Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
سُر جا ٻيا داستان
- سُر بروو سنڌي جَي وايون جي وائِي
ھاڻِ اِيندو ھاڻِ اِيندو، مُنھِنجو سَڄَڻُ سائِين،
نِماڻِيءَ جو نِجُهرو، پاسي پاڻَ اَڏِيندو،
مَٿان لَڪَنِ ساٿَڙو، صَحِي سَلامَتَ نِيندو،
آڱُرِ لائي اَنڌِيُون، نيئِي وَسِينءَ ۾ وِجَهندو،
مَھِندِ ٿِيندو مُصطَفيٰ، پُٺِيءَ لوڪُ لَنگهِيندو.
رسالن ۾ موجودگي: 72 سيڪڙو
سمجهاڻي
مون کي (وڏو آسرو آهي) تہ هو ڄاڻ آيو، اجهو آيو، (بس!) منھنجو سڄڻ سائين اچڻ وارو آهي. هو مون نماڻيءَ مسڪين جو گهر پنھنجي پاسي ۾ ٺاهيندو. اُنهن ڏکين واٽن (گسن، پيچرن) تان هو پنھنجي سرواڻيءَ ۾ منھنجو قافلو صحيح سلامت وٺي هلندو. آڱر هٿ ۾ ڏيئي انڌين (ڀٽڪيلن) کي دڳ لائيندو. (مون کي اميد آهي تہ) حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم پاڻ اڳيان اڳيان هوندو ۽ باقي ٻيا سڀ سندس پوئتان لنگهي پار پوندا.
[مثنوي روميءَ ۾ انڌن محتاجن کي اڳتي ٽپائڻ جو اهو خيال هنن لفظن ۾ بيان ٿيل آهي:
پس بکش تو زين جھان بي قرار،
جوق کوران را قطار اندر قطار.
هين روان کز اي امام المتقين،
اين خيال انديشگان را تا يقين.
(دفتر چهارم، ب-1470 ۽ 72)
معنيٰ: (اي مٺا مرسل) تون ئي هن ناپائدار جھان مان انڌن جي ٽولين کي دڳ لائي اڳتي وٺي هل. اي سچن ۽ پرهيزگارن جا اڳواڻ، جيڪي شڪ شبھن ۾ ڦاٿل آهن، تن کي ايمان جي پڪ ۽ يقين ڏياري منزل تي پھچايو.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود بروو سنڌي، بيت نمبر : 2185
هَانِ اِيْدُوْ هَانِ اِيْدُوْ مُھْجُوْ سَڃَنُ سَاءٍ﮶
نِمَانِيَ جُوْ نِجُرُوْ پَاسٖيْ پَانَ اَڎِيْدُوْ﮶
مَٿَا لَڪَنِ سَاٿَرُوْ صَحْيُ سَلَامَةَ نِيْدُوْ﮶
آَکُرِ لَائٖيْ اَڌِيٌ نٖيْئِيْ وَسِيَ م﮼ وِجَندُوْ﮶
مَھْدِ ٿِيْدُوْ مُصْطَفى پُٽِيَ لُوْڪُ لَـکَندُوْ﮶
ھِي وائي ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
हाणि ईंदो हाणि ईंदो। मुंहिंजो सज॒णु साईं।
निमाणीअ जो निझिरो। पासे पाण अडीं॒दो।
मथां लकनि साथड़ो। सही सलामत नियंदो।
आङुरु लाए अंधियूं। नेई वसींअ में विझंदो।
महिंदि थींदो मुस्तफ़ा। पुठीअ लोकु लंघींदो।
ROMAN SINDHI
haann'ay eendo haann'ay eendo, munhinjo sajjann'u saa'een,
nimaanni'a jo nijhuro, paasay paann'a addeendo,
mathaa'n lakan'ay saatharro, saHi salaamat'a neendo,
aangar'u laa'ee andhhiyoo'n, nee'ee waseen'a mayn wijhando,
mahind'ay theendo Mustafaa, puthhi'a lok'u langhheendo.
TRANSLATIONS
I hope he will come now. O Allah! May my Beloved (i.e. the Prophet) come to me! (Inshallah) he will take the blind persons (i.e. the sinners) by his finger and guide them to the habitable areas (Paradise).
He will kindly provide a hut for this meek person near his own.
He shall guide to safety the caravan (of his followers) over the hills.
(Inshallah) he shall be the leader and the mankind shall proceed under his leadership!
Abdul Latif says: “The Friend shall come and give the necessary exhortations to me”.
He will come now, hopefully my beloved will come,
Taking the blind by finger he will take them to habitation,
He will build hut of this humble near his own,
He will lead the caravan safely through the hills,
Muhammad shall be the leader, people will follow him,
The friend will come and solace Abdul Lateef.
وہ پیارا ساجن آئے گا
اور ساتھ مجھے لے جائے گا
خود ہاتھ پکڑ کر اندھی کو
آبادی میں پہونچائے گا
ان گھاٹوں کا کیا خوف مجھے
وہ بیڑا پار لگائے گا
وہ پیارا نبی رہبر بن کر
اک سیدھی راہ سمجھائے گا
کہتا ہے ’لطیف‘ کہ اے سکھیو
وہ پیارا دھیر بندھائے گا
ساجن اک دن آئے گا، مجھ کو سنگ لے جائے گا،
مجھ اندھی کا ہاتھ پکڑ کر، سیدھی راہ دکھائے گا،
مجھ برہن کی کُٹیا میں وہ ساجن اک دن آئے گا،
اندھیارے رستے ہیں ساجن، جگ مگ دیپ جلائے گا،
سب کا کھیون ہار محمدؐ، بیڑا پار لگائے گا،
آکر آپ، لطیف کو ی جی، تیری دھیر بندھائے گا۔