَسَ…[ سُر آبڙي - وايون ]
- پيئِي ٿِيي پِيمالُ، سا مُنڌَ مَري نَہ جِيئي، ڀورِي ھِنَ ڀَنڀورَ سين، ھَڏِ نَہ ڳَرَھي حالُ، لالَڻَ جو لَطِيفُ چئَي،…[ سُر معذوري - اڌر نڌر ۽ ھيڪلي ]
- جَي ھُوندَ ڏِٺائُون وو جيڏِيُون، حالُ مُنھِنجو ھِھَڙو جِھَڙو، سو جي سومِ ڪَنَنِ سين، پَھُ جو ڪِئائُون، ٻانھُون ٻيلَ نَہ…[ سُر حسيني - وايون ]
- پُنهون پِريشانُ، ھئَي ھئَي حالُ مُنھِنجو، مُون کي بُکَ بوتَنِ جِي، نَڪِي ڀايان نانُ، شَھَرُ صَحرا ڀانيان، مُون ليکي مَيدانُ،…[ سُر حسيني - وايون ]
- تو دَرِ آيو راڄِيا، ھِھَڙو وَٺِي حالُ، اونائِجِ عَلِيلَ جو، سَٻاجها سُوالُ، اَڱَڻَ مَٿي آنھِنجي، ڪَھي ڪِي قَوالُ، ڀَلا ڪَري…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- ماڻُهو گُهرَنِ مالُ، آئُون سَڀَ ڏِينھَن گهُران سُپِرِين، دُنِيا تَنھِن دوسِتَ تان، فِدا ڪَرِيان فِي الحالُ، ڪِئو نامَ نِھالُ، مُون…[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]
- حالُ قُربانُ مالُ قُربانُ، جانِ قُربانُ، گهورِئان لُڊاڻو، فِدا ٿِيءَ فَقِيرِ سين، رُسي مَ راڻو، مُيِنِ سين ماڻو، مُناسِبُ نَہ…[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- طَعنو سُڻِي تُنھِنجو، حالُ وِڃايُمِ حَقَ، لَکين لوڊِي آيا، سوڍي لاٿَمِ شَڪَ، ڏِنَمِ ڪاڪِ ڪَھَڪَ، سِگهو موٽِجِ سُپِرِين.[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- ڪَري موٽَ مَينڌَرو جي لُڊوڻِئان لالُ، گهَرُ مِڙيوئِي گهورِيان، ھُوندَ پَنھِنجو حالُ، راڻي ڌاران راڄَ ۾، مُون نَہ گُهرِجي مالُ،…[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]
- راڻا ھُيَسِ رِيءُ، تو سائِينءَ مُون سونُ ڪِئو، مُنھِنجي مَدايُنِ جو، حالُ اَٿيئِي ھِيءُ، ڍولا ڍَڪَڻُ ٿِيءُ، ڪامِلَ ڪَچايُنِ جو.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- واڄَٽَ ويراڳِينِ جا، مُون وَٽِ وَڏو مالُ، مَقالان مَھِندِ ٿِئا، ڪِينِهي وَٽَنِ قالُ، نَڪو ماضِي مَنَ ۾، نَڪو اِستَقَبالُ، حاصِلُ…[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- ويھِي ويراڳِيَنِ جو، ٻِئي ڏِينھُن ٻُڌُمِ حالُ، اُنِ جا ڌاڳا ڌُوڙِ ڀَڪُلِئا، جاڳوٽانِ زَوالُ، اُنِ ڄاڻِي ڄَٽائُون ڇَڏِئُون، چوٽا چَڱيءَ…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- جِياسُون جوڙَ ٿِي، جوڳِي ڏِٺوسُون، مُلا تَھِين مُون، حاصِلُ ڪِي حالُ ڪِئو.[ سُر رامڪلي - اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون ]
- نَڪِي طَعامُ تُنبَنِ ۾، نَڪِي گَبَريَنِ، مُون پُڻ مُلا تَنِ، حاصِلُ ڪِي حالُ ڪِئو.[ سُر رامڪلي - بُک، طعام، گدا ۽ گبري ]
