Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
سُر جا ٻيا داستان
- سُر ڪارايل جَي وايون جي وائِي
ھَنجَڙا نَہ پَسان ٿِي سي، جي اُڏامِي وِئا واھيرَنِ تي،
پَکِي جي پَرَڏيھَ جا، ساجُهرِ وِئا سَرَ تي،
موتِي جَنِ ماڳَنِ ۾ لالُون لَھَنِ تِتي،
جَنِ جو عَھدُ اللهَ سين، ڪِيئَن رَھندا ھِتي.
رسالن ۾ موجودگي: 31 سيڪڙو
سمجهاڻي
اڄ اهي ھنجهہ ڏسڻ ۾ ڪونہ ٿا اچن، اهي سڀئي اڏامي وڃي پنھنجن پنھنجن آکيرن ۾ لڪي ويٺا آهن. جيڪي پکي پرديس مان ڪھي اچي پھتا هئا، سي سوير پاڻيءَ جي چشمن تي هليا ويا. جن هنڌن تي موتي ملن ٿا، هو انهن جاين تي وڃي موتي پيا ڳولين. جن جو الله سائينءَ سان وچن وعدو ٿيل آهي، سي هتي ڪيئن رهندا. عبداللطيف چوي ٿو اهي پاڻهي اصلي ماڳ ڏانھن گهڻو پري وڃي چڪا آهن (هو هتي ترسڻ وارا ناهن).
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود ڪارايل، بيت نمبر : 3943
هَنجَّرَا نَپَسَان ٿِيْ سٖيْ اُڎَامِيْ وِئَا وَاهٖيْرَنِتٖيْ﮶
پَکٖيْ جٖيْ پَرَڎٖيْھَجَا سَاجُرُ وِئَا سَرَتٖيْ﮶
مُوْتِيْ جَنِ مَاکَنِم﮼ لَالٌ لَھَنِ ٿَا تِتٖيْ﮶
جَنِجُوْ عَھْدُ اَللہَ س﮼ سٖيْ ڪِيَ رَهَنِ هِتٖيْ﮶
اُهٖيْ عَبْدِ اللَّطِيْفُ چٖيْ پَانِ وَهِيَا پَرَتٖيْ﮶
ھِي وائي ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
हन्जड़ा न पसां थी से। जे उडा॒मी विआ वाहेरनि ते।
पखी जे परडे॒ह जा। साझुरि विआ सर ते।
मोती जनि माग॒नि में। लालूं लहनि तिते।
जनि जो अह्दु अल्लाह सें। कीअं रहंदा हिते॥
ROMAN SINDHI
HanJhra'a naa pasa'an thee se'e, jay uDameiy waheran'n tey,
Pakhhi jay parDeh'a jaa, saajhur wea'a sar'a tey,
Motteiy jin'n maGan me laaloon lahan tateiy,
Jin'n jo ahed'u Allah seein, kein'a rhanda hitey.