ذاتِ جي سنڌي معنيٰ
بڻياد، جنس، اصليت، پيڙه. سرشت، خلقت. طبيعت، بناوت. جوهر، تَتُ، مايو، مول، مادو، خمير، عرق، مغز، عطر.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Existence, nature, origin, essence, body, person, entity, caste
ذاتِ جا بيتن ۾ حوالا
مَنُ موھِئو جوڳِيَنِ جي ذاتِ، دِلِ جوڳِيَنِ جي ذاتِ،
ھُيَسِ سَناسِيَنِ سين سَنِرِي،
پُورَڀِيا پُوري وِئا، آسَڻَ آڌِيءَراتِ،
سُئَمِ نَہ سَناسِيَنِ جُون، پَچارُون پِرڀاتِ،
مِٽَ نَہ مَعذُورِنِ جا، ڪا جَا جوڳِي ذاتِ.
[ سُر پورب، وايون، 9 ]
ھُيَسِ سَناسِيَنِ سين سَنِرِي،
پُورَڀِيا پُوري وِئا، آسَڻَ آڌِيءَراتِ،
سُئَمِ نَہ سَناسِيَنِ جُون، پَچارُون پِرڀاتِ،
مِٽَ نَہ مَعذُورِنِ جا، ڪا جَا جوڳِي ذاتِ.
[ سُر پورب، وايون، 9 ]
ٻاروچي جِي ذاتِ، سَڄَڻَ ٻاروچي جِي ذاتِ،
اُٺَ گُنگائي ھَلِئا، وائِي ڪِئائُون نَہ واتِ،
جانِي جَتَ وَٺِي وِئا، تَنَ تَنِي جِي تاتِ،
ڪُھِي ڪَمِيڻِي ھَلِئا، اَدِيُون آڌِيءَ راتِ،
آئُون سُتِي ھُو ھَلِئا، رَھَ ۾ پييَنِ راتِ،
مِلان مَحبُوبَنِ کي، وِھاڻِيءَ پِرڀاتِ.
[ سُر ديسي، وايون، 15 ]

موکِي چوکِي نَہ ٿِئي، اَصلِ اوڇِي ذاتِ،
وَٽِيُون ڏيئِي واتِ، مَتارا، جَنھِن مارِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 10 ]
وَٽِيُون ڏيئِي واتِ، مَتارا، جَنھِن مارِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 10 ]
چَنڊَ تُنھِنجِي ذاتِ، پاڙِيان تان نَہ پِرِينءَ سين،
تُون اَڇو ۾ راتِ، سَڄَڻَ نِتُ سوجِهَرا.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 30 ]
تُون اَڇو ۾ راتِ، سَڄَڻَ نِتُ سوجِهَرا.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 30 ]
ڏُکَ لاھِيندا ڏُونگَرَ وو ماءَ، پِرِيَنِ جا مُون کي سَڀَيئِي،
ڏاڍِي ذاتِ جَتَنِ جِي، وِئَڙا ڏِيلُ ڏَھِي،
جَو پَسان سو ڀايان، پِريان جو پَھِي،
ڏِٺا وَڻَ ڪوھِيارَ جا، ويئِي اُڃَ لَھِي،
آئُون ڏورِيندِي اُنِ کي، رائي راتِ رھِي.
[ سُر آبڙي، وايون، 21 ]
ڏاڍِي ذاتِ جَتَنِ جِي، وِئَڙا ڏِيلُ ڏَھِي،
جَو پَسان سو ڀايان، پِريان جو پَھِي،
ڏِٺا وَڻَ ڪوھِيارَ جا، ويئِي اُڃَ لَھِي،
آئُون ڏورِيندِي اُنِ کي، رائي راتِ رھِي.
[ سُر آبڙي، وايون، 21 ]
گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، تُرَھي ناھي تاتِ،
اَچِي پيئِي ڪُنَ ۾، جِتي ڏِينھُن نَہ راتِ،
عاشِقاڻِي ذاتِ، مُئِي مَلَهائي سُهڻِي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 28 ]
اَچِي پيئِي ڪُنَ ۾، جِتي ڏِينھُن نَہ راتِ،
عاشِقاڻِي ذاتِ، مُئِي مَلَهائي سُهڻِي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 28 ]
توڏِيءَ کي تَعظِيمَ، ٻِيَنِ سَڀَنِئان اَڳِرِي،
اوڏِي ٿِي اَلِفَ کي، مَنُ گَڏَيائين سين مِيمَ،
جيلان ذاتِ حَلِيمَ، مِلي تي ميھارَ کي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 11 ]
اوڏِي ٿِي اَلِفَ کي، مَنُ گَڏَيائين سين مِيمَ،
جيلان ذاتِ حَلِيمَ، مِلي تي ميھارَ کي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 11 ]
اَچِي اولَڙِي ڪيرَ ڪيرَ، وَٽان پاڻِيءَ وارِيين،
نالي سُڄي سُهڻِي، ذاتِ نِڄاڻان ڪيرَ،
گَهڙي گهورَ نَہ جَهلِي، پَٽِ نَہ کُتِسَ پيرَ،
کُڙيُون کُنِهبي رَتِيُون، ميندِيءَ رَتَڙَسِ پيرَ،
ھِتِ گهُرِجين ھيرَ، سَنڀُوڙو سِيڻاھِ سين.
[ سُر سھڻي، وايون، 9 ]
نالي سُڄي سُهڻِي، ذاتِ نِڄاڻان ڪيرَ،
گَهڙي گهورَ نَہ جَهلِي، پَٽِ نَہ کُتِسَ پيرَ،
کُڙيُون کُنِهبي رَتِيُون، ميندِيءَ رَتَڙَسِ پيرَ،
ھِتِ گهُرِجين ھيرَ، سَنڀُوڙو سِيڻاھِ سين.
[ سُر سھڻي، وايون، 9 ]
سَڌائِتِي سَڀَڪا، بُکَ نَہ باسي ڪا،
جيھِيءَ تيھِيءَ ذاتِ جِي، جُنبَشِ ڪانِهي جاءِ،
مُون سين ھَلي سا، جا جِيءُ مِٺو نَہ ڪَري.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 2 ]
جيھِيءَ تيھِيءَ ذاتِ جِي، جُنبَشِ ڪانِهي جاءِ،
مُون سين ھَلي سا، جا جِيءُ مِٺو نَہ ڪَري.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 2 ]
ڪَمِ قَرابَتَ جَنِ جِي، ھِتي آيَمِ ھِيئَن،
رِفاقَتَ راڱَنِ جي، پَھتِيَسِ پَھَرَ سِيئَن،
ماڻُهو مَلاحِظو تَنھِن جو، ڪيچِ نَہ ڪَندا ڪِيئَن،
ذاتِ نِسورِي نِيَ، پَرَ سَڌَرَ سين سَڱُ ٿِئو.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 19 ]