Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر بروو سنڌي جَي وايون جي وائِي
ھوتُ نيڻان جو دِلِبَندُ، ڀَلو جانِي،
ھيڏَانھَن ھوڏانھَن سُپِرِين، ڪاڏي وَرايان ڪَنڌُ،
چَڙِهي ڏاڍِين ڏُونگَرين، راھَ پُڇايان رَندُ،
سَيِّدُ سَڀَنِئا سُهِڻُو، سائِينءَ جو سوڳَندُ.
رسالن ۾ موجودگي: 66 سيڪڙو
سمجهاڻي
اهو ئي منھنجي اکين جو محبوب (ٺار) آهي، (اهو ئي منھنجي اکين ۾ سمايل آهي). اهو ئي منھنجي اکين جو دادلو دوست آهي. او جيڏيون، او سرتيون، اها ڀلي ڳالهہ آهي، ٻڌو ۽ سڻو! منھنجو سڄڻ هر جاءِ تي موجود آهي. آءٌ پنھنجو ڪنڌ ڪھڙي ڪھڙي پاسي ورايان. مان اجايو هن جي لاءِ ڏکين پھاڙن ۽ جبلن ۾ بہ پيئي رستا ۽ پيچرا پڇايان! منھنجو محبوب سڀني کان حسين آهي. مون کي مالڪ سائينءَ جو قسم آهي، سڄي جھان کي جنھن جو آسرو آهي (پيغمبر اسلام جي ذات بابرڪات) مون کي پڻ ان جو آسرو ۽ آڌار آهي ۽ منھنجو پنڌ بہ اوڏانھن آهي.
[هن وائيءَ ۾ رسول الله صلي الله عليه وسلم سان جنھن والھانہ عشق ۽ عقيدت جو اظھار ڪيو ويو آهي، اهو ساڳيو انداز مثنويءَ ۾ ’مسجد ضرار‘ جي قصي هيٺ ملي ٿو. اتي ئي لفظ ’سوگند‘ جو بار بار استعمال ملي ٿو.
چون ندارد مردکز در دين وفا،
هر زماني بشکند سوگند را.
راستان را حاجت سوگند نيست،
ز آنک ايشان را دو چشم روشنيست.
(دفتر دوم، ب- 2873-74)
معنيٰ: جيڪي ماڻهو دين ۾ سچا ناهن، سي هر وقت پنھنجو قسم ٽوڙيندا رهن ٿا، پر سچن کي وري قسم جي ضرورت ناهي، ڇو تہ سندن ٻيئي اکيون روشن آهن.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود بروو سنڌي، بيت نمبر : 2216
هُوْتُ نٖيْنَانجُوْ دِلْبَندُّ ڀَلُوْ جَانِيْ﮶
هٖيْڎَہْ هُوْڎَا سُپِرٍ ڪَاڎٖيْ وَرَايَان ڪَنڌُ﮶
چَرِيْ ڎَاڊ﮼ ڎُنکَر﮼ رَاہَ پُڇَايَان رَندُّ﮶
سَيِّدُ سَڀَنِئَا سُھِنٌ سَائِيَ جُوْ سُوْکَندُّ﮶
ھِي وائي ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
होतु नैणां जो दिल्बंदु। भलो जानी।
हेडं॒हं होडां॒हं सुपिरीं। काडे॒ वरायां कंधु।
चड़िही डा॒ढें डूं॒गरें। राह पुछायां रंदु।
सयदु सभनिआं सुहिणो। साईंअ जो सोगं॒दु।
ROMAN SINDHI
hot'u nennaa'n jo diliband'u, bhalo jaani,
heddaanh'a hoddaanh'a supireen, kaadday waariyaa'n kandh'u,
charrihay ddaadhheen ddoongareen, raah'a puchhaayaa'n rand'u,
Sayyad'u sabhani'aa suhinnoo, saaeen'a jo soggand'u.
TRANSLATIONS
O Friends! My Beloved (i.e. Allah) is the idol of my eyes. Bravo, O friend! He is Immanant in the universe. I hardly need turn my head in any particular direction to have a view of Him.
صد جلوہ روبرو ہے جو مژگاں اٹھایئے
You will see His hundred manifestation if you raise your eye brows.
But I climb on different summits of mountains to locate the road leading to Him.
“O Sisters! says Abdul Latif “Allah, the Independent, shall join me with the Beloved”
Beloved is darling of my eyes, dear mates,
He is here, is there, where I turn my head,
Climbing mountain I find his path,
I solemnly say, o mates, my beloved is most
beautiful among all,
Abdul Lateef says, mates Allah the Independent shall
join me with the beloved.
رگ رگ میں بسا وہ پیارا ہے
وہ پیارا سب سے نیارا ہے
وہ پیارا آنکھ کا تارا ہے
میں پربت پر چڑھ جائوں گی
اور اس کو ڈھونڈ کے لائوں گی
اب سارے جگ میں اے سکھیو!
بس وہ ہی ایک سہارا ہے
وہ پیارا آنکھ کا تارا ہے
ہوت وہ نینوں کا دلبند، الو میاں!
ہر جا اپنا پریتم دیکھوں، وہ ہی گل وہی قند،
راہ تکوں ساجن کی ہر دم، مشکل ہے ہر چند،
پریتم میرا سب سے سندر، سائیں کی سوگند،
سکھیو! شاہ لطیف کہے ہے، ملے گا وہ دلبند۔
