ذاتِ بابت
معنيٰ
بڻياد، جنس، اصليت، پيڙه. سرشت، خلقت. طبيعت، بناوت. جوهر، تَتُ، مايو، مول، مادو، خمير، عرق، مغز، عطر.
Existence, nature, origin, essence, body, person, entity, caste
بيتن ۽ وائين ۾
- موکِي چوکِي نَہ ٿِئي، اَصلِ اوڇِي ذاتِ، وَٽِيُون ڏيئِي واتِ، مَتارا، جَنھِن مارِئا.[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- چَنڊَ تُنھِنجِي ذاتِ، پاڙِيان تان نَہ پِرِينءَ سين، تُون اَڇو ۾ راتِ، سَڄَڻَ نِتُ سوجِهَرا.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، تُرَھي ناھي تاتِ، اَچِي پيئِي ڪُنَ ۾، جِتي ڏِينھُن نَہ راتِ، عاشِقاڻِي ذاتِ، مُئِي مَلَهائي سُهڻِي.[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- توڏِيءَ کي تَعظِيمَ، ٻِيَنِ سَڀَنِئان اَڳِرِي، اوڏِي ٿِي اَلِفَ کي، مَنُ گَڏَيائين سين مِيمَ، جيلان ذاتِ حَلِيمَ، مِلي تي ميھارَ…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- اَچِي اولَڙِي ڪيرَ ڪيرَ، وَٽان پاڻِيءَ وارِيين، نالي سُڄي سُهڻِي، ذاتِ نِڄاڻان ڪيرَ، گَهڙي گهورَ نَہ جَهلِي، پَٽِ نَہ کُتِسَ…[ سُر سھڻي - وايون ]
- سَڌائِتِي سَڀَڪا، بُکَ نَہ باسي ڪا، جيھِيءَ تيھِيءَ ذاتِ جِي، جُنبَشِ ڪانِهي جاءِ، مُون سين ھَلي سا، جا جِيءُ مِٺو…[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- ڏُکَ لاھِيندا ڏُونگَرَ وو ماءَ، پِرِيَنِ جا مُون کي سَڀَيئِي، ڏاڍِي ذاتِ جَتَنِ جِي، وِئَڙا ڏِيلُ ڏَھِي، جَو پَسان سو…[ سُر آبڙي - وايون ]
- ڪَمِ قَرابَتَ جَنِ جِي، ھِتي آيَمِ ھِيئَن، رِفاقَتَ راڱَنِ جي، پَھتِيَسِ پَھَرَ سِيئَن، ماڻُهو مَلاحِظو تَنھِن جو، ڪيچِ نَہ ڪَندا…[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- ڪَنڊا مُون پيرَنِ ۾، توڙي لَکَ لَڳَنِ، آڱُرِ آڱُوٺي نَہ مَڙي، ڇِپُون پيرَ ڇِننِ، ويندي ڏُونھِن پِرِيَنِ، جُتِيءَ ذاتِ نَہ…[ سُر معذوري - ھاڙھو پنڌ ]
- ڏَکا ڏُونگَرَ لاھِ، اَڳُ مُئِي سَسُئِي، آرِياڻِيءَ سين آھِ، ذاتِي سَڱُ ضَعِيفِ جو.[ سُر معذوري - ھاڙھو پنڌ ]
- ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، رَمِي وِئَڙا راتِ، بي تَرَسُ بَلوچَنِ جِي، جِيجان گهَڻِي ذاتِ، آئُون پيرَ کَڻان پِرڀاتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.[ سُر ديسي - ڏيرن جو ڏمر ]
- جَي نَہ رَھِئا راتِ، تَہ ڪِھَڙو سُکُ سَرَتِيُون، ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ جي، مُٺِي مُلاقاتِ، مَتان مُٺِي ڇَڏِيين، طَلَبَ پِريان جِي تاتِ،…[ سُر ديسي - ڏيرن جو ڏمر ]
