جِمَ بابت
معنيٰ
متان، شايد
May be
بيتن ۽ وائين ۾
- سُورِيءَ تي سَئو وارَ، ڏِھاڙِئو چَنگِ چَڙھين، جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيين، سِڪَڻَ جِي پَچارَ، پِرتِ نَہ پَسِين پارَ، نِينھُن جِئائِين نِڱِئو.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- ڌَنءُ ڌَنءُ ڌَمَڻِوارَ، اَڄُ پُڻ آڳَڙِيَنِ جِي، ٻاري مَچُ مَجازَ جو، اوتِيائُون اَڱارَ، ڌُوڌا ٿِيءُ مَ ڌارَ، جِمَ ڪَچو رُڪُ…[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- عاشِقَ مَعشُوقَنِ جِي، وَٺِي ويھُ ڳَرِي، جِمَ وِرچِي ڇَڏيين، سَندِي دوسِتَ دَرِي، ٻُڪِي ڏيِندَءِ ٻاجَهہ جِي، ويندَءِ ٺَپَ ٺَرِي، اَسان…[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- عاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺِي وِھِجِ گَهٽُ، جِمَ وِرچِي ڇَڏيِين، ڪَلاڙَ ڪو ھَٽُ، اُڀِجِ وَڃِي اُتَهِين، جِتِ موکِيءَ سَندو مَٽُ، ڪَري…[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، عاشِقَ ٿِيءُ آچامُ، سَمُھان سَلَ سَيِّدُ چئَي، ڪَندَءِ تِيرَ تَمامُ، ڪَھِجِ ڪو مَ ڪَلامُ، جِمَ دوسِتَنِئُون…[ سُر يمن ڪلياڻ - محبت جو ميدان ۽ ڪانُ ]
- ڪَرِ سَمُنڊَ سيواھاڻِ، ماڻِڪَ موتِي تي لَھين، مَٿي چِلُڙَ چورِيين، وِھِيِن جِمَ وَڏاڻُ، ڏيئِي ڏيڏَرِيُون ڏاڻُ ڪَڏِھِين سُڪِي ويندُءِ سيگَهہ…[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- وَکَرُ وِھايُئِي لُوڻُ، ٿو رُنگَ کَٿُورِيءَ گُهرين، ڀُنگو تُنھِنجو ڀَرِ تي، جِمَ ڳالَهائِين ڪُوڙُ، جِمَ وِڃائِيين مُورُ، کَٽِئو تُنھِنجو تو…[ سُر سريراڳ - املهہ وکر ]
- ڏوري لَھُ ڏاتارُ، جِمَ وِھين ويسَلو، ھَڪِيو ھوئِجِ ھوشِيارِ، کِوَڻِ کِوَندِيَئيِ اوچتِي.[ سُر سريراڳ - توڪل، جاڳ سجاڳ ]
- ساٿِيَنِ نَنڌا بارَ، تَنِ پانڌِيَنِ نَنڌا بارَ، توکي آرَسُ اَکِيُنِ ۾، پاتا پاڙي وارِيين پَڳَھَ ۾ پاتارَ، پَتَڻُ ٿو پُورَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- پَڳَھَ پاسي گهارِ، آيَلِ سامُونڊِيَنِ جي، وِجِهي جِيءُ جَنجارِ، جِمَ وَڃَنَئِي اوھَرِي.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- پَڳَھَ پاسي پَچُ، آيَلِ سامُونڊِيَنِ جي، مَنَ ۾ ٻاري مَچُ، جِمَ وَڃَنَئِي اوھَرِي.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- ويھُ مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾، ڪَرِ ڪو واڪو وَسُ، جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيين، سَندو گُنگنِ گَسُ، ڏورَڻَ مَنجهان ڏَسَ، پُوندُءِ ھوتَ…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- وَڃَڻَ ڪِجي وَسُ، سيڻَنِ ڪارَڻِ سَسُئِي، جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيين، سَندو گُنگن گَسُ، ڏوٿِي ڏِيندا ڏَسُ، توکي ٻاروچَنِ جو.[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- پَسِي ڏُونگَرَ ڏاھَ، جِمَ ھَلَڻَ ۾ ھيڻِي وَھين، لانچي لَڪُ لَطِيفُ چئَي، پُٺِيءَ ڪيچِيَنِ ڪاھِ، پُڇِي پُورِجِ سَسُئِي، بَلوچاڻِي باھِ،…[ سُر آبڙي - واقف وڻڪار، وڏا وڻ ]
- سُڻِي ٻولَ سَندانِ، جِمَ سُمهين سَسُئِي، ڪَندِينءَ ڪوھُ ڪيڻانِ، جُھ سي اُنِ اورانگهِئا.[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- پاڻُ نَہ ٿِئي پاڻَ کان، پاڻان ٿِيين پاڻُ، ڄاڻِي ڏِسِجِ ڄاڻَ کي، ڄاڻِي مَنجهان ڄاڻَ، جِمَ سُمهين سَسُئِي، ٿِيجِ پَنڌِ…[ سُر آبڙي - سڀ ڪجهہ سندي اندر ]
