Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
سُر جا ٻيا داستان
- سُر ڪارايل جَي وايون جي وائِي
ھَنجَ ھُوندَ ڙي ھيجُ، ڪيرُ ڪَرِيندو ٻَگهَہ سين،
ماڻِڪَ چُوڻُو جَنِ جو، موتِي سَندُنِ ڏيجُ،
سَرَ ۾ سُکائُون ڪَري، روئِي ڪَندِيَسِ ريجُ.
رسالن ۾ موجودگي: 5 سيڪڙو
سمجهاڻي
ھنجهہ جھڙان (سهڻين عادتن وارن) پکين سان ئي پريت ڪرڻ گهرجي. (بدعادت) ٻگهن (ڪانيرن) سان ڪير پريت ڪري سگهي ٿو. اهي ڪنھن کي ٿا پسند اچي سگهن. هنجهن کي سور سوکڙي ۽ ڏک ڏاج ۾ ملن ٿا (هو تڪليفن جا هريل آهن). اهي ھنجهہ ئي آهن جن گپ ۽ چڪ کي چھنب هڻي جانچيو بہ ڪونہ! هو تہ تکو تيز وهندڙ اجرو پاڻي پيئن ٿا. ھنجهہ پکي تازي ۽ ججهي پاڻيءَ جي پيئڻ جا عادي آهن، هو ڪڏهن بہ گدلو ۽ ساواڻ وارو پاڻي ڪونہ پيئن. هو اونهي پاڻيءَ جو عاشق آهي هميشه انهيءَ اونهي پاڻيءَ ۾ پيو تڙڳي ۽ دٻي يا کڏ کوٻي واري پاڻيءَ ۾ نہ ڪو گهڙي نہ ڪو پيئي.
[مثنويءَ ۾ پڻ ان طرف هيئن اشارو ٿيل آهي:
سوي دريا عزم کن زين آبگير،
بحر جو و ترک اين گرداب گير.
(دفتر چهارم، ب- 2234)
معنيٰ: هن ننڍڙي تلاءُ کان نڪري درياھ جو رخ ڪر. بلڪہ سمنڊ ڏانھن منھن ڪر ۽ پاڻيءَ جي هن ڪُن مان نڪر.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
ھِي وائي ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
हन्ज होंद ड़े हेजु। केरु करींदो ब॒घ सें।
माणिक चूणू जनि जो। मोती संदुनि डे॒जु।
सर में सुखाऊं करे। रोई कंदियसि रेजु॥
ROMAN SINDHI
Hanjh'a honD'a rhe hejh'u, kair kareindo baGh'a seein,
Manak'a chuno jin jo, mottei sandun'n deJh'u,
Sar'a me sukha'on karey, roeiy kande's reJh'u.