- اَسِين ذاتِ پَرٽَ، پورھِيَتَ پُنهونءَ ڄامَ جا، ھوتُ کَٿُورِيءَ ھيرَئُون، مُون ۾ صابُڻَ ڇَٽَ، آتَڻَ ۾ اُکَٽَ، ڪَمِيڻِيءَ جِي ڪامَ…[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- روجَهہ ڏِٺائِين راتِ، ڀانءِ ڪِ اوٺِي آيا، ڪيچِيَنِ جي ڪَڙِي ٿِي، توءِ تَنِي جِي تاتِ، ٻاروچاڻِي ذاتِ، مَنان مُئي نَہ…[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- ڪيچِي ڪالَهہ ڪَھِي وِئا، اَدِيُون آڌِيءَ راتِ، جاڳان تان جيڪِي ٿِئو، وِھاڻِيءَ پِرِڀاتِ، ڦوڙائو فَقِيرِ کي، ڏِنو جَتَنِ سَندِيءَ ذاتِ،…[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- تانۡ جَي ھوتَ نَہ ڪَنِ، جو تُون پَسِي سَڱُ سَرَھِي ٿِي، ڪوڙيِين ڪُٺِيُون ڪيتِريُون، ٻانِهيُون ٻاروچَنِ، سَندِي ذاتِ جَتَنِ، آھي…[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- ڏوھُ مُنھِنجي ڏينھَن کي، جَتَ ڀَليري ذاتِ، اوچِي وِٺِيَڙَنِ جِي، بِهتَرِ آھي باتِ، تيَلاھِين پِرڀاتِ، پُنهون نِيائُون پاڻ سين.[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- ٻاروچي جِي ذاتِ، سَڄَڻَ ٻاروچي جِي ذاتِ، اُٺَ گُنگائي ھَلِئا، وائِي ڪِئائُون نَہ واتِ، جانِي جَتَ وَٺِي وِئا، تَنَ تَنِي…[ سُر ديسي - وايون ]
- لَيلَ نَہ جاڳِيئَن لِکَ سِينءَ، نَفسُ اَڪلُ نَومُ، صَباحَ رَجُلُ يَخرُجُ ، ويئِي ذاتِ جَتاڻِي قَومَ، لااُبالِي اليَومَ، ھـٰذا ھُوَ…[ سُر ڪوھياري - نِدورِي نِنڊ ]
- کُوءِ ٻولِي ٻَنِ ٻَروچُ، گهورِي ذاتِ جَتَنِ جِي، مُون کي چَئِي لوچ، پيھِي وِئَڙا ڇَپَرين.[ سُر حسيني - ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ ]
- لَڄايا مُنھان، ساجُهرِ ٿي سيڻَ وِئا، پييَنِ ڀَنڀوران، سُڌِ مُنھِنجِيءَ ذاتِ جِي.[ سُر حسيني - بُرو ھو ڀنڀور ]
- مُنھِنجو پاڙيچيَنِ، ڪَچو ڪو نَہ ڍَڪِئو، پاسي چَڙِھِي پُنهونءَ جي، ذاتِ سَلَتِي جَنِ، تيلاھَ ٻاروچَنِ، نِڌَرَ ڇَڏِي نِنڊَ ۾.[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- ھُيَسِ جي سِياءُ، تَہ ڪِئَمِ ڏُکَ ڏيرَنِ تي، اَدَبَ وِچان اُنِ سين، ڳالِهہ نَہ ڪِئَمِ ڪا، ذاتِ مُنھِنجِي ماءُ، ڪچو…[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- نَڪِي ٿِيان سَڱَ ۾، نَڪِي سَڱِيڻِي، آھِيان ڪَمِيڻِي، ذاتِ ٻاروچِيءَ نَہ جُڙانِ.[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- جيڪا ڪَندِي نِينھُن، ٻاروچاڻِيءَ ذاتِ سين، سِڪَڻُ سارو ڏِينھُن، چَڙَهڻُ چاڙِھِيڪَنِ تي.[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- ڪيچِ مَ خَبَرَ ھوءِ، ھِنَ مُنھِنجِيءَ ذاتِ جِي، مَٿان پُنهونءَ پوءِ، لَڄَ پَنھِنجيءَ لوءِ ۾.[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- تُنبيرو نَہ تُون، ذاتِ جو راڻو آھيين، ڪالَهُون ڪَرَ ڪَھِيو وَڃين، ڳَڙَه پاسي ڳاھُون، اِيءَ مامَ پَرُوڙِي مُون، تَہ مارِي…[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]
- ڪَنجِهي ڪِيرَتِ ڪِينِرو، واڄو وِلاتِي، ھَنئِي تَندُ حُضُورَ ۾، تَنھِن پانَوَ پيراتِي، ڏِسَندي ڏِياچَ کي، ظاھِرُ ٿِئو ذاتِي، ڪَڍِي تَنھِن…[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]
- ڪينُون آکان ڪَونُ بَتاوي ھِي واٽَهَڙُو لوڪُ ڙي ماءُ، اَپِني صاحِبِ دِي باتِ ڙي، چارَڻُ آيا ڪاٽِ لي جايا کوءِ…[ سُر سورٺ - وايون ]