- حييَئُون حالُ پِرايو، آديسِيَنِ احوالُ، نانهِن ڪِئائُون نَفسَ کي، مَنجهانَ زُھِدَ زَوالُ، لَنْ تَنَالُوا الْبِرَّ حَتَّىٰ تُنفِقُوا ، پاڻُ ڪِئائُون…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- ڪانگَلَ ڪوھُ ٿِئوءِ، پِيو آھِين پَٽَ ۾، اَڳي اُسَ تِڙڪو نَہ سَھِين، اَڄُ سارو ڏِينھُن سَٺوءِ، پَسِي حالُ سَندوءِ، ڪانگَنِ…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- ڪانگَلَ قاصِدَ پِرِيَنِ جا، اَڱَڻِ آيو ٽِلُ، بِيائيد بِنِشِينيدِ ، مُحِبَ مُون کي مِلُ، زاغُ گُفتِ فَھمِيدَم ، خُوشِحالُ ويٺو…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- ڪانگُ قاصِدُ ڪِيئَن، جو سَدا ڍُونڍي ڍُونڍَ کي، پھرِين ڪَري پيٽَ جِي، پوءِ وَڃِي سيَڻنِ سِيئَن، حالُ جَنھِن جو ھِينئَن،…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- جُوءِ جيڏھِين جوڳِيين، نِتُ تيڏاھِين نيڻَ، آيَلِ آديسِيَنِ جا، وِرھُ ٿِئَمِ ويڻَ، ڪَري سَناسِي سيڻَ، ھِينئَڙي حالُ پِرايو.[ سُر پورب - جوڳي ]
- جيھُسِ ڪونَہ جَھانَ ۾، سِنڌُ سُورَتَ ھِندُ ھاڻِ، دَرِ داتا مَڱُ مَنگَتا، ٻِئي جِي ڪَڍُ مَ ڪاڻِ، پاٽُوندَرُ پاڻُ، مَنَ…[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- سَٻَرُ سِيءُ پِئو، نَہ مُون سَوَڙِ نَہ گَبِرو، نَہ مُون ڪانڌُ نَہ قُوتِ، ھِي، جوڀَنُ وَھِي وِئو، تَنِي حالُ ڪِھو،…[ سُر رِپ - اندر، سٻر ۽ نھائين ]
- سَھِسين سيبا ڪَنجِري، لوئِي لِيڙو لِيڙَ، واسي وارَ ويڙھِيان، وَرُ چاپِئا رَھَنِ چيڙَ، مارُوءَ جِي مُھاڙِي، ٻِي اَندَرِ ناھِ اُڪِيرَ،…[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- اَنگَڙِيارو ڪَنجِرو، لوئِي سين لِيڙُنِ، ھِھَڙو حالُ وَٺِي ڪَري، وَڃان مَنجِهہ ٿَرنِ، مارُو مانَ چَوَنِ، ھُئِي اَسان جي آسِري.[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- سُونھَن وِڃايَمِ سُومَرا، ڪوجهو ٿئمِ ڪَمالُ، وَڃان ڪِيئَن وَطَنَ ڏي، ھِھَڙو وَٺِي حالُ، جَي مُون ڏيِين جَمالُ، تَہ پَسان مُنھُن…[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]
- پَڪا پَنوَھارَنِ ڏي، ميوا مَڃَرَ مَڪَ، عُمَرَ اَتِ اُڪَنڊِئو، حالُ ھَماري حَقَ، لوئِيءَ ۽ لَڪَ، سَمُنَ سُپِرِيَنِ سين.[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- تُون تَماچِي تَڙَ ڌَڻِي، آئُون مُھاڻِي مي، کِکِيءَ ھاڻِيُون کارِيُون، حالُ مُنھِنجو ھي، مُون ڏُھاڳُ مَ ڏي، آئُون نالي سُيَسِ…[ سُر ڪاموڏ - سمي سامهون گندري ]
- جارو ھِنيُون ڪارو ڪَري، پَکِيئَڙا پَرُوڙِ، اُڏُرُ اَڇي سامُهُون، ماٺي چُڻُ نَہ مُورِ، ڪوھُ نَہ گوھَرَ گَڏيِين، حاذِقَ حالُ حُضُورِ،…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]