- توکي ڳَھَرَ ڪِئو، ھُو ٿا ھوتَ ھَلَنِ، ڳوڙِھا سِرِ ڳَلَنِ، جِمَ وِھاڻِيءَ وَھائِيين.[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- غافِلِ غَفلَتَ ڇوڙِ، تُون ڪِيئَن اَڻاسِي اوجِهرين، چُپاتا چَڙِھِي وِئا، وَڃِي پَھتا توڙِ، نيڻين نِنڊَ اُکوڙِ، جِمَ وَرَنِ ۾ واڪا…[ سُر ڪوھياري - نِدورِي نِنڊ ]
- جيڏِيُون جِمَ سُمهو، نِنڊَ ويرِياڻِي ھوءِ، مَتان مُنجِهي رَھو، واڪا ڪَري ويڙِه ۾.[ سُر ڪوھياري - نِدورِي نِنڊ ]
- حُسَينِيءَ جي ھاڪَ، مادَرِ مارِي آھِيان، ڏيھان ڏورَڻُ ڏُکَ سين، راتِيان چِڻِڪَنِ چاڪَ، ڊِڄان ڀَرِ فِراقَ، جِمَ پوئيمِ پِرِينءَ سين.[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- اُٿِي پَھُ پَرُوڙِ، ساجُهرِ سُپَيرِيَن جو، ڏُونگَرَ ڌَڻِي ڏُورِ جِمَ وَڃَنَئِي نِڪِرِي.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- تو تان سانگُ نَڪو، ماري مِيرُ وِڌوءِ، ھيڏو قَھَرُ ڪِئوءِ، مَولا جا مَڱڻا، ھادِيءَ جا مَڱڻا، توکي تَرسُ نَڪو، آيُون…[ سُر سورٺ - وايون ]
- جانۡ جانۡ ناھِ نَصِيبَ ۾، مُومَلَ مَينڌَرو، پُوندوءِ جِمَ پانھِين وَرين، مَنجهان پِرتِ پَرو، راڻي لَئي مَ رو، ويھُ طَعني…[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- مَينڌَرا مُون کي، راڻا جِمَ وِساري ڇَڏِيين، مُون کي طَعنا تُنھِنجا، ڏيھُ مِڙيوئِي ڏي، راڻِي تي رِيسَ ڪِي، کَرَ سين…[ سُر راڻو - وايون ]
- لِيلان جِمَ لَکائِيين، سُوڀِي ساڻُ سُڄاڻِ، آھِين گهَڻو اَڄاڻِ، مَڇُڻ پُوري نَہ پَئين.[ سُر ليلا - ھاڻي ويٺي رو ]
- لِيلان جِمَ لَکائِيين، چَئِي چَنيسَرَ ساڻُ، جَو تو ڀانيو پانھِنجو، سو ريساڻُو راڄاڻُ، پاڻان ڌارَ پَرياڻُ، ڪانڌَ ڪَنھِين جو نَہ…[ سُر ليلا - ھاڻي ويٺي رو ]
- لِيلان جِمَ لَکائِيين، چَئِي چَنيسَرَ ساڻُ، وَرَ سين وِڙِھِئو اُٿِيين، مُوڙِھِي مُٺِئي پاڻُ، ڀورِي ڪِيُئِي ڀاڻُ، آيُئِي ڏَنءُ ڏُھاڳَ جو.[ سُر ليلا - ھاڻي ويٺي رو ]
- مَ لَئُنِ ڪُونجِي ماٺِ ڪَرِ، چورِ مَ ھِنيين سَلَ، ڳوڙِھا مَٿي ڳَلَ، جِمَ وِھاڻِيءَ وَھائِيين.[ سُر ڏھر - وڳرين ڪُونجون ]
- ھيٺِ کَٿو ميرو مَٿو، لِڱَ ڀَڪُلِئا ڌُوڙِ، اُٿِيَنِ جي اَسُورِ، لاکا جِمَ لَڄائِيين.[ سُر ڏھر - اڄ گهرجين تُون ]
- سَٻَڙُ ساھَ پَساھَ، جاجِڪَ جِمَ وِسارِيين، ريھي رُپي سَندِيُون، تَندُون تُنبي کي پاءِ، لَنگها تُون لِيلاءِ، اَڳِئان اُنَڙَ ڄامَ جي.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- توڻي تُون ڪاتارِ جِمَ ھيڪَلِي ڀيرِيين، ڏِٺِي ڪا ڏُئارِ، صَرافَ تُنھِنجي سُٽَ ۾.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- ڪيھَرَ ڪوڙي لَڳُ، جو ھاٿِيءَ جو ھَڏُ گُهري، پَسي وَڏو وَڳُ، جَنبُو جِمَ جُھارِيين.[ سُر ڪيڏارو - داستان پھريون ]
- ڪُرَھا ڪيسَرِئا، وَرِيومِ آھِين بُکِئو، لاھي ھامَ ھِنيان، جَنبُو جِمَ جُھارِيين.[ سُر ڪيڏارو - داستان پھريون ]
- اُنَ اوڍَڻُ پَلُرُ پِيَڻُ، جَنِ جا پيرَ مَٿي پَٽَ پاڪَ، وِھَڻُ وَراچَنِ ۾، اُنِ جِي اَجوکِي اوطاقَ، سيئِي سارِئَمِ سُومَرا،…[ سُر مارئي - سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ ]
- ھارِئا ھَنجَ ٻَگهَنِ سين، ڪِھَڙِي ٻَڌين ٻيلَ، ميرو مَٽائي تُون، اَڇي ڪَرِ اُڪيلَ، ڪَنگَنِ سين ڪويلَ، لَلا جِمَ لُڙُ پِيين.[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]