- عِشقُ اِھَڙِي ذاتِ، جو مانجِهي مُنجهائي مَيَنِ کي، ڏِينھان ڏورَڻُ ڏُونگَرين، رُئَڻُ سَڄِيائِي راتِ، اُٿِي ويٺي تاتِ، مِيان مَحبُوبَنِ جِي.[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- آءُ تَہ پَرچُون پاڻَ ۾، رُسِي رَنڊِ مَ راتِ، اَسِين تائِبَ تُنھِنجا، تُون زوراوَرِ ذاتِ، سَڄَڻَ گَهڙِي ساعَتَ، اورِ تَہ…[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- ڪالَهہ گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، بابُو رَنگِ ڀَڀُوتُ، سَرِيو سُون سُڪُوتُ، جوڳِيءَ سَندِيءَ ذاتِ کان.[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- نَئُون نِياپو آيو، راڻي وَٽان راتِ، لَڌِيسُون لَطِيفُ چئَي، ڪَنان ڏاتَرَ ڏاتِ، ڪِھَڙِي پُڇي ذاتِ، جٖي آيا سي اَگِهئا.[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- آئُون جيھائِي ذاتِ تُون وو پاڻُ سُڃاڻِجِ مِيان سُپِرِين، ٻانِهي ڪوٺِينِ ٻاجَهہ سين، تان ڪَرَ لَڌِيَمِ ڏاتِ، اويُون آرِياڻِيءَ جُون،…[ سُر کاھوڙي - وايون ]
- سامِي کامِي پِرِينءَ لَيءِ، ڪُسِي ٿِئا ڪَبابُ، اوتِينِ اَرَتي گاڏُئُون، مَنجهان اَکِيُنِ آبُ، تِھَڙو ڏِسَنِ ڏوھُ کي، تِھَڙو تَنِ ثَوابُ،…[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- ڪَنھِن جَنھِن ڪُٺا ڪاتِ، جِيئَن سامِي مُورِ نَہ سَنِرا، ڏِينھان ڏُکي ڏِيلَ ۾، سُورُ سَڄِيائِي راتِ، سَندِي جوڳِيان ذاتِ، جِيجان…[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- نانگَنِ ڪِينَ نَمايو، ناٿُ نَمايو نِينھَن، مَڙِهنِ اُٺا مِينھَن، جوڳِيان سَندِيءَ ذاتِ جي.[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- رَھِئا اَٿيئِي راتِ، صُبحِ ويندَءِ صابِرِي، لُنءَ لُنءَ مَنجِهہ لَطِيفُ چئَي، ڪَرِ تَنِ جِي تاتِ، سَندِي جوڳِيان ذاتِ، ٻِئي ڀيري…[ سُر رامڪلي - اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون ]
- اَڄُ نَہ اوطاقُنِ ۾ سَندِي جوڳِيَنِ ذاتِ، ساري سَناسِيَنِ کي، رُنُمِ سارِي راتِ، تَنَ جَنِي جِي تاتِ، سي لاھُوتِي لَڏي…[ سُر رامڪلي - اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون ]
- ٻولِي ٻُجهارَتَ، جوڳِيان سَندِيءَ ذاتِ جِي، ڏورَڻُ گهَڻو ڏاکَڙو ھَلَڻُ ۾ حَيرَتَ، عَجَبُ عِبادَتَ، پَھُ پَرُوڙَڻُ اُنِ جو.[ سُر رامڪلي - بُک، طعام، گدا ۽ گبري ]
- راوَلُ رَھي نَہ راتِ، جيڏِيُون مُنھِنجو راوَلُ رَھي نَہ راتِ، ڪوھُ ڪَرِيندِيَسِ ڪانڌَ ري، وِھاڻِيءَ پِرِڀاتِ، مِٽَ نَہ مَعذُورِيَنِ جا،…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- زاغَ تُنھِنجي ذاتِ جو، ٿورو مَٿي مُون، اُڏامِجِ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، صُبحِ سيڻَنِ ڏُونھُون، ڪَري وينَتِيُون وِتَرِيُون، ٻاجهائِجِ ٻَھُون، ”لالَڻَ ڪونَہ…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- پُورَڀِيا پُوري وِئا، آسَڻَ آڌِيءَ راتِ، سُئَمِ نَہ سَناسِيَنِ جُون، پَچارُون پِرِڀاتِ، ڪا جَا جوڳِي ذاتِ، جِيئَن مِٽَ نَہ مَعذُورِنِ…[ سُر پورب - جوڳي ]
- مَنُ موھِئو جوڳِيَنِ جي ذاتِ، دِلِ جوڳِيَنِ جي ذاتِ، ھُيَسِ سَناسِيَنِ سين سَنِرِي، پُورَڀِيا پُوري وِئا، آسَڻَ آڌِيءَراتِ، سُئَمِ نَہ…[ سُر پورب - وايون ]
- ويٺي وِھسِيَسِ وِچَ ۾، سَرَھِي سارِي راتِ، سَرَھِيُون سُھاڳَڻِيُون، مُون جيڏِيُون مُون ذاتِ، مُون کي ڪَنھِن سَڀَاڳَ، ڪَڍِي ڪاڻِيارو ڪِئو.[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- سائِين سَمُجِهَيسِ ڪِينَڪِي، ڳَڻي گَتِ سَندِياءِ، وَڏائِي واحِدَ ري، ٻي ڪَنھِن ڪِينَ جُڳاءِ، توبَهَ ڪِئمِ زيوَرَ ذاتِ کان، لوھِيءَ ڇَلي…[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- ڪانڌَ ٻِئَنُون ڪيتِرا، مُون وَرُ وَڏِي ذاتِ، عَيبَ نَہ آڇي واتِ، جَي ڏِسي ڏوھَ اَکِيُنِ سين.[ سُر ڏھر - نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ ]
- ڏاتِ نَہ آھي ذاتِ تي، جو وَھي سو لَھي، ريءَ رُونجهاڻِيءَ راڄِيي، اِيھين ڪيرُ ڪَري، آرِيُون اَٻوجَهنِ جُون، سَٻَڙُ ڄامُ…[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- روزا ۽ نَمازُون، ڪي ڪُذاتِي ڪَنِ، پايو مُنھُن مُصحفَ ۾، ڪافِرَ ٿِي پَڙَهنِ، اَسِين مَنجهان تَنِ، جَنِ بيٺِ نَہ ڏِني…[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- گُندِيءَ نِينھُن نَہ سَپَجي، تُھِ نَہ پَچي ماھُ، بُڻُ جَنھِن جِيءَ ذاتِ جو، اُتي آھِ اللهُ، اُنَ کي اُوءِ جُڳاءِ،…[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- ٻيٽو ٻاپان وِتَرو، ڪَرَھو ڪيھَرِ جو پَسُ، آپُ ڇَپاوَڻُ پَرُ مارَڻُ، ذاتِ سِينهان جي جَسُ، جِتِ لَڳي دَمامَنِ دَسُ، اُتِ…[ سُر ڪيڏارو - داستان پھريون ]
- لَلي لَنئِين لاتِ، سَرَ ۾ ڪِئو سوجِهرو، ٻَگها ٻاتاڙا ٿِئا، وائِي ڪَنِ نَہ واتِ، جُنگَنِ پَنھِنجِي ذاتِ، نيئِي رَسائي روھَ…[ سُر ڪارايل - اڇو آب ]
- لَئِين تَنِي جِي لاتِ، ذاتِ نَہ آھي جَنِ جي، وايُون ڪَرِيين واتَ سين، تَنَ ۾ رکين نَہ تاتِ، ڪُٺين تَنھِن…[ سُر ڪارايل - اڇو آب ]
- لَنئُن لَطِيفِي لاتِ، تَہ ويجهو ٿِيين وِصالَ کي، واري پاءِ وُجُودَ ۾، سَندِي جُنگَنِ ذاتِ، ھَڻِي ڪَرنگهَرُ ڪاتِ، پَڌَرِ پَئُہ…[ سُر ڪارايل - اڇو آب ]
- سَرُ وِڃايو سُرَھو، ڪُوڙَنِ ڪانيرَنِ، آڌِيءَ راتِ اُٿِي ڪَري، دَدا دانھُون ڪَنِ، سَندِي ذاتِ ھَنجَنِ، مُنھُن کوڙي موتِي چُڻي.[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]
- وِھُ ھَٿين وِھُ پيرين، وِھُ پُڻ تَنِي واتِ، ڪا ڪا ڪارِي ذاتِ، مورَنِ مَٽي ڇَڏِي.[ سُر ڪارايل - سَر، اوطاقون ۽ نانگ ]
- ڪَنھِن ڪَنھِن ڪارِيءَ ذاتِ کي، مورَ پِہ مَٽائِينِ، جي چَتُرِئا چَڱِي ڪَري، تَہ وَڳَ وَرائي ڏِينِ، ساٿَ سَمُورا نِينِ، جَي…[ سُر ڪارايل - سَر، اوطاقون ۽ نانگ ]